تازا ترين
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

پني عاقل ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ عورت تي مبينا ڪارنهن جو الزام، جوڙي کي ڌار ٿيڻ لاء ڌمڪيون

پنوعاقل ( ن پ ا) ڳوٺ عارف چاچڙ ۾ 6 مهينا اڳ بدرالدين ۽ شاهده چاچڙ پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن کي ڪارنهن الزام ڏنو ويو هو. پريمي جوڙي موجب پسند جي شادي تان مائٽ ڏمرجي کين ڪارو قرار ڏئي ڌار ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي. سندن چوڻ هو ته جوابدار نجم، شمس الدين، صدرالدين ۽ ٻيا در تي اچي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. پوليس کي اڳ به درخوستون ڏنيون پر تحفظ نه مليو هو. جوڙي ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي سکر کي اپيل ڪندي چيو ته کين تحفظ فراهم ڪري زندگي بچائي وڃي. ڪينٽ پوليس موجب جوڙو ٿاڻي تي آيو هو کين تحفظ فراهم ڪنداسين.

Bookmark the permalink.