تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

پنوعاقل ۾ گذريل رات هڪ نوجوان کي ڌاڙيل ڄاڻائي مارڻ وارو مقابلو شڪي بڻجي ويو: مارجي ويل ڪشمور واسي جي جسم تي تشدد جا نشان واضع

منهنجو پٽ ڏوهاري نه هو ڪجهه وقت بعد سندس شادي رٿيل هئي: نوجوان جي امڙ جون دانهون

پنوعاقل (ن پ ا) دادلو پوليس پاران گذريل رات هڪ نوجوان کي ڌاڙيل ڄاڻائي مارڻ وارو مقابلو شڪي بڻجي ويو، مارجي ويل ڪشمور واسي نوجوان اعجاز سبزوئي جَي جسم تي تشدد جا نشان واضح ظاهر ٿيا آهن. تعلقي اسپتال ۾ نوجوان جِي ماءُ دانهيو ته سندس پٽ ڏوهاري نه هو، ڪجهه وقت بعد سندس شادي رٿيل هئي، جنهن سبب هو ساهرن وٽ ترسيل هو، جتان اوچتو غائب ٿي ويو هو، پوليس پٽ کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ظلم ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو موقف آهي ته مارجي ويل ڌاڙيل جو واسطو لاڏُو تيغاڻي جَي گروپ سان هو.

Bookmark the permalink.