تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ٿائي لينڊ ۾ هاٿي گاڏي تي چڙهي ويو، مسافر محفوظ، وڊيو وائرل

ڪار سوار نيشنل پارڪ ويجهو گذري رهيو هو ته هاٿي ڊوڙندي سندس گاڏي مٿان چڙهي ويو

ڊرائيورن کي اهو خيال رکڻ گهرجي ته هاٿي جي ويجهو نه وڃن: ڊائريڪٽر

بنڪاڪ (دلچسپ نيوز) ٿائي لينڊ ۾ هاٿي گاڏي تي چڙهي ويو جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ٿائيلينڊ ۾ هڪ هاٿي ڪار تي چڙهي ويو جنهن دوران ڪار سوار گاڏي روڪي ورتي ۽ پنهنجي حياتي بچائي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 35 سالن جو هاٿي گاڏي تي چڙهي رهيو آهي جڏهن ته اتان گذرندڙ مسافر واقعي جي وڊيو ٺاهي پنهنجي ڪيمرا ۾ محفوظ ڪري رهيا آهن. هاٿي ان دوران گاڏي جا شيشا به ٽوڙي ڇڏيا ۽ گاڏي جي ڇت کي پڻ نقصان پهچايو. نيشنل پارڪ انتظاميا چواڻي ٿڌ جي موسم ۾ هاٿي سياحن جي آجيان ڪئي آهي. ڊائريڪٽر نيشنل پارڪ جو چوڻ هو ته وچولي عمر جي هاٿي ڪنهن گاڏي يا شخص کي نقصان ناهن پهچائيندا. هنن ڊرائيورن کي صلاح ڏني ته هو هاٿي کي روڊ تي ڏسندي گاڏي روڪين ۽ جڏهن هاٿي ويجهو اچي ته گاڏي کي پوئتي ڊوڙائين. ڊائريڪٽر موجب سياح ان دوران هاٿي جون تصويرون وٺڻ کان به پاسو ڪن ٻي صورت ۾ ان شخص ۽ سندس گاڏي کي به نقصان پهچي سگهي ٿو.

Bookmark the permalink.