تازا ترين
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

پنوعاقل ۾ رولو ڪتن وڌيڪ هڪ نينگر کي ڏاڙهي وڌو، چئن مهينن دوران رولو ڪتن 1050 ماڻهن کي ڏاڙهي وڌو

ڪتن ڏاڙهيلن ۾ 75 سيڪڙو ٻار، 5 سيڪڙو اڌڙوٽ ۽ 20 سيڪڙو عورتون ۽ بزرگ شامل

پنوعاقل (ن پ ا) شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن سلطانپور، سومرا پهنواري، نرڇ، نوراجا، بائيجي، هڱوري، ڪوٺو، رضا ڳوٺ، دُبر، ٻٽر ۽ ٻين علائقن ۾ جنوري کان اپريل تائين رولو ڪتن 1050 ماڻهن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو آهي. رپورٽ موجب ڪتن هٿان ڏاڙهي زخمي ڪيلن ۾ 75 سيڪڙو ٻار، 5 سيڪڙو اڌڙوٽ ۽ 20 سيڪڙو عورتون ۽ بزرگ شامل آهن. ان حوالي سان پني عاقل تعلقي اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته جنوري کان اپريل تائين 3 کان 10 ڪيس ڪتن ڏاڙهڻ وارا ايندا رهيا آهن جن کي ڪُتي جو زهر ڦهلجڻ کان بچائڻ واري ويڪسين لڳائي وئي آهي. اسپتال انتظاميه موجب تعلقي اندر قائم بي ايڇ يوز کي صحت کاتو الڳ سان اينٽي ريبيز ويڪسين مهيا ڪندا آهي پر اُهي پنهنجن علائقن ۾ ڪتي جي ڏاڙهيل ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ بدران تعلقي اسپتال اماڻي ڇڏيندا آهن جنهن سبب تعلقي اسپتال ۾ وڌيڪ مريض اچن ٿا.

Bookmark the permalink.