تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

پنهنجن سان ايڪتا تي ڪشمور ضلعو ثقافتي سرهاڻ سان ٻهڪي پيو: ٽوپي ۽ اجرڪن جا ترورا

ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي ۽ ٻين ننڍن وڏن علائقن ۾ قومي ڪاڄ جو جشن

ٻار به ثقافتي لباس پهري جهمريون هڻن لڳا: ريلين ۾ قومي گيتن جي جهونگار

ڪشمور (نمائندن وٽان) سموري سنڌ جيان ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ به ثقافتي عيد ملهائي پئي وڃي، سموري سنڌ جيان بخشاپور ۾ پنهنجي ايڪتا عيد ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ سگهڙ سلات ۽ شهر واسين سري هيٺ هاءِ اسڪول ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ سگهڙن اديبن شاعرن سنڌ کي امڙ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، هاءِ اسڪول کان ايڪتا عيد جي خوشي ۾ ناڪا چوڪ تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، ڪشمور ۾ پنهنجي ايڪتا جا رنگ نکري پيا، ڪشمور شھر ثقافتي رنگن سان رگجي ويو، ڪشمور سٽيزن ويلفيئر شھري ايڪشن ڪاميٽي، شھري اتحاد، ايس ٽي پي، سياسي سماجي تنظيمن ۽ تعليمي ادارا طرفان ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ننڍا توڙي وڏا سنڌي ٽوپي اجرڪ پٽڪا ٻڌي روڊن تي نڪري آيا، ڪشمور شھر جو پيادل گشت ڪيو ويو.
تنگواڻي ۾ قومي عيد ڀرپور نموني ملهائي وئي، قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، جسقم، ايس ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن طرفان الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون، هزارين نوجوانن گهرن کان نڪري ريلين ۾ شرڪت ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو.

Bookmark the permalink.