تازا ترين
  • *ڄامشورو ۾ نوجوان ناري جو پيءُ تي زيادتي جي ڪوشش جو الزام: پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو * ڄامشورو: پيءُ پاڻي بهاني ڪمري ۾ گهرائي لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي: ناري جو الزام * ڄامشورو: جوابدار سومر ملاح کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي: پوليس *
  • *ڪشمور پوليس پاران نوجوان عبدالرزاق کوسو کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ ۽ هڪ جوابدار محمد حيات سبزوئيکي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ*
  • *جهول ويجهو باهه لڳي وئي، پورهيتن جا 8 ڪکانوان گهر الهه تلهه سوڌو رک*
  • *گولاڙچي ويجهو ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، 2 ڄڻا نواز خاصخيلي ۽ عظيم خاصخيلي فوت*
  • *مانجهند: سن ويجهو وين ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو 45 سالن جو چنيسر کوسو فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي*
  • *گمبٽ ۾ هڪ عورت حاڪم زادي ڪوري ڪارو پٿر پي ڇڏيو، نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي ريفر*
  • *گمبٽ ڀرسان استري ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ عورت طيبه ڪليري فوت ٿي وئي*
  • *پيرڳوٺ ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ٻن ڀائرن غلام شبير ڀنگر ۽ محمد قاسم ڀنگر مان هڪ غلام شبير ڀنگر فوت ٿي ويو*
  • *سکر: گهوٽڪي ويجهو مڙس جوابدار علي مراد شيخ پاران ڪارنهن تهمت هڻي زال مسمات ظھران کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش، ناري نازڪ حالت ۾ سکر ريفر * سکر: جوابدار علي مراد شيخ زال مسمات ظھران کي ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو * سکر: جوابدار ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي نياڻي تي حملو ڪيو: وارث*
  • *سکر: پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان ناري سِمرن ڌيءُ ڪيول مسيح درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ لاءِ وفاق کي وڌيڪ 2 نالا تجويز * ڪراچي: سنڌ سرڪار ثناءُ الله عباسي ۽ انعام غني جا نالا اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏيا *
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ هوٽلن، ريسٽورنٽس، بيوٽي پارلر، هار سينگار ۽ صحت مرڪزن کي ٽئڪس ۾ رعايت: ڪابينا خدمتن تي ٽئڪس ۾ رعايت جي منظوري ڏئي ڇڏي * ڪراچي: گهريلو ملازمن جي پگهارن ۽ رجسٽريشن لاءِ رولز جي منظوري، موٽر سائيڪلز ۾ ٽريڪرز لڳائڻ لاءِ به ترميمي قانون جي منظوري ڏني وئي * ڪراچي: وڏي وزير طرفان لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي پگهارن وارو مسئلو جلد حل ڪرڻ جي هدايت، اربن اٿارٽي جوڙڻ جي به منظوري *
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ طرفان سول سوسائٽي سان ملاقات تي اعتراض واري ڇڏيا: ڏوهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيڻ تي زور * ڪراچي: وزيراعظم جي ڏيهه واپسي کانپوءِ آءِ جي تبديل ٿي ويندو، ڪوبه بحران نه آهي: مرتضيٰ وهاب *
  • امتياز شيخ ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو*هٿ ٺوڪيا الزام لڳائڻ تي رضوان شيخ معافي وٺي: صوبائي وزير طرفان هڪ ارب جي هرجاڻي جي دعويٰ*
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*

پنهنجو ايڪتا ڏِڻ: سموري سنڌ اڄ هڪ لڙي ۾ پوئجِي ويندي: هَر واهڻ وستي ۾ قومي عيد: تقريبون رٿيل

ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، خيرپور، سکر، گهوٽڪي ۾ تقريبون ٿينديون

دبئي، لنڊن، ڪئناڊا ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي به اڄ پنهنجي ايڪتا ملهائيندي: سنڌ جون سورميون ۽ سپوت ڌرتي ماءُ کي ڀيٽا پيش ڪندا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اڄ پنهنجو ايڪتا ڏِڻ ملهايو پيو وڃي، سموري سنڌ اڄ هڪ لڙي ۾ پوئجِي ويندي، هَـر واهــڻ وسطي ۾ قومي عيد جا منظر هوندا، تقريبون ڪوٺائي ڌرتي جون سورميون ۽ سپوت امڙ کي ڀيٽا پيش ڪندا.
ڪراچي، ملير، حيدرآباد، ڄامشورو، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، خيرپور، سکر، گهوٽڪي جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ تقريبون ڪوٺايون وينديون.
ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو آدم، مورو، نوشهرو فيروز، شڪارپور، خانپور، ڳڙهي ياسين، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، اوٻاوڙو، خانپور مهر سميت سنڌ جي مڙني شهرن ۾ پنهنجو ايڪتا ڏڻ ملهايو ويندو، تقريبون ڪوٺائي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.
پنهنجي ايڪتا تقريبن ۾ ناليوارا فنڪار، شاعر فن جو مظاهرو ڪندا، مک تقريبن جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
هوڏانهن دبئي، لنڊن، ڪئناڊا ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي به اڄ پنهنجي ايڪتا ملهائي سنڌ جي پنج هزار ورهيه پراڻي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪندا.



Bookmark the permalink.