تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

پنوعاقل آرمي پبلڪ اسڪول جو شاگرد هرکجي اغوا

12 هين جو شاگرد تاج محمد لنڊ صالح پٽ مان اسڪول ويندي گم ٿيو

نوجوان جي اغوا جي تصديق، ڌاڙيلن وارثن کان فون تي ڀنگ گهري ورتو

شڪارپور (رپورٽ: نثار کوکر) پنوعاقل آرمي پبلڪ اسڪول جو شاگرد عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا، تنگواڻي ٽولي وٽ پهچڻ جا اطلاع، مائٽن کي ڀنگ لاءِ فون، ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پنوعاقل آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٻارهين جماعت پڙهندڙ نوجوان تاج محمد ولد رياض لنڊ صالح پٽ مان ڪجهه ڏينهن اڳ اسڪول ويندي گم ٿي ويو هو جنهن جي هاڻي اغوا جي تصديق ٿي آهي. پوليس ذريعن موجب نوجوان صالح پٽ ڀرسان هڪ ڳوٺ جو رهاڪو آهي ۽ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ بعد ٻيلي ۾ تنگواڻي ٽولي وٽ پهتو آهي. جتان سندس مائٽن کي ڀنگ جي رقم لاءِ فون به ڪيا ويا آهن



Bookmark the permalink.