تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

پڊعيدن رورل هيلٿ سينٽر ۾ او پي ڊي بند، آئسوليشن وارڊ قائم

پڊعيدن ( ن.پ.ا) پڊعيدن رورل هيلٿ سينٽر ۾ 2 بيڊ تي مشتمل آئسوليشن وارڊ قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته روز مره جي او پي ڊي بند ڪئي وئي آهي. ايم ايس ڊاڪٽر مبين راجپوت ۽ پيپلز پيراميڊيڪل جي صدر مير اعجاز راڄپر پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته آء ايڇ ايس ۽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ نوشھروفيروز پاران 2 بيڊ تي مشتمل آئسوليشن وارڊ قائم ڪيو ويو آھي جتي ڪنهن به ايمرجنسي جي صورتحال ۾ مريضن کي رکيو ويندو ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر مبين راجپوت ۽ پيپلز پيراميڊيڪل صدر مير اعجاز راڄپر پيراميڊيڪل عملي ۾ ماسڪ پڻ ورهايا ۽ عملي کي صفائي سٿرائي بابت آگاهي پڻ ڏني.

Bookmark the permalink.