تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

پيرڳوٺ ۾ فصلن ۽ ڀاڄين واري ٻيجاري جي وڪري ۾ اضافو

پيرجوڳوٺ( ن پ ا ) پيرڳوٺ ۾ مختلف زرعي جنسن ۽ ڀاڄين جو ٻيجارو وڏي پئماني تي وڪرو ٿيڻ لڳو آهي هر اربع ڏينهن خيرپور، نواب شاهه، گھوٽڪي، نوشهروفيروز، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن جي مختلف علائقن مان سوين پورهيت واڱڻن، ٽماٽن، بصري، ٿوم، السي، مرچ ۽ ٻين زرعي فصلن ۽ ڀاڄين جو ٻيجارو پيرڳوٺ ۾ پهچائي وڪرو ڪن ٿا ان ڏس ۾ ٻيجارو وڪرو ڪندڙ پورهيتن علي جان، خيرمحمد، رجب علي ۽ ٻين ٻڌايو ته محنت ۽ خرچ ڪري مختلف فصل ۽ ڀاڄين جو ٻيجارو پوکي تيار ڪيون ٿا ۽ هن موسم ۾ ڪڍي هتي کڻي اچي وڪرو ڪيون ٿا ۽ روزگار حاصل ڪيون ٿا هنن چيو ته جيتري محنت ڪيون ٿا اوترو کين اجورو نه ٿو ملي پر پوءِ مزدوري ملي وڃي ٿي جڏهن ته مختلف ڀاڄين جو ٻيجاري جون مختلف جنسون ٿين ٿيون جنهن ۾ حيدرآبادي، سنڌي، لوطي ۽ ٻيون جنسون ٿين ٿيون ۽ هر جنس جي قميت الڳ هجي ٿي.



Bookmark the permalink.