تازا ترين
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

پيپلزپارٽي زيادتي ڪيس ۾ جوابدارن کي سرعام ڦاهي جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد : سينيٽ اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ريپ ڪيسن ۾ سر عام ڦاهي جي مخالفت ڪري ڇڏي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر چيو آھي ته هي حڪومت حالت ڀنگ ۽ حالت چرس ۾ ٽن حڪومت آھي، ٽن حڪومت ۾ اهو ڪجهه ٿيندو آھي جيڪو لاهور موٽروي تي ٿيو، ماڊل ٽائون واقعي جي آزاد جاچ ٿي ته طاهر القادري ۽ عمران خان ملوث نڪرندا، اجلاس دوران ن ليگ جي مشاهدالله ۽ ايم ڪيو ايم جي ميان عتيق ۾ منهن ماري ٿي تفصيل موجب سينيٽ اجلاس ۾ لاهور موٽروي واقعي تي ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي پرويز رشيد چيو ته ملڪ ۾ قوم جي نياڻين جي عزت لٽي پئي وڃي هتي ٻين جي ڊڪٽيشن تي فرسوده بل پيش ڪيا پيا وڃن ۽ ان تي بحث نه ڪرڻ پيو ڏنو وڃي، عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ وارن ادارن کي اسان ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي ڪو منهنجي گهر ۾ اچي ماء ڀيڻ جي عزت لٽي ۽ مان چوان ته منهنجي هٿ ۾ برش آھي پهريان بوٽ بالش ڪندس مون کي ته برش عزت ۾ هٿ وجهندڙ جي منهن ۾ هڻڻ گهرجي هن چيو ته پرويز مشرف چيو هو ته عورتون لڄالٽ جا الزام برطانيه، فرانس وڃڻ لاء لڳائن ٿيون اها سوچ سي سي پي او لاهور تائين به پهتي، ن ليگ جي آصف ڪرماڻي چيو ته سي سي پي او جي معافي قبول نه آهي ان جي استعفي گهرجي، پ پ جي شيري رحمان چيو ته سي سي پي او جي بيان سان نئين پاڪستان ۾ اهو پيغام ڏنو ويو ته عورتون ،ٻار تحفظ جا حقدار نه آھن هن چيو ته پ پ سر عام ڦاهي تي يقين نٿي رکي پي ٽي آء جي محسن عزير چيو ته لاهور واقعو هڪ عورت جو ريپ نه پر معاشري ،عدالتي سسٽم جو ريپ آھي شرم ۽ ندامت محسوس ڪريون ٿا پنج ڇهن سالن ۾ 18 هزار ريپ ڪيس ٿيا آھن پ پ جي ميان رضارباني چيو ته اعتزار احسن چيو هو ته رياست ماء جهڙي هوندي پر رياست ماء جهڙي ته نه ٿي ڏائڻ ٿي وئي آهي جيڪي ظلم خلاف ڳالهائن ٿا انهن کي کنڀيو وڃي ٿو، چيو وڃي ٿو ته ريپ ڪندڙن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي ان سان معاشرو وڌيڪ ظالم ٿيندو ڇا ضياء سرعام ڦاهيون نه ڏنيون هنيون پوء ڏوهه ختم ٿي ويا هئا، مامري جو حل سرعام ڦاهي نه آھي، سي سي پي او کي هٽائڻ جو مطالبو ڪريان ٿو ان سان ان سوچ جي منهن تي چماٽ هوندي نواز ليگ جي مشاهدالله خان چيو ته سي سي پي او خلاف آءِ بي جون رپورٽون آھن پر هي حڪمران ان جي تعريف ڪري رهيا آھن هي عجيب غريب حڪومت آھي اهڙي حڪومت نه ڏٺي آھي. هي حڪومت حالت ڀنگ ۾ آهي جيڪا حڪومت چرس، منشيات جي تجارت جي چڪر ۾ هجي اها حڪومت ستل نه هوندي آھي پر حالت چرس ۾ هوندي آھي حڪومت چرس ،ڀنگ جي چڪر ۾ هوندي ته عزتون ڪيئن محفوظ ٿي سگهن ٿيون؟ هن چيو ته ماڊل ٽائون واقعي جي جڏهن آزاد جاچ ٿي ته واقعي ۾ طاهرالقادري ۽ عمران خان ملوث ظاهرٿيندو ماڊل ٽائون واقعو لنڊن پلان تحت ٿيو 260 ڄڻن جا قاتل بلديا واقعي جا قاتل به اوهان سان گڏ ويٺل آھن جنهن تي ايم ڪيو ايم جي ميان عتيق شيخ مداخلت ڪئي ته نواز ليگ جي مشاهدالله خان ۽ ان وچ ۾ انتهائي سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي مشاهدالله خان ميان عتيق کي مخاطب ٿيندي کيس نمونو قرار ڏيندي شٽ اپ، بدتميز چوندي چيو ته بڪواس بند ڪر ڇا بدمعاش آھين غنڊو آھين؟ ، هن چيئرمين سينيٽ سان مخاطب ٿيندي چيو ته هن کي پٽو وجهو، هن چيو ته هنن جا هٿ معصومن جي خون ۾ رنڱيل آھن، 12 مئي تي 47 ڄڻن کي هنن کلي عام گوليون هنيون هي حڪومت ٽن آھي ٽن حڪومت ۾ اهو ڪجهه ٿيندو آھي جيڪو لاهور ۾ ٿيو؟

Bookmark the permalink.