تازا ترين
  • آئين ۽ پارليامينٽ کي بي اختيار ڪري بل پيش ڪيو ويو،حملا ٿيڻ باوجود موقف تي قائم آهيون: پ پ چيئرمين*نانا کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، منهنجي ماءُ ۽ مامن شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو: بلاول*برسات ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 25 لک ماڻهو متاثر ٿيا، بلوچستان ۾ به لکين ماڻهو بي گهر ۽ متاثر ٿيا: بلاول*
  • *ٽنڊي ڄام واسين سان نوري آباد ڀرسان روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، نوجوان زخمي *سوزڪي ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب عبدالڪريم مگسي ٿڏي تي فوت، ساجد مگسي زخمي *
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ۽ نوجوان وارو معاملو *عدالت ناري اسماءَ کي مڙس ارشاد مگسي سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي *مونگي وارثن سان خوف آهي، مونکي قتل ڪري ڇڏيندا: ناري جو عدالت ۾ بيان*
  • *ڪراچي: اي وي ايل سي جي ڪارروائي، موٽر سائيڪلز ڦر ڪندڙ گروهه گرفتار *جوابدارن جي قبضي مان ڦر ڪيل 5 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون: ايس ايس پي سرفراز نواز *جوابدارن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن: ايس ايس پي*
  • *ڪراچي: ٻارڙي مروا قتل۽ زيادتي ڪيس، گرفتارجوابدارن جا فنگر پرنٽس ميچ ٿي ويا: ذريعا *ٻارڙي مروا جي ڪپڙن ۽ جوابدار فيضو جي گهر ۾ بيڊ جا سيمپلز ورتا ويا هئا: ذريعا *جوابدارن جا سيمپلز ميچ ٿي ويا، ٻئي جوابدار اڳ ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪا آهن *
  • *ڪراچي: سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن جي هڙتال سبب سائل سخت پريشاني جو شڪار *وڪيلن جي هڙتال سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿيون، نه ئي جوابدارن کي پيش ڪيو ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ ڳوٺاڻن جو واپڊا عملي جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڳوٺ باغات مالهي واسين واپڊا آفيس آڏو ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *واپڊا عملي بلن جي آخري تاريخ کان اڳ ئي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي: ڳوٺاڻا *بجلي ڪاٽڻ سبب پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرائي وڃي: ڳوٺاڻا*
  • *لاهور: موٽروي تي عورت سان زيادتي وارو ڪيس، پوليس مرڪزي جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي *جوابدار عابد جي گرفتاري لاءِ قصور ويجهو ڪارروائي، جوابدار فرار ٿي ويو *پوليس سرچ آپريشن دوران جوابدار جي 5 عزيزن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو*
  • *اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ڇڪتاڻ برقرار *لاڙڪاڻي ۾ پيراميڊيڪل جي احتجاج دوران اي ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ منهن ماري، ھڪٻئي کي ڌڪا *احتجاجي ڪئمپ کي ڊاھڻ جي معاملي تان پيراميڊيڪل عملو مڇرجي پيو *اي ايم ايس گل شيخ ۽ پيراميڊيڪل اڳواڻن وچ ۾ منهن ماري، ھڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ويا *پيراميڊيڪل عملي او پي ڊيز، ليباريٽريز، سينٽرل اسٽور، سٽي، ايم آر آئي اسڪن مشين کي تالا ھڻي ڇڏيا *مريضن کي دوائڻ ڏيڻ لاءِ آيس ته پيراميڊيڪل عملي بدتميزي ڪئي: اي ايم ايس گل شيخ *
  • *ٺارو شاهه ۾ ڳوٺاڻن جو بجلي جا ڳرا بل اچڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو *ڳوٺ موليڏنو لاڙڪ ۽ ڳوٺ يوسف چنڙ جي رھواسين ايس ڊي او سيپڪو خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو احتجاج ڪيو *ڳرا بل اچڻ ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب عذاب ۾ مبتلا آهيون: ڳوٺاڻا*
  • *گهوٽڪي: سبزي منڊي مان وڪيلن جي چيئمبر کي خالي ڪرائڻ وارو معاملو *سي ايم او گهوٽڪي جي فرياد تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر صدام چند سميت26وڪيلن مٿان ڪيس داخل *وڪيلن جي احتجاج سبب عدالتي ڪارونهوار نه هلي سگهيو*
  • *سُپريم ڪورٽ ۾ اُم رباب جي والد سوڌو ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي *جوابدارن جي عدم گرفتاري تي سنڌ پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ڇنڊ *پوليس ڄاڻي واڻي جوابدارن جي گرفتاري ۾ غفلت ڪري رهي آهي: عدالت *ٻڌايو وڃي ته گرفتاري لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا ويا آهن؟: عدالت جو سوال*
  • *ڪنب: نامعلوم ماڻهن پاران کڏ ۾ مبينا زهر وجهڻ سبب ڳوٺاڻن جي مڇي مري وئي *غريب آباد ڪالوني ڀرسان مڇي مرڻ سبب علائقي ۾ بدبوءِ پکڙجي وئي، متاثرن پاران ڪارروائي جو مطالبو نامعلوم ماڻهن مڇي جي کڏ ۾ زهر وجهي لکين روپين جو نقصان پهچايو: متاثر ڳوٺاڻا*
  • * حيدرآباد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري اسماءَ ۽ نوجوان ارشاد مگسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش *ناري نابالغ آهي، سندس عمر 15 سال آهي: جاچ آفيسر جو عدالت ۾ بيان* عدالت ناري اسماءَ کي دارلامان اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ ڪنٽينرز تحويل ۾ وٺڻ خلاف درخواست *عدالت گهرو وزارت کان تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو *سياسي جلسن جي لاءِ به پوليس ڪنٽينرز کڻي ويندي آهي: درخواستگذار *

پڊعيدن ۾ ريلوي جي نجڪاري خلاف پريم يونين جو مظاهرو، ڌرڻو

پڊعيدن(ن پ ا) پاڪستان ريلوي جي نجڪاري خلاف پاڪستان ريلوي پريم يونين جي جنرل سيڪريٽري خير محمد تنيو، اختر علي مھر، علي حسن خاصخيلي، محمد بچل لاشاري ۽ ٻين عھديدارن پڊعيدن اسٽيشن تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو لڳايو ان موقع تي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ريلوي جي نجڪاري ڪنهن صورت ۾ به منظور نه آھي. يونين جي عھديدارن حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ريلوي جي نجڪاري واري فيصلي کي واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.