تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

پنوعاقل ڀرسان وحشي جوابدارن پاران نينگري سان مبينا طور زيادتي: الزام هيٺ آيل ٽن جوابدارن مان هڪ سوگهو

فرمان، عباس ۽ نثار اکين تي پٽي ٻڌي کنڀيو ۽ پوءِ زيادتي جو نشانو بڻايو: متاثر نينگري

پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار ) پنوعاقل ڀرسان ٽن ڄڻن تي نينگري سان زيادتي جو الزام، هڪ جوابدار گرفتار، مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ موچڪو ۾ 14 ورهين جي نينگري کي مبينا طور جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. نينگري کيس پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال اماڻي ڇڏيو. اسپتال ۾ ميڊيڪل رپورٽ لاءِ نينگري جا جزا ورتا ويا، اسپتال ۾ نينگري الزام هڻندي چيو ته 3 جوابدار فرمان، نثار ۽ عباس اکين تي پٽي کيس کنڀي ويا ۽ پوءِ زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد فرار ٿي ويا. مبارڪپور پوليس جو چوڻ آهي ته الزام هيٺ آيل ٽن جوابدارن مان هڪ جوابدار عباس کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.



Bookmark the permalink.