تازا ترين
  • *ڪراچي: تعليم کاتي جا آفيسر ۽ ملازم بنا اجازت سيڪريٽريٽ نه اچن: سرڪيولر جاري*
  • *گمبٽ: گمس اسپتال ۾ غلط ڪئنولا سبب عورت مسمات نجمه ڪوري جو خراب ٿي ويل هٿ ڪينسر جي خدشي سبب ڪٽيو ويو، الزام هيٺ آيل نرس خلاف ڪارروائي نه ٿي * گمبٽ: مسمات نجمه ڪوري جو هٿ ڪٽيو ويو آهي پر انصاف ناهي مليو: عورت جا وارث * گمبٽ: جاچ ڪيون پيا، غلفت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: گمس انتظاميه *
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

پ پ ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر جو پٽ نيب هٿان گرفتار

اسلام آباد/بدين(نمائندن وٽان)نيب تلهار ٽائون ڪاميٽي ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر جي پٽ کي گرفتار ڪري ورتو، رمانڊ منظور، ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ عمران ٽالپر جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي، جنهن بعد نيب کيس عدالت ٻاهران گرفتار ڪيو. عمران ٽالپر تي ٽائون ڪاميٽي جي 16 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم سوڍي ڀيل جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ بعد ذاتي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ جو الزام آهي. نيب وٽ 5سالن کان ڪيس هلندڙ آهي، ڪجهه ملازمن پلي بارگين ذريعي 2 ڪروڙ واپس ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت وٺي چڪا آهن.اڳوڻو ٽائون آفيسر نيب سان پلي بار گيننگ ڪري 6 لک رپيا واپس ڪيا. هوڏانهن نيب عمران ٽالپر کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري سندس 18 فيبروري تائين رمانڊ ورتوآهي، کيس 18 فيبروري تي حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته ٽائون ڪاميٽي تلهار جا اهلڪار راجا واڻيو، ميرريحان ۽ ٺيڪيدار ابراهيم ملاح اڃا تائين روپوش آهن.

Bookmark the permalink.