تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پوليس جاچ جي نالي ۾ 4 سالن تائين دوکو ڏنو: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 4 سالن کان گُم ٿيل شهري سمير جي بازيابي لاءِ درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي 4 پوليس آفيسرن خلاف کاتي وار ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس نظر اڪبر تحريري حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته چئن سالن تائين پوليس جاچ جي نالي تي درخواستگذار کي دوکو ڏنو ، جاچ آفيسر بُنيادي ڪم به نه ڪيو آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جنهن مسافر بس مان شهري سمير کي لاٿو ويو، اُنهي بس جي مالڪ کان به جاچ نه ڪئي وئي، سي ٽي ڊي گم ٿيل شهري سان گڏ سندس دوست عبدالحفيظ کي به حراست ۾ ورتو، بعد ۾ کيس ظاهر ڪيو ويو، عبدالحفيظ تي لڳايل الزام به ڪوڙا ثابت ٿيا، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين گم ٿيل شهري جو پتو نه لڳايو ويو ته لاڳاپيل جاچ آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، عبدالحفيظ کي گرفتار ڪندڙ سي ٽي ڊي آفيسرن خلاف به ڪيس داخل ڪرائينداسين، عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.