تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

پي ٽي آءِ جي ورڪر آهيان، وڊيوز به انهن سان ئي ٺاهيندي آهيان: حريم شاهه

ڪراچي (شوبز نيوز) لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ ذريعي مقبوليت ماڻيندڙ حريم شاهه جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان تحريڪ انصاف جي ورڪر آهي ۽ ان لاءِ هو وڊيوز به انهن سان ئي ٺاهيندي آهي. حريم شاهه نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان جون تصويرون ايڊٽ ڪيون پيون وڃن ۽ اسان کي ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن. حريم شاهه جو چوڻ آهي ته مان هيل تائين ڪنهن کي ڪا ڌمڪي ناهي ڏني، جڏهن به ڳالهائينديس ته ثبوتن سان گڏ ڳالهائينديس، معاملن کي پي ٽي آءِ سان نه ڳنڍيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي وڊيوز سان ڪنهن کي ڪهڙو فرق پوي ٿو اهو انهن ماڻهن کان پڇو. حريم شاهه چيو ته سندس سمورو ڪٽنب تحريڪ انصاف ۾ شامل آهي. اسان ڪالهه به خان صاحب سان گڏ هئاسين اڄ به خان صاحب سان گڏ آهيون، مان پي ٽي آءِ جي حمايتڻ ۽ عمران خان جي فين آهيان. حريم شاهه چيو ته سندس نالي سان ڪوڙن سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي جيڪي ڳالهيون سامهون آيون انهن جي ترديد ڪري چڪي آهيان ۽ اهو ته ان سان واڳيل سوشل ميڊيا تي پيغام ڪوڙا آهن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ حريم شاهه جي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد سان ڪال تي ڳالهائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ بحث شروع ٿي ويو هو.

Bookmark the permalink.