تازا ترين
  • *راڌڻ: ٿرڙي محبت ويجهو ٻٽ ٻڌل جوابدار پاران 8 سالن جي معصوم ٻارڙي آصفه جانوري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش*
  • *ڪراچي: آصف زرداري ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: حڪومت پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام: سنڌ ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر، هلندڙ سال انگ 16 ٿي ويو * ڪراچي/حيدرآباد: ميرپورخاص شهر جي نينگر عرفان سيال ۽ ڊگهڙي ويجهو نينگر ريحان کي پوليو جي تصديق *
  • *ڪراچي: اڻڄاتل ماڻهن عزيز آباد جي جناح گرائونڊ ۾ يادگارِ شهداء کي ڊاهي ڇڏيو * ڪراچي: نسل پرست طبقو ان تخريبڪاري ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو، شرافت کي بزدلي ۽ ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: خالد مقبول صديقي *
  • *ڪراچي: سنڌ اندر ڪاپي ڪلچر جون پاڙون مافيه جيان مضبوط ٿي ويون آهن، امتحاني مرڪزن جي نگراني لاءِ مئجسٽريٽ مقرر ڪيا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سيشن ججز کي حڪم * ڪراچي: عدالت سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاليسي موجب جديد تعليم لاءِ 11 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، هر ٽئين مهيني بعد اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم * ڪراچي: پاليسي لاڳو ڪندڙن جا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ نه ٿا پڙهن، تنهنڪري نظر انداز ڪيو ويو، ناڪامي تي توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي: عدالت *
  • *ٽنڊي آدم ۾ ڀيڻ کي طلاق وٺرائڻ تان ڀيڻيوي تنوير چشتي پسٽل جا فائر ڪري سالَي 35 ورهين جي منور چشتيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو * ٽنڊوآدم: جوابدار تنوير گهرواري تي تشدد ڪندو هو، مقتول خلع لاءِ درخواست داخل ڪرائي: وارث * ٽنڊوآدم: واقعو گهرو اڻبڻت جو نتيجو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن: پوليس *
  • *گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت مجاهدان شيخ فوت، نينگري جويه شيخ سميت 3 زخمي*
  • *روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي*
  • *ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پٽ پير بخش گولو جي اغوا جي تصديق، وارثن سان فون تي رابطو، بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي زور * ڪنڌڪوٽ: مغوي نوجوان غلام مصطفيٰ گولو پنهنجي چاچي کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو * ڪنڌڪوٽ: نوجوان 15 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنڀجي ويو هو *
  • *لکي غلام شاهه ويجهو اسڪول ۾ شاگردياڻي زيبا ڌيءُ استاد جاويد علي ڪلوڙ بيهوش، اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ويجهو چوري دوران هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي خون جو جرڳو: 27 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * تنگواڻي: سردار محبوب خان بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو، شاهه محمد جعفري تي الزام ثابت * تنگواڻي: جوابدار ڌر ڏنڊ جي رقم مان 2 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي *
  • چيف جسٽس طرفان پي آءِ سي ۾ هنگامن تي افسوس جو اظهار*وڪيل ۽ ڊاڪٽرز معتبر پيشا آهن، اُميد ته مستقبل ۾ به وري نه ٿيندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسه*
  • نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون: نيب جا نارووال ۾ ڇاپا*
  • اٽارني جنرل انور منصور کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست*انور منصور جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي: درخوست ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو *

پ پ ليڊيز ونگ بدين ۾ سرڪاري ملازمن کي عهدا مليل هئڻ جو انڪشاف

پاپوليشن ويلفيئر کاتي ۾ ايچ ايچ وي امينا کي ضلعي جي سينيئر نائب صدر جو عهدو مليل

اميناجي ڌيءَياسمين صحت کاتي۾اسٽاف نرس هئڻ سان گڏپ پ ليڊيزونگ جي عهديدار

بدين(رپورٽ: حميد سومرو) بدين ۾ سنڌ سول سروس سرونٽ قانون جي ابتڙ سرڪاري کاتن ۾ ملازم عورتن ۽ مردن کي پيپلز پارٽي جا عهدا ڏنا ويا.پ پ ضلعي بدين لاءِ ليڊيز ونگ جي عهدن تي مقرر اڳواڻن ۾ اڪثر عورتون نه رڳو حاضر سروس سرڪاري ملازم آهن، پر اهي سرڪاري کاتن مان پگھار ۽ معاوضو پڻ وصول ڪري رهيون آهن، ضلعي جي سينيئر نائب صدر امينا ملاح پاپوليشن ويلفيئر کاتي بدين ۾ ايل ايچ وي ۽ سندس ڌيءَ ياسمين ملاح صحت کاتي بدين ۾ اسٽاف نرس آهي، جڏهن ته ضلعي اطلاعات سيڪريٽري ياسمين پٺاڻ اين سي ايچ ڊي بدين ۾ ايجوڪيشن سپر وائيزر طور ڪم ڪري رهي آهي.
سرڪاري ملازم صحافي ٿي سگهن ٿا ته پوءِ سياسي عهدا ڇو نٿا سنڀالي سگهن: رمضان چانڊيو
بدين : پ پ ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڪي به اختلاف نه آهن، سڀ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا، سرڪاري ملازم عورتن کي عهدا ڏيڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيترائي سرڪاري ماستر جيڪي صحافي ٿي ويٺا آهن، انهن کي ڇو ته هٽايو وڃي، هي به سرڪار جو معاملو آهي سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي ويندو.
بلاول جي روڪڻ باوجود پارٽي جا عهدا سرڪاري ملازمن کي مليل آهن: فرحت بچل پرهياڙ جو الزام
بدين: ڪيتريون ئي اڳوڻيون عورت ڪارڪن ۽ عهديدار نئين باڊي ۾ عهدا نه ملڻ ۽ سندن ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب پارٽي جي هاڻوڪي عهديدارن کان سخت ناراض آهن. اڳوڻي تعلقي ناظمه فرحت بچل پرهياڙ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران سرڪاري ملازمن کي عهدا ڏيڻ کان روڪيو پر ان باوجود عورت عهديدار سرڪاري ملازم آهن، آئون 25 سالن کان پارٽي ۾ سرگرم آهيان پر مون کي عهدو ڏيڻ بدران سرڪاري ملازم عورتن کي نوازيو ويو آهي.
آئون 10 سال اڳ رٽائرڊ ٿي وئي آهيان: امينا ملاح
بدين : پ پ ليڊيز ونگ ضلعي جي جنرل سيڪريٽري ساجده ٽالپر سرڪاري ملازم هئڻ واري الزام جي ترديد ڪندي چيو ته پارتي سان اختلاف آهن، جيڪا وڏي ڳالهه ناهي. سينيئر نائب صدرامينا ملاح جو چوڻ ته آئون 10 سال اڳ رٽائرڊ ٿي وئي آهيان، هن وقت ملازم نه آهيان، جڏهن ته ان بابت کاتي جي ڪلارڪ اصغر نوتڪاڻي سان رابطو ڪيوويو ته ان امينا ملاح جي بيان جي ترديد ڪندي چيوته امينا ملاح اسان وٽ بطور ايل ايچ وِي ڪم ڪري سرڪاري پگھار کڻي رهي آهي، جڏهن ته ضلعي جي اطلاعات سيڪريٽري ياسمين پٺاڻ پڻ تصديق ڪئي ته هو اين سي ايچ ڊي ۾ ايجوڪيشن سپر وائزر آهي.

Bookmark the permalink.