تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پنو عاقل واسي نوجوان ڀاءُ جي موجودگي ۾ پراسرار نموني قتل، پيءُ ۽ 2 ڀائر گرفتار

حيدرآباد (بيورورپورٽ) پنو عاقل جو رهواسي نوجوان ڪراچي ويندي ڀاءُ جي موجودگي ۾ پراسرار نموني قتل، لاش اسپتال کڻي ايندڙ ماڻهو فرار، بلديا پوليس مقتول جي پيءُ ۽ ٻن ڀائرن کي پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ وٺي ڇڏيو، معاملي جي جاچ لاءِ مٽياري پوليس به حيدرآباد پهتي، لاش وصول ڪرڻ لاءِ ايندڙ وارث پريشان. رپورٽ موجب پنو عاقل سان تعلق رکندڙ 30 ورهين جو نوجوان نصر الله ولد روشن علي سيال سکر کان ڪراچي ويندي پراسرار نموني قتل ٿي ويو جنهن جو لاش سندس ڀاءُ امير بخش سيال ۽ 2 نامعلوم ماڻهو کڻي اسپتال پهتا جيڪي بعد ۾ اسپتال مان فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته ڀاءُ سميت 2 نامعلوم ماڻهو ڪار ۾ نوجوان کي کڻي سول اسپتال جي لال بتي پهتا جنهن جي سيني ۾ مبينا طور گولي جو نشان هو. ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي موت جي تصديق کانپوءِ کيس کڻي ايندڙ سندس ڀاءُ ۽ 2 نامعلوم ماڻهو اسپتال مان فرار ٿي ويا. اسپتال ۾ پهچايل مقتول جي سڃاڻپ نصر الله ولد روشن علي سيال جي نالي سان ٿي. اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو نوجوان کي کڻي آيا هئا تن متضاد بيان ڏنا جن ۾ هڪ بيان اهو به هو ته نوجوان کي ڦر دوران نيشنل هاءِ وي تي حيدرآباد جي حدن ۾ گولي لڳي آهي جنهن ڪري هو فوت ٿيو. ساڳين ئي ماڻهن اهو بيان به ڏنو ته نوجوان کي ڀٽ شاهه وٽ گولي لڳي جنهن ڪري هو فوت ٿيو. بعد ۾ مقتول جو لاش کڻائي اسپتال پهچندڙ امير بخش سيال هٽڙي پوليس وٽ پهچي اهو بيان ڏنو ته کيس فون ذريعي اهو اطلاع مليو ته هن جو ڀاءُ نيشنل هاءِ وي تي ڦليلي واهه ڀرسان مئل حالت ۾ پيل آهي جنهن جي سيني تي موبائيل فون به پيل هو. اهڙي اطلاع تي هٽڙي پوليس ڄاڻايل هنڌ تي پهچي معائنو ڪيو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي اطلاع ڏنو ته اها حد بلديا ٿاڻي جي آهي. ايس ايس پي جي هدايت تي بلديا پوليس به ان هنڌ پهتي ۽ جاءِ جو معائنو ڪيو ته ڪي رت جا نشان نه هئا. پوليس کي مقتول جي ڀاءُ جي ڳالهين تي شڪ ٿيو جنهن سبب پوليس کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. رات دير سان مقتول جو پيءُ روشن علي، سندس ٻيو ڀاءُ امان الله، مامون، زال ۽ ٻيا وارث بلديا ٿاڻي تي پهتا جن مان پوليس مقتول جي پيءُ ۽ ٻي ڀاءُ کي به حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا شروع ڪئي. پوليس ذريعن موجب مقتول جي ڀاءُ امير بخش سيال جا بيان متضاد آهن. هن بعد ۾ پوليس کي اهو بيان به ڏنو ته هن جي ڀاءُ کي سعيد آباد ٽول پلازه وٽ گولي لڳي هئي ۽ اها گولي ساڻن ڪار ۾ گڏ ويٺل هن جي ڀاءُ جي هڪ دوست کان اتفاقي نموني سان لڳي هئي. اهڙي بيان بعد حيدرآباد پوليس مٽياري پوليس کي آگاهي ڏني جنهن کانپوءِ ڊي ايس پي سعيد آباد ۽ ايس ايڇ او سعيد آباد به بلديا ٿاڻي تي پهتا ۽ حراست ۾ ورتل مقتول جي وارثن کان بيان ورتا. مقتول جي مامي راڻي سيال ٻڌايو ته مقتول ۽ ان جا مائٽ ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي ۾ رهندڙ آهن جتي هو هڪ ئي مل ۾ پورهيو ڪن ٿا. مقتول نصر الله 12 سيپٽمبر تي پنهنجي ڳوٺ پنو عاقل ويو هو. واقعي واري ڏينهن صبح جو هن پنهنجي گهرواري سان ڳالهائي کيس ٻڌايو ته هو واپس ڪراچي اچي رهيو آهي جنهن کانپوءِ هن جي قتل ٿيڻ جو اطلاع مليو. هوڏانهن بلديا پوليس اسپتال ۾ لڳل سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا آهن جن ۾ نظر اچي رهيو آهي ته مقتول جو لاش ڪرولا ڪار جي اڳين سيٽ تي پيل هو جڏهن ته اها ڪار مقتول جو ڀاءُ امير بخش سيال هلائي اسپتال پهتو هو، ساڻس گڏ 2 ڄڻا ٻيا به اسپتال پهتا هئا جن بابت امير بخش رات دير تائين پوليس کي ڄاڻ نه ڏني ۽ سندس موقف هو ته فرار ٿيل ٻئي ڄڻا هن جي ڀاءُ جا دوست هئا جن کي هو نٿو سڃاڻي.

Bookmark the permalink.