تازا ترين
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

پيرومل پوليس جي عدالتي حڪم تي ڪارروائي: 21 هاري بازياب

سانگهڙ ( ڊ ر ) پيرومل پوليس عدالتي حڪم تي بااثر زميندار جي زرعي زمين تي ڇاپو هڻي 21 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو، عدالت بيان وٺڻ بعد کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پوليس زميندار سعيد خان لغاري جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران 21 پورهيتن کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو، صحافين اڳيان هارين دانهيدي ٻڌايو ته اسان تي ڪو به قرض نه هئڻ باوجود زميندار ٻن سالن کان کاڌي پيتي توڙي بيماري ۾ ڪابه مدد نه پيو ڪري، الزام هيٺ آيل زميندار جو چوڻ هو ته هارين تي منهنجو 4 لک رپيا قرض آهي، جنهن خلاف آئون به عدالت سان رابطو ڪندس

Bookmark the permalink.