تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

پوليس جي دٻاءُ ۾ سيوهڻ جج مٿان زيادتي جو الزام مڙهيو: سلميٰ بروهي زيادتي ڪيس ۾ پهرئين بيان تان ڦري وئي: جج بيگناهه قرار

سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ ڪيس تي ٻڌڻي، الزام هيٺ آيل جج امتياز بروهي به پيش

ڪنهن به زيادتي ناهي ڪئي، پوليس جي دٻاءَ ۾ جج خلاف پهريون بيان ڏنو: ناري

سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ جي جج پاران مبينا زيادتي معاملي ۾ ناري سلما بروهي عدالت ۾ پنهنجي پهرين بيان تان ڦري وئي. الزام هيٺ آيل جج امتياز ڀٽو کي بي ڏوهي ڄاڻائي ڇڏيو، ناري بيان ڏنو ته ڪنهن به ساڻس زيادتي ناهي ڪئي، پوليس جي دٻاءَ ۾ جج خلاف پهريون بيان ڏنو هو، ناري سلما بروهي، الزام هيٺ آيل معطل ڪيل جج امتياز ڀٽو ۽ جوڙيل جاچ ٽيم سيوهڻ جي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ٿيا،ناري 164 وارو بيان ڏيندي پنھنجي اڳ واري ڏنل بيانن تان ڦري وئي ۽ چيو ته هوءَ سيوهڻ آيا هئا ۽ پوليس کين ريسٽ ھائوس تان کنڀي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي اڳوڻي جج امتياز ڀٽو کيس پنھنجي چيمبر ۾ وٺي وڃي چيو ته آئون پنهنجي چاهيندڙ بدران سندس والدين سان گهر وڃان، جنهن تي هن ڪاوڙ ۾ اچي ۽ پوليس جي دٻاءَ ۾ زيادتي ٿيڻ وارو بيان ڏنو. سلما بروهي چيو ته ساڻس ڪنهن به زيادتي ناهي ڪئي، بيان کانپوءِ جج ناري واپس رواني ٿي وئي.

Bookmark the permalink.