تازا ترين
  • *احمد پور ويجهو 14 ورهين جي نينگري نگھت ڌيءُ امان الله وسطڙو مبينا طور اغوا: ٽن ڄڻن صبر علي، شڪر علي ۽ منٺار وسطڙو خلاف اين سي داخل*
  • *سڪرنڊ ۾ پاڙيسري جو وڪيل رياض احمد عرف راجا تي قاتلاڻو حملو، نازڪ حالت ۾ نوابشاهه ريفر*
  • *سيوهڻ زيادتي ڪيس: عدالتي اجازت بعد جاچ ٽيم ڊي ايس پي کاڻوٺ علي شير خاصخيلي جي سربراهي ۾ معطل سول جج امتياز ڀٽو جي چئمبر جو معائنو ڪيو*
  • *ميرپورماٿيلو ۾ پرڻيل ناري جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ، شڪ جي بنياد تي مڙس گرفتار، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * ميرپورماٿيلو: عورت شمائلا کي مٿي ۾ ڳولي لڳل آهي، جاچ ڪيون پيا: پوليس * ميرپورماٿيلو: ڀاڄائي گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي: ڏير اسلام بوزدار *
  • *راڻيپور: ٻن ڀائرن شڪيل بروھي ۽ ظريف بروھي وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ: 17 سالن جو نوجوان شڪيل بروھي مارجي ويو، ظريف بروھي مرڻينگ*
  • *ڪراچي: ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا خلاف اي جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندڙ انسپيڪٽر کي شوڪاز نوٽيس جاري، 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب * ڪراچي: اوهان جونيئر آهيو، ڪنهن سينيئر خلاف ڪيئن ٿا انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي سگهو؟ نوٽيس *
  • *حيدرآباد/ڄامشورو: 15 ڏينهن کان گم ڄاڻايل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد جو حيدرآباد ويجهو لاش هٿ، وارثن کي دوستن تي شڪ * حيدرآباد/ڄامشورو: شاگرد فتح راجپوت جو لاش اڪرم واهه مان هٿ آيو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي * حيدرآباد/ڄامشورو: پٽ دوست جي دعوت تي ڪوٽڙي ويو هو، شڪ آهي ته دوستن کيس قتل ڪيو: شير سومار *
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ ڪليم امام اسلام آباد طلب: سڀاڻي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏيندو*
  • *اسلام آباد: سنڌ ۾ اتحادين کي اعتراض: آءِ جي لاءِ سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب * اسلام آباد: آءِ جي تبديليءَ وارومامرو وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج: وڏي وزير سان ڳالهين جو ٽاسڪ گورنر حوالي *
  • *لاڙڪاڻي ۾ چوري ٿيل 3 ڪلو سون مان 31 تولا متاثر دڪاندار کي واپس: ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش اهو نه ٻڌايو ته سون ڪٿان هٿ ڪيو * لاڙڪاڻو: 31 تولا سون سوڌو چوري ٿيل ٻيو سامان ملي ويو آهي: دڪاندار عبدالله شيخ *
  • *مون خلاف سازش ٿي آهي، سولائيءَ سان وڃڻ واروناهيان: آءِ جي سنڌ*
  • *هالا ڀرسان 7 ڄڻڻ جي قتل جو ڪيس داخل: جوابدار ڌُر گهر خالي ڪري فرار*
  • *پشاور ڀرسان مسجد جو امام مبينا طور 14 ورهين جي ڇوڪري کي اغوا ڪري ويو*
  • *ريل سڙڻ جي واقعي بعد 19 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي(شيخ رشيد) وڏن خلاف ڪارروائي ڪڏهن ٿيندي:چيف جسٽس*
  • *سرڪلر ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو:سپريم ڪورٽ*

پورهيو ڪري روزي ڪمائيندڙ عورتن جي انگ ۾ اضافو، ڏيڍ ڪروڙ عورتون پورهيت

ٽرانسپورٽ، اسٽوريج ۽ مواصلات ۾ به افرادي قوت طور عورتون اچي ويون

7 سالن اندر پورهيو ڪندڙن ۾ 91 لک 70 هزار جو اضافو

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ملڪ اندر مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي تعداد ۾ گذريل 6 سالن دوران مسلسل اضافو ٿيو آهي، پرچون جي ڪاروبار کان ويندي ٽرانسپورٽ، اسٽوريج ۽ مواصلات جي شعبن ۾ به افرادي قوت طور عورتون سامهون آيون آهن، رٿابندي واري وزارت جي “پنهنجي اخبار” وٽ موجود دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته شماريات بيورو 1963ع کان صنفي بنيادن تي ليبر فورس جي سروي ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ افرادي قوت جا انگ اکر ڏنا وڃن ٿا، رٿابندي واري وزارت جي دستاويزن ۾ چيو ويو آهي 10-2009ع کان 18-2017ع تائين ملڪ ۾ پورهيتن جي انگ ۾ 91 لک 70 هزار جو اضافو ٿيو. سال 10-2009ع جي ليبر سروي مطابق 5 ڪروڙ 63 لک 30 هزار مختلف شعبن ۾ ليبر فورس ڪم ڪري رهي هئي، جن ۾ 4 ڪروڙ 35 لک 30 هزار مرد، هڪ ڪروڙ 6 لک 60 هزار عورتون شامل آهن، سال 11-2010ع ۾ ليبر فورس جو تعداد 5 ڪروڙ 72 لک 40 هزار هو، جنهن ۾ 4 ڪروڙ 39 لک 50 هزار مرد، هڪ ڪروڙ 32 لک 90 هزار عورتون شامل آهن، سال 13-2012ع 5 ڪروڙ 98 لک 40 هزار ليبر فورس هئي، جنهن ۾ 4 ڪروڙ 59 لک 80 هزار مرد، هڪ ڪروڙ 37 لک 60 هزار عورتون شامل آهن، سال 14-2013ع ۾ ليبر فورس جو تعداد وڌي 6 ڪروڙ 10 لک ٿيو، جن ۾ 4 ڪروڙ 66 لک 50 هزار مرد، هڪ ڪروڙ 44 لک 50 هزار عورتون، 15-2014ع ۾ ڪل ليبر فورس 6 ڪروڙ 10 لک 4 هزار مان 4 ڪروڙ 63 لک 80 هزار مرد ۽ هڪ ڪروڙ 46 لک 60 هزار عورتون شامل آهن، سال 17-2018ع ۾ ليبر فورس وڌي 6 ڪروڙ 55 لک ٿي، جنهن مان 5 ڪروڙ 4 لک 40 هزار مرد ۽ هڪ ڪروڙ 47 لک 60 هزار عورتون هيون. سروي موجب مٿي ڄاڻايل انگن اکرن مطابق هر شعبي ۾ عورتون افرادي قوت طور سامهون آيون آهن.



Bookmark the permalink.