تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

پنوعاقل ويجهو وحشي جوابدار جي معصوم نينگر سان مبينا بدفعلي، ڪيس داخل

پنوعاقل (ن پ ا ) پنوعاقل ويجهو وحشي جوابدار جي معصوم نينگر سان مبينا بدفعلي، پوليس نينگر کي ليٽر ڏئي اسپتال اماڻي ڇڏيو ، اسپتال انتظاميا نينگر جا ميڊيڪل لاءِ جزا وٺي ڇڏيا خبر موجب پنوعاقل ڀرسان بشيرآباد واسي نينگر سونو چوھاڻ کي جوابدار پاران مبينا طور زبردستي بدفعلي جو نشانو بڻائي ڇڏيو آھي نينگر کي سندس والده سٽي ٿاڻي تي کڻي آئي ، سٽي پوليس نينگر کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪندي تعلقي اسپتال پنوعاقل اماڻي ڇڏيو، اسپتال ۾ نينگر جا ميڊيڪل لاءِ جزا وٺي ڇڏيا آهن ، متاثر نينگر جي والده موجب جوابدار اڪبر چوهاڻ گاهه ڪرڻ بهاني پٽ کي ڪمند جي فصل ۾ وٺي وڃي بدفعلي جو نشانو بڻايو، جڏھن ته سٽي پوليس جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آھن ، ھوڏانھن انساني حقن جي اڳواڻ سنڌ سھائي سٿ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو پاران نينگر سان زيادتي واري معاملي جي حوالي سان جوابدار جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي سکر عرفان سمون سان رابطو ڪيو ويو ايس ايس پي سکر پاران جوابدار کي جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي

Bookmark the permalink.