تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ شهري سراپا احتجاج

پڊعيدن(ن پ ا) پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ تعلقه ايڪشن ڪاميٽي ۽ آل پارٽيز پاران قائم ڪيل بُک هڙتالي ڪيمپ جي ٽئين ڏينهن تي اڳواڻن پاران نصرت ڪئنال پُل کان ريلوي فاٽڪ تائين سوين ماڻھن ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ريلي ۽ بک هڙتالي ڪيمپ ۾ سياسي سماجي، مذھبي توڙي قومپرست پارٽين جي اڳواڻن سميت واپارين، دڪاندارن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن تعلقه ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين پير رڪن الدين هاشمي، پيپلز پارٽي اڳواڻ طالب لاشاري ۽ ٻين پاران پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏيو، آ حق اسان جو تعلقو ۽ انصاف ڪيو انصاف ڪيو پڊعيدن سان انصاف ڪيو جا نعره هنيا ويا. اڳواڻن چيو ته پڊعيدن جي عوام هاڻي هوشيار ٿي وئي آھي ووٽ انهي کي ڏيندي جيڪو پڊعيدن کي تعلقو ڪرائيندو. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت خاص طور تي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي پڊعيدن ۾ ٿيل احتجاجي ريلين ۽ قائم ڪيل بُک هڙتالي ڪيمپ جو نوٽيس وٺي غور ڪرڻ گهرجي ۽ پڊعيدن کي پنهنجو حق ڏيڻ گهرجي نه ته هاڻي پڊعيدن واسين پاران انتهائي سخت قدم کنيا ويندا.

Bookmark the permalink.