تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

پيرولاشاري ۾ تعليمي سرگرميون شروع، اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ

پيرولاشاري (ن پ ا) پيرولاشاري سنڌ سرڪار جي اعلان کان پوء گورنمنٽ بوائيز ڪيمپس ھاء اسڪول ٻئي ڏينھن به ايس او پي تحت تعليمي سرگرميون جاري آهن، اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ جا معاملا سامهون آيا آهن. ان ڏس ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جو اسپري ڪرايو ويو اسڪول انتظاميا پاران استادن ۽ شاگردن کي ماسڪ پارايا ويا. اسڪول ۾ جڏهن ته ٻارڙن جي حاضري گھٽ رھي اسڪول جي ھيڊ ماستر رزا محمد پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته گزريل ڪيترن ڏيھن کان تيز برسات پوڻ سبب اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪريا آهن ۽ چوديواري ڪري پئي اسان. اھڙي شڪايت ايجوڪيشن ڏپارٽمينٽ ڊي او کي ڪئي آھي ۽ جيسين تائين اسڪول جي ڪمرن جي مرمت نٿي ٿئي تيسين تائين اسان انھن ڪمرن ۾ ٻارن کي نٿا پڙھائي سگھون. گورنمينٽ بوائز ڪيمپس ھاءِ اسڪول پيرولاشاري به سرڪاري اسڪول جي ستن مهينن کان بند پيل ڪمرن کي ڪورونا وائرس جي بچاءِ لاءِ اسپري ڪرايو ويو ۽ ٻارڙن کي ماسڪ پارايا ويا ۽ سينيٽائيزر جي استعمال کي به مڪمل بڻايو ويو، هن چيوته ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ٻارڙن ۽ استادن جي زندگي کي خطرو آھي اسان سنڌ گورنمنٽ کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسڪول جي بلڊنگ ٺھرائي وڃي ته جيئن استاد ۽ ٻارن جي زندگي خطري کان بچي وڃي.

Bookmark the permalink.