تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

پي پي ايچ آءِ پاران ڀرتي ۾ قاعدن جي لتاڙ ۽ هڪ ارب کان وڌيڪ بي ضابطگين جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ سرڪار جي سهڪاري اين جي او پي پي ايڇ آءِ ۾ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ بي ظابگين جو انڪشاف، ترقياتي ڪمن جي ٺيڪن توڙي ملازمن جي ڀرتين ۾ به قاعدن جي لتاڙ ڪئي وئي، ان ڏس ۾ آڊيٽر جنرل پاران پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي لاءِ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌ جي صحت کاتي جا بيسڪ هيلٿ يونٽ ۽ آر ايڇ سي هلائيندڙ غير سرڪاري تنظيم پي پي ايڇ آءِ جي مالي سال 2017-18 جي ڪيل آڊٽ دوران سرڪار پاران کين جاري ڪيل رقم مان اربين رپين جون بي ضابطگيون ٿيون آهن، جنهن ۾ سنڌ ۾ غذائي کوٽ واري پروگرام ۾ ٿرپارڪر، بدين، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ۽ ڪشمور جي 259 يونين ڪائونسلن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 43 ڪروڙ 61 لک 81 هزار 730 رپيا بنا سبب جي خرچ ڪيا ويا آهن، ڇاڪاڻ جو پي پي ايڇ آءِ وٽ اڳي ئي ملازم ۽ گاڏيون موجود هيون، ان باوجود 26 ڪروڙ 96 لک 85 رپيا پگهارن جي مد ۾، گاڏين جي ڀاڙي جي مد ۾ 3 ڪروڙ 60 لک، 2 ڪروڙ 43 لک ٽرانسپورٽيشن جي مد ۾، 4 ڪروڙ 7 لک 68 هزار 800 رپيا ٻين خرچن جي مد ۾ ۽ 6 ڪروڙ 54 لک 27 هزار 930 رپيا آرگنائيزيشن ڪاسٽ جي مد ۾ پي پي ايڇ آءِ کي ڏنا ويا، جنهن جو ڪو به جواز نه هو، رپورٽ مطابق هنس حسين سومرو کي پهرين جولاءِ 2014 کان هڪ لک رپيا ماهوار پگهار تي بغير اشتهار جي مقرر ڪيو ويو، جنهن کي 21 مئي 2015ع تي ڪارڪردگي بهتر نه هجڻ تي شوڪاز مليو ته هن جون 2015ع ۾ استيفعي ڏني، وري ساڳي شخص جولاءِ 2016ع ۾ ٻيهر ڀرتي لاءِ درخواست ڏني ته اداري کيس چيف انٽرنل آڊيٽر طور هڪ لک 20 هزار ماهوار پگهار تي ٻيهر رکيو ، جنهن کي مجموعي طور 43 لک 20 هزار آڊٽ ڪرڻ تائين ادا ڪيا ويا، محمد عاقب قريشي کي ماهوار ڏيڍ لک پگهار تي چيف فنانشنل آفيسر طور مقرر ڪيو ويو، جنهن وٽ لاڳاپيل ڊگري ناهي، ان کي آڊٽ ڪرڻ تائين 31 لک 50 هزار روپيا ادا ڪيا ويا، ساڳي وقت اداري پاران گاڏين جي انشورنس نيشنل انسورنس ڪارپوريشن ايڪٽ 1976 جي ابتڙ جوبلي انشورنس ڪمپني کان ڪرائي جنهن کي 28 ڪروڙ 90 لک 40 هزار رپيا گاڏين جي انشورنس جي مد ۾ غيرقانوني طريقي سان ادا ڪيا ويا، مکڻ سمون اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالستار چانڊيو کي پبلڪ هيلٿ اسپيشلسٽ طور 2012ع ۾ بنا اشتهار جي ڀرتي ڪيو ويو، جنهن جي پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽر ٿيل نه هئي، ان کي وري 2014 ع ۾ ريجنل ڊائريڪٽر حيدرآباد جي چارج ڏني وئي ۽ اضافي الائونس جي اجازت ڏني وئي،کيس جولاءِ 2012ع کان مارچ 2018ع تائين غيرقانوني طريقي سان 69 لک رپيا ادا ڪيا ويا. 33 اسپتالن ۾ ڊليوري لاءِ اسٽاف ڀرتي ڪيو ۽ 18 ڪروڙ 9 لک 60 هزار اضافي خرچ ڪيا، اهڙي ريت سولر پينل جي خريداري جي مد ۾ پڻ 3 ڪروڙ 96 لک 23 هزار روپين جون بيقاعدگيون ٿيون، جڏهن ته ڊائريڪٽر ٽريننگ جي ڀرتي لاءِ اشتهار ڏئي ڊاڪٽر زيب النساءِ کي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر طور مقرر ڪري سندس ماهوار پگهار 6 لک رپيا مقرر ڪئي وئي، ايڏي وڏي پگهار جو ڪو به سبب نه ڄاڻايو ويو. اهڙي ريت پي پي ايڇ آءِ کي جاري ٿيل سرڪاري بجيٽ مان اربين رپين جي بي ضابطاگين جو انڪشاف ٿيو آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي پي پي ايڇ آءِ جي بورڊ جي ميمبر ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي ٻڌايو ته پي پي ايڇ آءِ جي حوالي سان آڊيٽر جنرل جي رپورٽ تي هو ڪجهه نٿوچئي سگهي، ان حوالي سان پي پي ايڇ آءِ وارن کان ئي پڇيو وڃي.

Bookmark the permalink.