تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

”پنهنجي ايڪتا“ سموري سنڌ ۾ اڄ قومي عيد ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل: ريليون: ميڙاڪا ۽ مچ ڪچهريون جاري

سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ تياريون تيز: هر پاسي ثقافتي رنگ جرڪي پيا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سموري سنڌ ۾ پنهنجي ايڪتا ڏهاڙي جون تياريون جاري، پنهنجي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ اڄ مختلف شهرن ۾ ثقافتي تقريبون، سيمينار ۽ ريليون، ڄام صاحب ۾ ايڪتا ملھائڻ جو تياريو زور شور سان جاري، شھر ۽ اسڪولن ۾ اجرڪن ۽ ٽوپن جي چمڪار، هر ماڻهو ثقافتي رنگن ۾ رڱيل نظر اچڻ لڳو، سخي پبلڪ ھاءِ اسڪول ڄام صاحب ۾ ايڪتا پروگرام ٿيو، سڪول جا استاد ۽ شاگرد اجرڪ ٽوپيون پائي پھتا، سموري اسڪول ۾ ٽوپن ۽ اجرڪن جي بهار اچي وئي، شاگردن قومي گيتن تي رقص ڪيو.
گاجي کهاوڙ ۾ هينڊز پاڪستان آفيس ۾ هڪ سنڌ، هڪ ثقافت ۽ پنهنجي ايڪتا جي عنوان هيٺ تقريب ڪوٺائي وئي، ريلي ڪڍي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو، پروگرام ۾ گاجي کهاوڙ جي مختلف اسڪولن جي ٻارن ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان قومي گيتن تي جهمريون هنيون. ٿاڻوبولاخان ۾ به پنهنجي ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ مچ ڪچهري ۽ محبتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، مقامي فنڪارن رميش راهي، گووندا ڪمار سوني، درشن ڪمار سوني، دليپ ڪمار ۽ راما شرما مختلف قومي گيت پيش ڪري ڪچھري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
سڄي سنڌ جيان واهي پانڌي ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا، پنھنجي ايڪتا پنھنجن سان ملھائڻ واري سڏ تي ثقافت جي عنوان هيٺ شهيد عاشق پبلڪ اسڪول واهي پانڌي پاران هڪ شاندار رنگا رنگي پروگرام منقعد ڪيو ويو، پروگرام ۾ اسڪول جي ٻارڙن خوبصورت تقريرن، خاڪا ۽ هو جمالو ۽ جئي سنڌ جئي سنڌ وارا جيئن تي ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو. ميرپورساڪرو ۾ بوائز اسڪول غلام الله طرفان پنهنجي ايڪتا جو ڏھاڙو وڏي جوش جذبي سان ملھايو پيو وڃي، ھاءِ اسڪول غلام الله کان مين بس اسٽاپ تائين ثقافتي ڏھاڙي جي مناسبت سان ريلي ڪڍي وئي. تقريبن، ريلين، مچ ڪچهرين ۽ سيمينارز ۾ خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ صوفين جي ڌرتيءَ آهي، جتان هميشه پيار، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ملي ٿو، اجرڪ اسان جي سڃاڻپ آهي اجرڪ موهن جي دڙي کان وٺي اسان جي ثقافت جو حصو رهيو آهي، اسين پنهنجي ثقافت کي هميشه جياريون اينداسين، ٽوپي اجرڪ اسان جو شان آهي ۽ جيڪي قومون پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪنديون آهن اهي سدائين قائم هونديون آهن. پيار محبت وارا ماڻھو سنڌ ڌرتي تي رھن ٿا، هندو اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان پهرين سنڌي آھيون پوءِ هندو آھيان، ساري سنڌ پرين جو پاڇو آھي اسان سڀ هڪ آھيون، سڀني هڪ رهڻ گهرجي.
قاضي احمد ۾ به پنهنجي ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ سول سوسائٽي، جسقم ۽ سوشل ورڪرز طرفان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ نوجوان اجرڪ جا جهنڊا هٿن ۾ کڻي ثقافتي ويس، ٽوپيون اجرڪ، پٽڪا پائي ثقافت جا رنگ نروار ڪيا، ريلي ۾ شريڪ سوين نوجوان سنڌي گيتن تي رقص ڪندي جهمريون هڻندا رهيا
سيھڙ ۾ پنھنجي ثقافت جي اعلان کي ڀر پور موٽ، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ۽ امتحاني سينٽر ٽاٽڙي ۾ پنهنجي سنڌ، پنهنجي ايڪتا سڏ کي ڀرپور موٽ ڏيندي هاءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران ايڪتا ثقافتي پروگرام ڪرايو ويو. شاگردن پاران قومي گيتن تي رقص ۽ ٽيبلوز پيش ڪيو ويو.
پنھنجي ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان خانواهڻ جي گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ٿي، جتي اسڪول جي شاگردن پاران قومي گيتن تي رقص ڪيو ۽ انساني زنجير ٺاهي ٻڌي جو ثبوت ڏنو،ثقافتي ريلي پڻ ڪڍي وئي، مورو شهر جي تاريخي اسڪول گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پاران “پنھنجي ايڪتا” جي عنوان واري سڏ کي ڀرپور موٽ ڏيندي ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، اسڪول جي استادن، شاگردن سياسي سماجي ڌرين صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اسڪول جي شاگردن “پنھنجي ايڪتا” جي عنوان تي تقريري مقابلا ڪري انعام حاصل ڪيا ۽ قومي گيتن تي ٽيبلا پيش ڪري سنڌي گيتن تي جھمريون پڻ ھنيون.
دريا خان مري جي مختلف اسڪولن ۾ ثقافتي تقريبون جاري، سنڌ جي ثقافتي حوالي سان سنڌي اسڪول ۽ نيو ماڊرن پبلڪ اسڪول دريا خان مري جي استادن ۽ شاگردن پاران ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون، اڳواڻن چيو ته اسان جي ثقافت نه رڳو ٽوپي اجرڪ يا پٽڪو آهي، بلڪه مهمانوازي به اسان جي ثقافت ۾ اچي ٿي ۽ اها ثقافت تهذيب هزارين سال قديم آهي، پوري دنيا ۾ نمايان انداز ۾ نروار آهي. جروار جي حيات پتافي هاءِ سيڪنڊري اسڪول ۾ پنهنجي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو ويو، تقريب ڊي اي او سيڪنڊري منظوراحمد نائچ مهمان خاص هئا، اسڪولي شاگردن ٽيبلو پيش ڪيا ۽قومي گيتن تي جهمريون پڻ هنيون ويون، مظھر ماڊل اسڪول راڻيپور ثقافتي صوفي ازم سان رنگجي ويو،سنڌ جا معياناز فنڪار منظور سخيراڻي، خوشبو لغاري ۽ ٻين قومي گيت ڳائي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.