تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

پي ٽي وي ترڪ ڊرامي مان گهڻو ڪمائي ورتو هاڻي بل جي مد ۾ 35 رپيا اوڳاڙي ڇڏي ڏئي: شوبز فنڪار

“ارطغرل غازي” ڊرامي سان 35 رپيا وصول ٿي ويا: حميمه ملڪ

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ويزن تي نشر ڪيل ترڪ ڊرامي ديريليش ارطغرل کي اردو ۾ ترجمعو ڪري اطغرل غازي جي نالي سان هلايو پيو وڃي جنهن تي پاڪستاني شوبز شخصيتن ۾ ٻٽي راءِ ملي ٿي. هاڻي ڪجهه شوبز شخصيتن ڊرامي کي پي ٽي وي تي هلائڻ جي حمايت ڪندي سرڪاري ٽي وي کان مطالبو ڪيو آهي هو هاڻي عوام کان بجلي جي بل جي مد ۾ في اوڳاڙڻ ڇڏي ڏئي. مشهور اداڪارا حميمه ٽوئٽر تي ديريليش ارطغرل کي سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪرڻ جي واکاڻ ڪندي چيو ته هڪ ئي ڊرامو هلائڻ سان سندس 35 رپيا وصول ٿي ويا. حميمه ملڪ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دريليش ارطغرل جو پوسٽر شيئر ڪندي پي ٽي وي انتظاميا جا ٿورا مڃيا. حميمه لکيو ته دريليش ارطغرل کي پي ٽي وي تي هلائڻ سان سندس طرفان سرڪاري ٽي وي کي بجلي جي بل جي مد ۾ ڏنل 35 رپيا وصول ٿي ويا ۽ ترڪ ڊرامو سندس 35 رپين جي ڪل قيمت آهي. گڏوگڏ هن ترڪ ڊرامي جي مواد کي سٺو قرار ڏيندي ماڻهن کي ڏسڻ جي صلاح به ڏني. حميمه ملڪ جيان اداڪار واسع چوڌري به ڊرامي کي پي ٽي وي تي هلائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هن مطالبو ڪيو ته هاڻي پي ٽي وي بجلي جي بل جي مد ۾ عوام کان 35 رپيا وصول ڪرڻ ڇڌي ڏئي. هن لکيو ته ڊرامو نشر ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي ۽ هاڻي جيئن ته سرڪاري ٽي وي ترڪ ڊرامي جي سهڪار سان اربين ۽ کربين رپيا ڪمائي ورتا آهن ته انتظاميا کي بجلي جي بل جي مد ۾ قوم کان 35 رپيا اوڳاڙڻ بند ڪرڻ گهجن. واسع جي مطالبي تي ڪجهه ماڻهن چيو ته هو ملڪ لاءِ سرڪاري ٽي وي کي 35 رپيا ته ڇا 200 رپيا به ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هنن واسع کي ياد ڏياريو ته هاڻي سرڪاري ٽي وي بجلي جي بل جي مد ۾ 35 رپيا نه پر 100 رپيا اوڳاڙي رهي آهي.

Bookmark the permalink.