تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ٿاڻوبولاخان: ٽائون ايڊمنسٽريٽر جي گڏجاڻي، شهرين جون دانهون

ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان ۾ ٽائون ڪاميٽي ٿاڻو بولاخان جي مقرر ٿيل نئين ايڊمنسٽريٽر عبدالقادر اقبالاڻي چارج وٺڻ کان پوءِ شهر جي مختلف برادرين جي ماڻهن ۽ سماجي شخصيتن سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي شھرين پاران شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي، صفائي، اسٽريٽ لائيٽ ۽ ٻين مسئلن بابت شڪايتون ڪيون ويون. شھرين جو چوڻ هو ته شھر ۾ واٽر سپلاءِ جو نظام صحيح نه هجڻ ڪري مٺو پاڻي ڪيترن ئي ڏينهن تائين نٿو ملي جنهن ڪري رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. شهرين چيو ته شاھي بازار ۽ ٻين جاين تي صفائي جو نظام اڻپورو آهي، هر هنڌ گندگيءَ جا ڍير لڳل آهن. ان موقعي تي ايدمنسٽريٽر چيو ته شھر جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جلد تڪڙا قدم کڻي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

Bookmark the permalink.