تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

پوليس ۽ ايف آءِ اي کانسواءِ ٻيا ادارا شهري کي گرفتار نٿا ڪري سگهن: عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري عبدالقدوس جي بازيابي واري ڪيس کي گم ٿي ويل شهري جي گهر واپس پهچڻ تي اڪلائي ڇڏيو. ڪالھه جسٽس محسن اختر ڪياني جي عدالت ۾ گهرو وزير اعجاز طلبي باوجود پيش نه ٿيو، جڏهن ته گهرو سيڪريٽري پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل عبدالقدوس گھر واپس پهچي ويو آهي. جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان کي گهرائڻ جو مقصد گم ٿيندڙ ماڻهن جي وڌندڙ ڪيسن بابت آگاهه ڪرڻو هيو پوليس مطابق اسلام آباد ۾ گم ٿي ويلن جو انگ 50 ٿي ويو آهي. گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ان معاملي کي وزير اعظم ۽ ڪابينا آڏو رکيو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا گم ٿيندڙ ماڻهن جي ڪيسن تي نوٽيس ورتو آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته وزير اعظم کي ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ اهڙي خراب صورتحال آهي ته باقي ملڪ جي ٻين حصن ۾ ڇا حالت هوندي، عدالتون پاڻ وڃي انهن گم ٿي ويلن کي بازياب نٿيون ڪرائي سگهن، قانون مطابق شهري جي گرفتاري جو حق پوليس وٽ آهي، صرف پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ايف آءِ اي وارا گرفتار ڪري سگھن ٿا پر افسوس آهي جو ٻيا ادارا به گرفتاريون ڪري رهيا آهن جيڪو غير قانوني ڪم آهي.

Bookmark the permalink.