تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

”پهريان گئس ڏيو“ ٽنڊو محمد خان جي ٻن پاڙن جي رهواسين پنهنجن ٻارن جي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

رهواسين پوليو ٽيمن کي پنهنجن علائقن ۾ اچڻ کان روڪي ڇڏيو، عملدارن جون ڳالهيون

گئس جي سهولت کان محروم رکي ووٽ نه ڏيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي: مظاهرين جو الزام

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي ٻن پاڙن جي رهواسين گئس نه هئڻ خلاف احتجاج طور ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. علائقي غلام حسين ٽالپر محلي ۽ الهداد ڳاهو محلي جي رهواسين پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندي پوليو ٽيمن کي اچڻ کان روڪي ڇڏيو. جنهن بعد اي ڊي سي ون محمد حسين خاصخيلي، اسسٽنٽ ڪمشنر انور علي ميمڻ ۽ ٻين پهچي رهواسين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ تي زور ڀريو، پر ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون، جنهن بعد رهواسين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي علائقي کان ڪجهه ئي مفاصلي کان گئس لائين وڃي ٿي، تنهن هوندي گئس جهڙي بنيادي سهولت کان محروم رکي ناانصافي ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته اسان کي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي ووٽ نه ڏيڻ تان انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. رهواسين چتاءُ ڏنو ته ڄاڻايل ٻنهي پاڙن ۾ گئس جي فراهمي يقيني بڻائڻ تائين پوليو مهم جو بائيڪاٽ جاري رکيو ويندو.

Bookmark the permalink.