تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

پي ٽي آءِ سنڌ ۾ آرٽيڪل 149/4 لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پي ٽي آءِ سنڌ پاران وفاق کان سنڌ ۾ فنانشل ايمرجنسي ۽ آرٽيڪل 149/4 لڳائڻ جو مطالبوڪري ڇڏيو، ايس او پيز تحت مسجدون کولڻ لاءِ اڄ چيف سيڪريٽري سان ملاقات ڪئي ويندي. ان حوالي سان ڪالهه انصاف هائوس تي پي ٽي آءِ اڳواڻن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ ۽ خرم شير زمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون ڪري ماڻهن کي بدحالي جي ورچاڙهي بُک وگھي مارڻ چاهي ٿي، چيف جسٽس جا ٿورائتا آهيون جنهن ڪاروبار کولڻ بابت فيصلو ڪيو. هنن چيو ته پ پ پ هر ايمرجنسي ۾ پئسا کاڌا آھن. مسجدون کولڻ لاء جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. فردوس شميم وڌيڪ چيو ته اسان وفاق کان مطالبو ڪيون ٿا ته هن ڀيري اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪنهن کي بجيٽ نه ڏنو وڃي جيستائين پي ايف سي ايوارڊ نه ڏيندو. ناصر شاھ ۽ اويس قادر شاھ اهو ٻڌائين ته عيد کان پوءِ ٽرانسپورٽ کولڻ جو مقصد ڪهڙو آهي. سرڪار کي اها پڪ آهي ته عيد کان پوءِ ڪورونا ختم ٿي ويندو؟ ڪراچي شهر کي 27 هزار بسن جي ضرورت آھي پر افسوس آهي ته اتي 5 هزار بسون آھن. اسان ٽرانسپورٽ واري معاملي تي به چيف جسٽس ڏانهن نهاريون پيا. سنڌ ۾ صحت کاتي جو اهو حال آهي ته صوبي ۾ 35 هزار ڊاڪٽرن جون جايون خالي آھن. هاڻي گهڻو ٿي چڪو آھي. هاڻي سنڌ جي معاملن تي وفاق غور ڪرڻ شروع ڪري. وفاق آرٽيڪل 149 کي ڏسي. اهو ڪڏهن لاڳو ناهي ٿيو پر اهو آرٽيڪل طاقتور آھي. آرٽيڪل 4/ 194 ۽ فنانشل ايمرجنسي به ڪم نه آئي ته پوءِ  آرٽيڪل 235  لڳايو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪير گورنر بڻجي ٿو؟ ان بابت ڪا خبر ناهي.

Bookmark the permalink.