تازا ترين
  • *سرهاڙي پوليس پاران عدالتي حڪم تحت ڳوٺ ڪشو مري تي ڇاپو هڻي ڀيل برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو*
  • ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران شهباز قلندر، شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ عبدالله شاھ غازي جون درگاهون کولڻ وارو فيصلو واپس*ڪراچي: اوقاف کاتي جي اختيارين سميت سنڌ سرڪار مجموعي طور تي 80 درگاهون کولڻ بابت فيصلو نه ڪري سگھي*
  • درگاهه قلندر لال شهباز کي اڍائي مهينن کانپوءِ کولڻ جون تياريون مڪمل، مزار جي صفائي ڪئي وئي*قلندر لال شهباز جي مزار سڀاڻي صبح 6 وڳي کان زائرين لاءِ کولي ويندي، شام 6 وڳي مزار جا در بند ٿي ويندا*سيوهڻ: قلندر جي نگريءَ ۾ ايندڙ زائرين لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي آهي: اوقاف کاتي جو چيف ايڊمنسٽريٽر*
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن معصوم ٻارڙي سميت3ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *رولو ڪتن 5 ورھين جي ھرديش ڪمار، عاشق حسين ۽ سوائي کي ڏاڙهي زخمي ڪيو *زخمين کي سول اسپتال مان ويڪسين ڪرڻ بعد گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو*
  • *نواب ولي محمد ويجهو بجلي جي تارن مان چوپائي مال جي واڙي کي باهه لڳي وئي *ڳوٺ خدا بخش لاشاري ۾ باهه سبب 50 مڻ بهه سڙي ويو *فائر برگيڊ عملي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان کي بچائي ورتو*
  • *سيراڻي ويجهو نوجوان ٿريشر جي پٽي ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ فريد چانگ ۾ اسلم چانگ ٿريشر جي پٽي ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو*
  • *نوابشاهه ۾ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو *گاڏين جا ٽائر بيهڻ سبب سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: اڳواڻ *سڀاڻي تائين گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين: اڳواڻ *
  • *دادو ۾ گيسٽرو وگهي عورتن، ۽ ٻارڙن سميت 30 ڄڻا اسپتال ڀيڙا *اسپتال ۾ جنريٽر کي باهه لڳڻ سبب داخل مريضن کي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو*
  • *جاتي: 12 ڏينهن اڳ سم نالي مليل پوليو ورڪر افضل جت جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي * افضل جت جي قتل ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي 7 ڄڻا گرفتار، پڇاڳاڇا جاري*
  • *انجڻ جي رن وي تي لڳڻ جا اطلاع پائلٽ کي نه ڏيڻ هڪ سواليه نشان آهي: پالپا ترجمان*
  • *جهاز حادثي جي جاچ کي غلط رنگ ڏئي اصل ڪردارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: پالپا*
  • *نوابشاهه ۾ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو *گاڏين جا ٽائر بيهڻ سبب سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: اڳواڻ *سڀاڻي تائين گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين: اڳواڻ*
  • *مقصودو رند ويجهو روڊ حادثي جي زخمي دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 2 ٿي ويو* عيد رات ٻن موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر دوران خادم مڱريپوٽو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿيا هئا* زخمين مان مختيار رند نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو*
  • *ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو اچي نه سگهيو، وڌيڪ 3ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي فوت*
  • *مديجي ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل شخص فوت، وارثن جو احتجاج، قبو سعيد خان ۾ جهيڙي ۾ 13 ڄڻا زخمي*

پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو

نيويارڪ /ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري 47 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته متاثرن جو انگ 10 لکن جي ويجهو پهچي ويو آهي، جڏهن ته تقريبن ٻه لک ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن، امريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ چين، اسپين ۽ اٽلي جهڙن ملڪن کان به ٻيڻو ٿي ويو آهي، امريڪا ۾ ضروري سامان جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، صحت واري عالمي اداري جي سربراهه گذريل پنج هفتن ۾ وائرس سبب ٿيندڙ موت جي شرح ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، عالمي خابرو ادارن طرفان جاري رپورٽس ۾ ٻڌيو ويو آهي ته هن وقت تائين اٽل ۾ 13155 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، اسپين ۾ 9387، امريڪا ۾ 5116، فرانس ۾ 4043، چين ۾ 3316، ايران ۾ 3036، برطانيه ۾ 2357، هالينڊ ۾ 1173، جرمني ۾ 931 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو ڪُل انگ 935817 آهي، هي انگ تصديق ٿيل ڪيسز جو آهي، جڏهن ته اصل انگ وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو.

Bookmark the permalink.