تازا ترين
  • *گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت مجاهدان شيخ فوت، نينگري جويه شيخ سميت 3 زخمي*
  • *روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي*
  • *ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پٽ پير بخش گولو جي اغوا جي تصديق، وارثن سان فون تي رابطو، بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي زور * ڪنڌڪوٽ: مغوي نوجوان غلام مصطفيٰ گولو پنهنجي چاچي کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو * ڪنڌڪوٽ: نوجوان 15 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنڀجي ويو هو *
  • *لکي غلام شاهه ويجهو اسڪول ۾ شاگردياڻي زيبا ڌيءُ استاد جاويد علي ڪلوڙ بيهوش، اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ويجهو چوري دوران هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي خون جو جرڳو: 27 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * تنگواڻي: سردار محبوب خان بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو، شاهه محمد جعفري تي الزام ثابت * تنگواڻي: جوابدار ڌر ڏنڊ جي رقم مان 2 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي *
  • چيف جسٽس طرفان پي آءِ سي ۾ هنگامن تي افسوس جو اظهار*وڪيل ۽ ڊاڪٽرز معتبر پيشا آهن، اُميد ته مستقبل ۾ به وري نه ٿيندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسه*
  • نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون: نيب جا نارووال ۾ ڇاپا*
  • اٽارني جنرل انور منصور کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست*انور منصور جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي: درخوست ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو *

پي ٽي وي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جا 44 ملازم گهر ڀيڙا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ٽيلي ويزن نيٽ ورڪ ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جي 44 ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، پي ٽي وي ڪراچي جي جنرل مينيجر عطاءَ االله بلوچ جي رٽائرمينٽ ۾ باقي ٻه مهينا رهيا هئا ته کيس جبري موڪل تي روانو ڪيو ويو، جڏهن ته فنانس مينيجر محمد اسلم، وي ٽي آر ٽريفڪ انچارج محمد انور، انجنيئر افضال ۽ ٻن سيڪيورٽي گارڊن سميت 17 ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي هٽايل جي ايم عطاءِ الله بلوچ ٻڌايو ته پي ٽي وي انتظاميا پاران 58 سالن کان مٿي عمر وارن يا وري 30 سالن کان مٿي سروس ڪندڙ ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، انهي ڪري هن سميت گروپ ٿري کان 9 تائين جا ڪل 17 ملازم ڪراچي مان برطرف ڪيا ويا آهن، اهڙي ريت باقي اسٽيشنن تان به ملازم فارغ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندس جاءِ تي اڃا تائين ڪو ٻيو جنرل مينيجر مقرر ناهي ٿي سگهيو، هوڏانهن ڪوئيٽا مان پي ٽي وي ملازمن جي تنظيم جي اڳواڻ رئوف پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڪوئيٽا اسٽيشن جا 27 ملازم فارغ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ملازمن کي فارغ ڪرڻ بابت موقف معلوم ڪرڻ لاءِ بار بار ڪوششن باوجود پي ٽي وي جي چيئرمين ارشد خان ڪال اٽينڊ نه ڪئي، جنهن سبب سندس موقف معلوم ٿي نه سگهيو.

Bookmark the permalink.