تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

پيٽرول بحران جو ذميوار ڪير؟ وزيراعظم عدالتي حڪم تي جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد/ لاهور (بيورو رپورٽ) ٻڌايو وڃي ته مهينو پورو ٿيڻ کان اڳ پيٽرول مهانگو ڪرڻ سان تيل ڪمپنيز کي ڪيترو فائدو ٿيو؟ لاهور هاءِ ڪورٽ پيٽرول بحران جي جاچ لاءِ پارليامينٽ ميمبرز تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته پارلياماني ڪاميٽي کي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پيٽرول جي کوٽ تي ڪاميٽي نٿو جوڙي ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، عدالت طرفان وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽريءَ جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته لڳي ٿو ته وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کي وارنٽ جاري ڪري گهرائڻو پوندو، ٻڌو آهي هو ڳالهائي ته سندس زبان مان قانون نڪرندو آهي، اها ڳالهه آهي ته ساڻس ڳالهائي ڏسون ٿا، عدالت اوگرا جي چيئرپرسن عظميٰ عادل کان پيٽرول جي ذخيري بابت رپورٽ طلب ڪندي چيو ته پيٽرول جا اگهه طئه ڪرڻ وارو فارمولو تبديل ڪيو ويو آهي، بادي النظر ۾ اهو معاملو بدنيتي تي ٻڌل لڳي ٿو. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان پيٽرول بحران ۽ ذخيره اندوزي جي جاچ لاءِ توانائي واري خصوصي معاون شهزاد سيد قاسم جي سربراهي ۾ چار رڪني ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، ڪاميٽي ۾ ڊي جي آئل، سي اي او پيٽروليم انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ۽ اڳوڻو سينئير جي ايم پي ايس او به شامل هوندو، ڪاميٽي ملڪ ۾ تيل جي فراهمي ۾ بدانتظامي بابت 10 جولاءِ تائين جاچ مڪمل ڪندي، ڪاميٽي پيٽرول بحران بابت اوگرا، پيٽروليم وزارت ۽ نجي تيل ڪمپنين جي ڪردار بابت تحقيق ڪندي ۽ اهو تعين ڪندي ته پيٽرول بحران ۽ ذخيرو اندوزي جو ڪير ذميوار آهي؟ ڪنهن کي فائدو ٿيو، واضح رهي ته ان کان اڳ 18جون تي وزيراعظم آڏو پيٽرول بحران بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي هئي ۽ هن ملوث ڪمپنين ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي.

Bookmark the permalink.