تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پنوعاقل ويجهو محمد پور وارَي علائقي ۾ نجي اسڪول جَي استاد قدير عباسي تي 7 سالن جِي نينگرِي سان زيادتي جِي ڪوشش جو الزام

الزام هيٺ آيل استاد زيادتي جو الزام رد ڪندي چيو ته مٿس ڪارنهن جو الزام لڳايو پيو وڃي

متاثر ڌر ٿاڻي تي ناهي آئي، استاد فون ڪري تحفظ جِي گهر ڪئي آهي: پوليس

پنوعاقل (ن پ ا) محمد پور وارَي علائقي ۾ نجي اسڪول جَي استاد تي 7 سالن جِي نينگرِي سان زيادتي جِي ڪوشش جو الزام لڳايو ويو. ذريعن موجب بااثر ڌريون معاملو راڄوڻي ذريعي نبيرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن. الزام هيٺ آيل استاد قدير عباسي زيادتي جا الزام رد ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته مٿس ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهيو پيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ڌر ٿاڻي تي ناهي آئي، باقي استاد فون ڪري تحفظ جِي گهر ڪئي.

Bookmark the permalink.