تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ٿاڻوبولاخان جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ پهچي وئي، فصل کائي چٽ

ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان جي مختلف علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لکن جي تعداد ۾ ماڪڙ پهچي وئي آهي، جنهن آسپاس فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ ڳوٺ خان محمد پالاري، ڳوٺ موٽيو سک پالاري، ڳوٺ عالم پالاري، ڳوٺ مٽر پالاري ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ پهچي وئي آهي، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن. آبادگارن جو چوڻ آهي ته ماڪڙن باراني فصل گوار، مڱ، تر، جوئر ۽ بصر جو ٻج ۽ ٻيو فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسپري ڪرائي فصلن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.