تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

پنو عاقل واسي مقتول نوجوان جو لاش 36 ڪلاڪن بعد وارثن حوالي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پنو عاقل سان تعلق رکندڙ نوجوان جو لاش 36 ڪلاڪن بعد وارثن حوالي، هالا ٿاڻي تي مقتول جي پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل، حراست ۾ ورتل مقتول جا 2 ڀائر ۽ ماروٽ به آزاد نه ٿيا، لاش کي ٽن اسپتالن ۾ رولڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. رپورٽ موجب پنو عاقل سان تعلق رکندڙ 35 ورهين جي نصر الله ولد روشن سيال جو لاش 36 ڪلاڪن کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي پنو عاقل روانا ٿي ويا. نوجوان نصر الله سيال سومر واري ڏينهن پنهنجي ڀاءُ امير بخش ۽ ٻن ٻين ڄڻن سان سکر کان ڪراچي ويندي پراسرار نموني قتل ٿي ويو هو جنهن جو لاش سول اسپتال پهچايو ويو جتي لاش کڻي ايندڙ ماڻهو بعد ۾ فرار ٿي ويا هئا. لاش اسپتال کڻي ايندڙن ۾ مقتول جو ڀاءُ امير بخش سيال به گڏ هو جيڪو پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪري اسپتال پهتو هو. لاش اسپتال ۾ ڇڏڻ کانپوءِ امير بخش هٽڙي پوليس کي اطلاع ڏنو ته سندس ڀاءُ کي قتل ڪري لاش باءِ پاس تي اڇلايو ويو آهي. اهڙي اطلاع کانپوءِ پوليس باءِ پاس تي ڦليلي واهه جي موري تي پهچي سرزمين جو معائنو ڪيو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي اطلاع ڏنو ته اها حد بلديا ٿاڻي جي آهي. بلديا پوليس پهچي نشاندهي ڪيل سرزمين جو معائنو ڪيو ته اتي رت جا نشان نه هئا جنهن کانپوءِ قتل جو اطلاع ڏيندڙ مقتول جي ڀاءُ کي حراست ۾ وٺي کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جنهن بعد ۾ پوليس کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ سعيد آباد ٽول پلازه وٽ ڪار ۾ ويٺل هڪ شخص جي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي. اهڙي بيان کانپوءِ سعيد آباد پوليس جي ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او کي طلب ڪيو ويو جن ابتدائي طور مقتول جي پيءُ روشن، ٻي ڀاءُ امان الله ۽ ماروٽ معروف کي به تحويل ۾ ورتو ۽ پاڻ سان گڏ سعيد آباد منتقل ڪيو. پڇا ڳاڇا کانپوءِ مقتول جي پيءُ روشن کي آزاد ڪيو ويو جڏهن ته قتل واري حد جي نشاندهي هالا جي ڀرسان ٿيڻ کانپوءِ ڪيس هالا پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. ان دوران لاش کي سول اسپتال مان سعيد آباد ۽ بعد ۾ هالا اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. گذريل رات دير سان لاش وارثن حوالي ڪري کين پنو عاقل اماڻيو ويو. پوليس نوجوان نصر الله جي قتل جي ايف آءِ آر سندس پيءُ روشن جي فرياد تي داخل ڪئي آهي جنهن ۾ مقتول جي هڪ دوست شاهه رخ ڏهر کي نامزد ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته مقتول ۽ سندس ٻيا مٽ مائٽ ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي ۾ رهندڙ آهن جتي سندن اڪثر ڀاتي مل ۾ مزدوري ڪندا آهن. نصر الله 12 سيپٽمبر تي ڪراچي کان پنو عاقل ويو هو جتان واپسي تي هو پراسرار نموني پنهنجي ڀاءُ جي موجودگي ۾ قتل ٿي ويو.

Bookmark the permalink.