تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

پوليو جي مڪمل خاتمي جو عزم: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جاڳرتا ريليون

ڪراچي(نمائند وٽان) سنڌ ۾ پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون. نوابشاھه ۾ 17 فيبروي کان شروع ٿيندڙ 5 ڏينهن واري پوليو مهم لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر جي صدارت هيٺ دربارهال ۾ اجلاس ٿيو.نوشھرو فيروز ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. خيرپور ۾ سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب تائين اي ڊي سي ون ضمير احمد جاگيراڻي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر مرزا وليد بيگ جي اڳواڻي ۾ هڪ آگاهي واڪ منعقد ڪئي وئي. سکر، ڪنب ، گهوٽڪي ، خيرپور ، شڪارپور، جاتي ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون.

Bookmark the permalink.