تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

پکو ڀرسان وئگن سان ٽڪر بعد ڪار کاهيءَ ۾ ڪري پئي: هڪ ڄڻو زخمي

پکو (ن پ ا) پکو ڀرسان وئگن سان ٽڪر بعد ڪار ڪلٽيون کائي کاهيءَ ۾ ڪري پئي. هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو. انڊس هاءِ وي تي لاڙڪاڻو ويندڙ وئگن ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن کانپوءِ ڪار ڪلٽيون کائيندي کاهيءَ ۾ ڪري پئي. حادثي جي نتيجي ۾ ڪار سوار نوجوان زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال بعد ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو. اطلاع تي پوليس پهچي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو ۽ وئگن تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.



Bookmark the permalink.