تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

پٿورو درگاهه پير ويجهو لکين رپين جون سرڪاري دوائون اڇلايون ويون

پٿورو(ن پ ا) درگاھ پير ويجهو سرڪاري اسپتالن کي ملندڙ قيمتي دوائون مريضن کي ڏيڻ بدران جهنگ ۾ نامعلوم ماڻھن پاران اڇلايون ويون. قيمتي دوائن تي گورنمنٽ جو ٺپو ۽ ناٽ فار سيل لکيل دوائن ۾ ڪجهه مدي خارج ۽ ڪجهه جو مدو ختم نه ٿيل آهي. تعلقي اسپتال پٿورو جي ايم ايس محمد يوسف ڪنڀر سان رابطو ڪرڻ تي هن چيو ته هٿ آيل دوائون تعلقه اسپتال جون ناهن. هن چيو ته هو سرڪاري دوائون مڪمل استعمال ڪري بچيل دوائن تي اسٽيٽمينٽ ٺاهي واپس ڪيو ويندو آهي. شهر جي سياسي سماجي اڳواڻ ۽ شهرين اعلي اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي ملوث عنصرن خلاف قانوني ڪاروائي جو مطالبو ڪيو .

Bookmark the permalink.