تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

پنگريو: وارثن جا بيان رڪارڊ، ڊاڪٽر پاران غلطي جو اعتراف

پنگريو(ن پ ا) پنگريو ۾ واٽر سپلاءِ جي تلاءِ ۾ نينگر جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري مامري جي جاچ لاءِ جوڙيل ٽيم صحت مرڪز پهچي وارثن ۽ شهرين جا بيان قلمبند ڪيا. شھري اعجاز سمون ۽ پريس ڪلب پنگريو جي صدر علي مراد شاهه ٽيم کي بيان رڪارڊ ڪرايو ته نينگر حسن اختر جي پاڻي ۾ ٻڏڻ بعد جڏهن بيهوشي جي حالت ۾صحت مرڪز پهچايو ويو ته اتي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو موجود نه هو جنهن ڪري بيهوش ٻار کي سندس وارث بدين اسپتال ڏانهن کڻائي ويا جتي نينگر دم ڏنو.ايم ايس ڊاڪٽرسليمان اعتراف ڪيو ته ڊيوٽي ڊاڪٽر فضل الرحمان ميمڻ موڪل تي ھئڻ سبب ڊاڪٽر سجاد علي کي چارج ڏئي ويو پر ڊاڪٽر سجاد ڊيوٽي تي نه پهتو.واضح رهي ته 25 نومبر تي 9 درجي جو شاگرد حسن اختر آرائين واٽر سپلاءِ جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿيو ھو.

Bookmark the permalink.