تازا ترين
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

پيپلزپارٽي پاران ڪراچي ۾ گئس بحران سبب بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف اڱاري تي احتجاجي مظاهري جو اعلان

ڪراچي ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن تائين بجلي جِي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي:سعيد غني

سعيد غني پاران شهرين کي به احتجاج ۾ شرڪت جِي اپيل ڪئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي پاران سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي ۾ گئس بحران، اُن جَي ڪري ٿيندڙ بجلي جِي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف اڱاري تي ڪراچي ۾ سوئي سدرن ڪمپني جِي هيڊ آفيس آڏو احتجاجي مظاهري جو اعلان، پ پ ڪراچي ڊويزن جَي صدر سعيد غني وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن تائين بجلي جِي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، گئس جِي به ڪا خبر ناهي ته ڪڏهن ايندي ۽ ڪڏهن ويندي، وفاقي حڪومت مسئلا حل ڪرڻ بدران چوي ٿي ته گئس بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويندو، سعيد غني پاران شهرين کي به احتجاج ۾ شرڪت جِي اپيل ڪئي.

Bookmark the permalink.