تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

پنهنجن جون چٺيون

سنڌ ۾ هوا ڄاين تي ظلم!
اھو ھڪ ڪڙو سچ آھي ته عورت صدين کان پنهنجي سياسي، اقتصادي ۽ شخصي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙي رھي آھي پوءِ ڀلي ان کي پنهنجي خاندان سان ئي جنگ ڇو نه جوٽڻي پوي پر ان کي ھميشه مرداني سماج مان مايوسي ئي ملي آهي. اسين پنهنجي دنيا سان ڀيٽ ڪيون ته سنڌ جي عورت اھڙي دور ۾ ٻاگھي بڻجي دھلي جي حڪمران جي چيلي ظفر سان مھاڏو اٽڪائي ٿي، جڏھن دنيا ۾ نياڻي جي ڄمڻ کي نحوست ڪوٺيو ويندو ھو. ان سان گڏ لطيف سرڪار سھڻي جي ڏم سان زوري شادي جو مخالف رھيو. ڀٽائي سھڻي کي چوي ٿو ته:
مرج وٽ ميھار متان موٽي سھڻي،
ساھڙ جا سينگار متان ڏم ڏيکارين.
لطيف سائين سسئي کي پنھون حاصل ڪرڻ لاءِ جفاڪش ۽ لوچڻ سان گڏ ھمٿ افزائي جو پڻ درس ڏنو. امر بادشاھ لک ڪوششن باوجود مارئي کي پنهنجو ڪري نه سگھيو، پر ھن پنهنجي طاقت جي نشي کي ڪڏھن به مارئي خلاف استعمال نه ڪيو ۽ ان کي عزت ۽ احترام سان پنهنجي ملڪ ملير روانو ڪيو پر جڏھن اسين اڄ جي دور کي ڏسون ته روزانو وزيران يا رمشا کي غيرت جي نالي تي سنگسار ڪيو وڃي ٿو. هر ٻئي ڏينهن عورتن جي آپگھاتن جا واقعا وڌنڌا پيا وڃن. عورتون جسماني ۽ ذھني تشدد کي منهن ڏئي رھيو آھن. سنڌ ۾ حڪومت انهن جي آھي جن جي اڳواڻ پڻ هڪ عورت هئي، جنھن سدائين نياڻين جي حقن جي ڳالهه ڪئي پر ھيءَ حڪومت صرف قانون سازي تائين محدود آھي، ان تي عمل ڪٿي نظر نٿو اچي. حڪومت کي گھرجي ته سخت قانون سان گڏ انھن ھٿن کي به چٿيو وڃي جيڪي عورتن خلاف استعمال ٿا ٿين. عورتن کي سياسي ۽ معاشي طور نوان موقعا فراھم ڪيا وڃن جيئن اھي پنهنجي حقن لاءِ صحيح طور تي آواز اٿاري سگھن. عالمن کي پڻ عورت جي اھميت بابت عوام کي ٻڌائڻ گھرجي.
محمد حيات/ جھنگو وساڻ
سول اسپتال مڪلي جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي؟‎
4 جولاءِ 2020ع تي پنهنجي ڳوٺ کان 40 ڪلوميٽر پري ڪرائي جي سوزڪي پڪ اپ تي تيز بخار سبب پنهنجي 10 سالا ڀائيٽيءَ کي کڻي ٺٽي جي هيڊ ڪواٽر سول اسپتال مڪلي جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهتس. ڀائٽيءَ کي بيڊ تي ليٽائي ڊاڪٽرن جي ڳولا ڪيم ته اتي موجود ڪمپائونڊرن ٻڌايو ته ڊاڪٽر صاحب ڊيوٽي روم ۾ ويٺو آھي، اتي وڃي مريض ڏيکاريو، ڀائٽيءَ کي ڪلهن تي کڻي ڊيوٽي روم ۾ پهتس ته ڊاڪٽر پري کان ڏسي مليريا ۽ مدي جي بخار جي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ پرچي ته لکي ڏني پر ننڍڙيءَ جو ٿرماميٽر ذريعي بخار چيڪ ڪرڻ جي زحمت به نه ڪئي، ڊاڪٽر کي ٻڌايم ته ننڍڙيءَ کي تيز بخار آھي، اسپتال ايندي کيس مٿي تي ٿڌو پاڻي هڻندا هتي پهتا آھيون. ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته اتي ئي مريض جي مليريا ۽ مدي جي بخار جي ٽيسٽ ڪئي وڃي ها پر ليبارٽري وڃڻ جو چيو ويو. ليبارٽري پهتاسين ته اتي ويٺل همراهه ٽيسٽن جا پورا ٽي سئو رپيا ورتا. چيم سرڪاري اسپتال آھي ڪجهه ته رعايت ڪريو، چيائين رعايت ڪري پوءِ ئي 300 رپيا ورتا اٿم ۽ ٽيسٽ جي رپورٽ اڌ ڪلاڪ بعد ايندي. ان اڌ ڪلاڪ دوران نياڻي ايمرجنسي وارڊ جي سامهون پٽ تي تيز بخار ۾ تڙپندي رهي ۽ اسان کيس مٿي تي ٿڌو پاڻي هڻندا ٽيسٽن جو انتظار ڪندا رهيا هئاسين، جڏهن ٽيسٽ رپورٽون آيون ته وري ڊيوٽي روم ۾ ساڳئي ڊاڪٽر ڏانهن وياسين. ڊاڪٽر چيو رپورٽن ۾ مليريا ۽ مدي جو بخار ناهي، هي سٺيون دوائون لکان ٿو وڃي پرائيويٽ اسٽور تان وٺو. چيم سر اسپتال جي اسٽور ڏانهن ڇو نٿا موڪليو؟ چيائين هتي هي دوائون نه ملنديون. سول اسپتال مڪلي جي احاطي ۾ موجود پرائيويٽ اسٽور تان دوائون وٺندي سوچيم هيءَ ڪهڙي سرڪاري اسپتال آھي؟ جتي مليريا جي ٽيسٽ لاءِ به غريبن کان 3 سئو رپيا ورتا ٿا وڃن ۽ ايمرجنسي وقت هن اسپتال ۾ غريبن کي هڪ گوري به نٿي ملي؟ سول اسپتال مڪلي جي بجيٽ آخر ڪيڏانهن ٿي وڃي؟ ان اسپتال جو ڪهڙو فائدو؟ صحت کاتي سنڌ، ڊي ايڇ او ٺٽو ۽ چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته معاملي جو نوٽيس وٺي رات وقت ايمرجنسي وارڊ ۾ مريضن جو بهتر ۽ مفت ۾ علاج ڪيو وڃي.
غلام علي گل ٻجورو/سجاول
عزير بلوچ جي، جي آءِ ٽي رپورٽ!
سنڌ حڪومت طرفان سومر تي عزير بلوچ جي انڪشافن تي ٻڌل جي آءِ ٽي رپورٽ پبلڪ ڪئي وئي، ھڪ عجيب روايت پاڪستان جي سياست ۾ ڏسڻ ۾ ملي ٿي ته حڪمران ڏوھارين کان پنھنجا ڪم وٺي پوءِ انھن کا پاسيرا ٿيو وڃن، عزير بلوچ ڪرپشن ۽ دھشتگردي جا جيڪي داستان ٻڌايا آھن جنھن ۾ 198 ماڻھن کي قتل ڪرڻ سان گڏ پوليس، رينجرز ۽ بلديا سانحي ۾ بيگناھ ماڻھن کي ساڙڻ جھڙا دل ڌوڏيندڙ ڏوهه شامل آھن. عذير بلوچ ھڪ ڏوھاري آھي ۽ سزا به ڪٽي رھيو آھي پر ڏوھن خلاف ڀڙڪائڻ يا اڪسائڻ به ھڪ ڏوهه آھي، سو جن ماڻھن انهن ڏوھارين کان پنھنجا ڪم ورتا آهن انھن کان به حساب ورتو وڃي. جن ماڻھن جا نالا ان جي آءِ ٽيءَ ۾ آھن انھن ۾ سرفھرست فريال ٽالپر ۽ ذوالفقار مرزا جا نالا آھن. سوال اھو آھي ته 2012ع جي، جي آءِ ٽي ايترا سال عوام سامهون نه آندي وئي. ناليواري اينڪر تجزيو ڪندي چيو ته جي آءِ ٽي ۾ اھڙو ڪو نالو نه آھي جنھن ۾ اصل قتل ڪرائڻ وارا، غيرقانوني قبضا ڪرائڻ وارا يا ڏوھاري منظر تي اچن. مزي جي ڳالھ اھا آھي ته ڏوھاري ته ملي ويا، قبضا ڪندڙ ۽ ڀتا وٺندڙ منظر عام تي آھن، پر جن جي لاءِ اھي ڏوهه ڪيا ويا انهن جا نالا جي آءِ ٽي ۾ ناھن پر انھن جا نالا آءِ ايس آءِ، ايف آءِ اي وٽ ضرور آھن. اصل جي آءِ ٽي ته خود وزيراعظم به پبلڪ نه ڪرائڻ چاھيندو. پر ملڪ ۽ انصاف لاءِ اصل ذميوارن کي وائکو ڪرڻ کپي.
ايڊووڪيٽ سوميا/حيدرآباد
قطعي جو بادشاهه اميد خيرپوري!‎
قطعي جو بادشاهه اميد علي جمالي عرف اميد خيرپوري جيڪو شاعري جي صنف “قطعي” جو شاندار شاعر هو، جنهن جي قطعي ۾ معاشرتي بک، افلاس، ڏک ۽ ماڻهن جي مڙني مسئلن تي شاعري ڪندڙ پاڻ به هڪ باڪردار خوددار انسان هو. جنهن جي شاعري جو فلسفو بهترين هو، جنهن ڪري ئي سنڌ جي اديبن کيس “قطعي جو بادشاهه” سڏيو، جو چئن سٽن ۾ سڄي ڳالھ ڪرڻ حقيقي رنگ چٽڻ به هڪ شاعر جي فن جو ڪمال آهي. اميد خيرپوري جا ٻه مجموعا “ڏوراپو” ۽ “اڪن تي پارو” پڻ شايع ٿيو. خيرپور جو هيءُ مفلس شاعر جنهن قطعي جهڙي صنف ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا ان کي وڇڙئي 19 سال ٿي ويا آهن پر هو ادبي سنگت يا ٻين ادبي تنظيمن کان وسري ويو آهي. اهڙا املھ موتي جن جو ڪو ملھ ئي ناهي، اسان جا اديب، ثقافت کاتو اهڙن ماڻهن کان ايندڙ نوجوان نسلن کي روشناس ڪرائي ته پنهنجي ٻولي ۽ ادب بچي سگهي ٿو.
ايڊووڪيٽ محمد علي سومرو/خيرپورميرس
ٽنڊو ڄام نيشنل بينڪ کولي وڃي!
ٽنڊو ڄام نيشنل بينڪ سميت ٻيون به ڪيتريون ئي بينڪون وچ شهر ۾ واقع آهن، انتظاميا کي گهرجي ته اهي بينڪن کي وچ شهر مان ٻاهر ڪنهن وڏي وسيع جاءِ تي منتقل ڪري ۽ ٻيو ته بينڪون جنهن جاءِ تي آهن انهن جي جيڪا ايريا آهي، جتي بينڪ جا ملازم بينڪ جو ڪم ڪندا آهن، اها ايريا تمام ننڍي آهي، جيڪڏهن بينڪ جي ايريا ننڍي هوندي ته پوءِ ڇو نه ڪورونا وڌڻ جا امڪان هوندا، جيڪڏهن بينڪ هڪ دڪان جيتري جاءِ تي کولي ويندي ۽ ان کي بينڪ جو نالو ڏنو ويندو آهي ته پوءِ ڇو نه ڪورونا ڦهلجندي؟ بينڪ جي ايريا هڪ وڏي ۽ وسيع جاءِ هوندي آهي پر انتهائي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته هتي بينڪن جي جيڪا ايريا آهي اها هڪ دڪان جيتري آهي، آخرڪار ڪورونا وائرس جي ٽنڊو ڄام نيشنل بينڪ جي هڪ ۾ تصديق ٿيڻ بعد بينڪ اڻڄاتل مدي تائين سيل ڪئي وئي آهي، اهو ته ٿيڻو هو، ڇو جو بينڪ تي ايتري ته رش لڳي پئي هوندي آهي جو پير رکڻ جي جاءِ ناهي هوندي، ان سان گڏ بينڪ جي کلڻ جو ٽائيم گرمي جي موسم ۾ صبع جو 10 وڳي يعني ڪورونا وائرس کي دعوت ڏيڻ برابر آهي، گرمي جي هن موسم ۾ جيڪڏهن بينڪ ايترو دير سان کلندي ۽ عوام ان گرمي ۾ بينڪ کلڻ جو انتظار ڪندو ته پوءِ ايئن لڳندو آهي جهڙوڪ وڏو ڏينهن ٿي ويو آهي، انتظاميا کي گهرجي ته بينڪ جي ساڳئي ٽائيم کي بحال ڪري عوام کي سهولت ڏني وڃي، بينڪ جي سيل هئڻ سان آسپاس جي علاقي جي عوام کي تمام وڏي پريشاني ٿي رهي آهي.
عبدالرزاق راڄپر/ٽنڊو ڄام
پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم سنڌ جو عوام!
ھڪ پاسي ڪورونا زندگي مفلوج بنائي ڇڏي آھي، ٻيو گرميءَ جو قهر، ٽيون واپڊا جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب سنڌ جي شھرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ ۽ ڪيترن ئي شھرن ۾ پيئڻ لاءِ گندو پاڻي ڏيڻ جون دانھون ميڊيا تي اچي رهيون آهن. عوام دانھون ئي ڪري سگھي ٿو، ٻڌڻ ۽ ان جو نوٽيس وٺڻ رياست جو ڪم آھي، سنڌ جو عوام پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آھي، ھن ملڪ جي قيام کي 73 هون سال پيو هلي پر ڪنھن به حڪومت عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ پلاننگ ناهي ڪئي، جنھن ڪري ڪيترن ئي سالن کان سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي. ڪٿي گندو پاڻي ڏنو ٿو وڃي، ڪٿي مٺي پاڻي لاءِ احتجاج ته ڪٿي پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ وارن جي نااھلي ۽ ڪرپشن جي ڪري واٽر سپلاءِ اسڪيمون رولڙي جو شڪار آهن، ڪٿي واٽر سپلاءِ اسڪيمون مڪمل ٿيڻ باوجود چالو نه ٿيڻ جون شڪايتون آھن، اھڙيون شڪايتون سڄو سال ميڊيا تي ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، پر خاص طور گرمي ۾ پاڻي جي کپت وڌي ٿي ته اھڙيون شڪايتون به وڌن ٿيون. سنڌ واسين جي بدقسمتي آھي ته سنڌ معدنياتي ذخيرن سان مالا مال ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ تيل گئس ڏيندڙ ۽ ڪوئلي جا اڻ کٽ ذخيرا موجود آهن، جتي سنڌو وھي ٿو، جتي سي پورٽ آھي، جتي ميون جا باغ، زرعي فصل آهن، سنڌ سڀني صوبن کان وڌيڪ ناڻو ڪمائي ٿي پر افسوس جو اڄ به سنڌ جو عوام پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آھي. جڏھن ته ھن وقت سنڌوءَ ۾ پاڻي ھئڻ سبب شاخون تاروتار وھي رھيون آھن، ان باوجود پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ڇو آھي؟ سنڌ جي ٻھراڙين جي جيڪا حالت پٿر واري دور جھڙي آھي، شھرن توڙي ٻھراڙيون بنيادي سھولتن کان محروم آھن، ٻيو ته ٺھيو پر سنڌ جو عوام پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آھي، پاڻي زندگي آھي، پاڻي انساني جياپو آھي، انسان کي جيئڻ لاءِ پاڻــــي ضروري آھي.
مهاوير واسو/مٺي، ٿرپارڪر
مھانگائيءَ جو جن ۽ عوام!
جڏھن کان عمران سرڪار اقتدار ۾ آئي آھي تڏھن کان ملڪ جي مسڪين ماڻھن جو مھانگائيءَ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، جن به ڪالھ تبديلي جا نعرا ھڻي جھمريون ٿي ھنيون انھن کي اڄ تبديلي جو ڀيانڪ منظر ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويون آھن. عمران خان واري نئين پاڪستان جي نعري مسڪين، مزدورن ۽ ھارين جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آھن، جيئن خان صاحب مھانگائي تي ڪنٽرول جو نوٽس وٺي ٿو تيئن واپاري سڳورا روزمرھ جي استعمال جي شين جو ريٽ وڌائي رھيا آھن، ويندي اٽي، لٽي کان ويندي جان بچائيندڙ دوائن تائين سڀني جون قيمتون آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳيون آھن. عمران خان صاحب تبديليءَ جي نالي تي عوام کي پيڙهي ڇڏيو آھي، جڏھن ته ڳالھ وڃي “گھبرانا نھين” تي بيٺي آھي، جنھن تڪيا ڪلام تي سوشل ميڊيا تي عمران خان تي ڇتي تنقيد پڻ ٿي رھي آھي ۽ منافعي خور مافيا عوام جو رت چوسي رھي آھي، پر عمران خان صاحب فقط نوٽس وٺڻ تائين محدود ٿي ويو آھي، ھن سڄي صورتحال ۾ ملڪ جو وزيراعظم بيوس نظر اچي رھيو آھي، ھٿ سان کنڊ، اٽي، پيٽرول جو بحران پيدا ڪندڙ ڌريون بي خوف عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽي ۽ ڦري رھيون آھن.
گلزار احمد درس/خليفو قاسم
سنڌ يونيورسٽي ٽسيٽ پاس استادن سان انصاف ڪريو!
سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي 10 سال گذري چڪا آھن پر صرف ڪراچي ڊويزن جي استادن کي پڪو ڪيو ويو آھي، باقي رھيل ضلعن جي استادن کي اڃا تائين ڪانٽريڪٽ جي سوليءَ تي لٽڪايو ويو آھي. سنڌ اسيمبلي ٻه ڀيرا بل منظور ڪري چڪي آھي پر جمهوريت جي چيمپئن پارٽي اھي بل پڪوڙا وڪڻڻ وارن کي ڏئي  ڇڏيا آھن، ڪنهن به حڪومت ائين نه ڪيو آھي جن کي سنڌ اسيمبلي جي پاس ڪيل بلن تي عمل نه ڪرڻ ھڪ ڏوھ آھي، جيڪي اسيمبليءَ جي ٺھرائن کي مانُ نٿا ڏين انھن کي ڪھڙي معيار ڏجي؟ دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن وٽ ائين نه  ٿيندو آھي، ڏھن سالن تائين استادن کي ڪانٽريڪٽ تي نٿو رکي سگهجي پر سنڌ جي حڪمرانن اھو ڪري هڪ نئون رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي، جيڪا پارٽي 10 سالن کان استادن جو ھڪ مسئلو حل نٿي ڪري سگهي اها وري ٻين مسئلن سان ڪھڙو حشر ڪندي؟ استادن جڏهن ريگيولرائيزيشن لاءِ ڪرچي ۾ احتجاج ڪيو ته انھن عورت استادن ۽ مرد استادن جي جيڪا تذليل ڪئي وئي اھا ڳالهه بيان ڪرڻ سان اسان استادن جا ڪنڌ شرم کان جھڪي وڃن ٿا. ميڊيا تي اچي خوب جھموريت جون ڳالهيون ڪن ٿا پر عملي ڪم ڪو به نه آھي! توهان کي مان اها ڳالهه به ٻڌائيندو ھلان ته ھن وقت ست ھزار استادن مان 60 استاد فوت ٿي چڪا آھن، انهن جي معصوم ٻچڙن سان ڪو به انصاف نه ڪيو ويو، آءُ ھاڻي وزير اعليٰ سنڌ کان ريگيولر ڪرڻ جو مطالبو ڪري مطلب ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر ٿو سمجهان! تنهن ڪري آءُ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ست ھزار استادن جي طرفان مطالبو ٿو ڪريان ته ڪورٽون پاڻمرادو نوٽس وٺي سنڌ يونيورسٽي ٽسيٽ پاس استادن سان انصاف ڪن نه ته ٻيو ھاڻي ته ڪو به رستو نه بچيو آھي.  
فيض احمد/منعم پلي
سنڌ ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ!
چوندا آهن تندرستي هزار نعمت آهي، جيءُ خوش ته جهان خوش پر اسان جي وطن خاص ڪري سنڌ ۾ صحت جون سهولتون اڻپوريون آهن، جڏهن ته انسان جي بنيادي سهولتن ۾ صحت، تعليم، صفائي سٿرائي، بجلي، پاڻي ۽ گئس اهم آهن، پر انهن سڀني سهولتن مان صحت جو شعبو اهم آهي، صحت هوندي ته انسان محنت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو گذر سفر ڪري سگهندو، توهان سنڌ جي ڪهڙي به اسپتال خاص ڪري ٻهراڙي جي اسپتالن ۾ ويندئو ته اتي سهولتن جي شديد کوٽ آهي، بلڪه سهولتون نه هجڻ برابر آهن، ڪٿي عملو غير حاضر هوندو، ته ڪٿي دوا اڻلڀ هوندي، ڪٿي ايمبولينس ڪونهي ته ڪٿي ايمبولينس ۾ تيل ڪونهي، ايتري قدر جو اسٽريچر به ڪونهن ۽ پنج رپين جي سرنج يا ڊاڪٽرن کي پائڻ لاءِ Hand-Gloves به اڻلڀ هوندا، ڇتي ڪتي جي انجيڪشن ته سنڌ حڪومت جي ڳڙهه سمجهيو ويندڙ لاڙڪاڻي ۾ به ڪانهي، حالت اها آهي ته ڪڏهن عورتون اسپتال جي ٻاهران ٻارڙن کي جنم پيون ڏين، ته ڪڏهن ڪچري جي ڍير تي ٻارڙن کي جنم پيون ڏين، جو اهڙي جنم بعد تازو ڄاول ٻار جلد فوت ٿيو وڃي، جنهن ڪري ماڻهو موٽر سائيڪلن، ريڙهن ۽ گڏهه گاڏن تي مريض ۽ لاش ڍوئيندا ٿا وتن. سنڌ جي اسپتالن ۾ اڪثر اهو ٿيندو آهي ته مريضن کي بيڊ ڏيڻ بجاءِ فرش تي ليٽايو ويندو آهي ۽ ڪجهه ماڻهن کي بيٺل صورت ۾ ڊرپ لڳائي ويندي آئي، “هل سائين! گھم ڦر به ۽ علاج به ڪراءِ” جڏهن ته ٻاهرين ملڪن ۾ ته جانورن جون اسپتالون به سنڌ جي عام عوامي اسپتالن کان ڀليون هونديون آهن، جتي جانورن جو جديد ٽيڪنالاجي سان علاج ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته اسان جي حڪمرانن جون اکيون بند آهن، اهي الائي ڪڏهن کلنديون، جو سنڌ جي غريب ماروئڙن کي صحت جهڙي بنيادي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
ايڊووڪيٽ رشيد احمد ميتلو / گمبٽ
اسان جي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪيو وڃي!
ڳوٺ شير خان لغاري ۾ واقع هاءِ اسڪول گذريل ڪافي سالن کان بند پيل آھي، ان جو اهو سبب ناهي ته اتي ڪا عمارت موجود ناهي، اسڪول جي عمارت ته خيرن سان ڪڏوهڪو جڙي راس ٿي وئي آھي پر تعليم کاتي جي بيڌياني سبب ڳچ عرصي کان اسڪو ان لاءِ بند آهي جو اتي ڪو به استاد مقرر ٿيل نه آهي، جنهن سبب ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ٻار سخت ڏکيائين کي منهن ڏيندي شھر جي اسڪولن ۾ وڃڻ تي مجبور آھن. ڳوٺ شير خان لغاري ۾ واقع هن اسڪول جي هلڻ سان اسان جي ڳوٺ سميت ڪيترن ئي ٻين ڳوٺن جا ٻارڙا پڻ پڙهي پوندا، ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته وزير تعليم ۽ وزير اعليٰ سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جيئن ڳوٺ شير خان لغاري، ڳوٺ علي خان سريوال ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺ جي ٻارن جي ڏکيائين جو ڪو آزالو ٿي سگهي.
تعمير حسين سريوال/ علي خان سريوال، شھدادپور‎
لوڊشيڊنگ سبب پريشان غريب عوام!
اڄ ڪلھ سموري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو لڳو پيو آھي، ڇا واقعي به لوڊشيڊنگ جو مسئلو آھي يا ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي پريشان ۽ دربدر ڪيو ويندو آهي؟ اسان دنيا جي ملڪن تي نظر ڊوڙايون ته سعودي عرب، چين،  فرانس، آمريڪا، انگلينڊ ۽ ٻين انهن جھڙن ملڪن ۾ لوڊشيڊنگ جو تصور به ناھي، پر هتي ان جي ابتڙ آھي. وڏا شھر ڪراچي، لاھور، اسلام آباد، ڪوئيٽا، پشاور، راولپنڊي، حيدرآباد جتي به لوڊشيڊنگ جو وڏو مسئلو آھي، ھنن شھرن ۾ ڪي اھڙا علائقا آھن جتي لائيٽ 24 ڪلاڪ ھوندي آھي، اتي لوڊشيڊنگ جو تصور به ناھي، ته ڪي وري اھڙا غريب علائقا به آھن جتي ٽي، چار ڪلاڪ يا ان کان به وڌيڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي، اتان جو عوام ڏاڍو پريشان ۽ دربدر ھوندو آھي، ھڪڙن علائقن ۾ ھٿراڌو لوڊشيڊنگ ڪري ان جي لائيٽ ٻين علائقن کي ڏئي عوام سان سراسر ناانصافي ۽ ڌوڪو ڪيو ويندو آھي، وڏن شھرن جي اھا حالت آھي ته پوءِ ننڍن شھرن جي حالت ڇا ھوندي؟ خير! توهان کي اهو به ٻڌايون ٿا ته ننڍن شھرن ۽ ٻھڙاري جي علائقن جي نصيب ۾ لائيٽ ئي ڪانه هوندي آهي، ٻهراڙين ۾ 12، 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي آھي، جيڪڏهن بجلي هلرائڻي هوندي آهي ته لائين مين يا بجلي کاتي جي ننڍن وڏن ملازمن جا هٿ گرمائڻا پوندا آهن، ٻهراڙين ۾ سرڪاري طرح رات جو ڪو هڪ ٻه پهر بجلي هلندي آهي نه ته خير! ٻهراڙيءَ جو عوام واپڊا وارن جي ان هلت جو هاڻي هيراڪ ٿي ويو آهي ۽ هو سخت گرمين کي منھن ڏيندو آهي، گرمي سبب عوام مري ته ڀلي مري، واپڊا وارا رڳو تماشو پيا ڏسندا آھن، يا وري شل ڪٿي نه لائيٽ جي ڪا تار ڪري يا ٽرانسفر سڙي ته واپڊا وارا ڳوٺ جي چڱي مڙس کي فون ڪري ٻڌائيندا آهن ته ڳوٺاڻا گڏجي هيترا پئسا گڏ ڪيو ته ٽرانسفارمر ٺاهي ڏيون، پوءِ ته هفتن جا هفتا يا وري مهينن تائين لائيٽ گم ھوندي آھي، يا وري ٿوري به برسات پوي ٿي ته پوءِ ڳوٺن ۾ لائيٽ جو تصور عيد جي چنڊ ڏسجڻ برابر هوندو آهي.
عبدالرشيد نھڙي/پٿورو
پسند جي شادي جو انت!
مائٽ ڪڏهن به پنهنجي اولاد جو برو نه سوچيندا آهن، اھا طئي ٿيل ڳالهه  آهي ته جيڪا ماءُ پنهنجي اولاد کي ٩ مھينا پيٽ ۾ پالي ٢٠ سال ان جي خدمت ڪري وڏو ٿي ڪري، پيءُ پورھيو ڪري کين پالي وڏو ٿو ڪري، اھو اولاد ائين  چئي ته مون کي والدين مان جان جو خطرو آھي ته اھڙي اولاد کي ڇا چئجي؟ خدارا ڀلي محبت ڪريو، پر والدين جي رضا خوشي سان شادي ڪيو، جيڪي به جوڙا پنھنجو گهر ڇڏي ڪورٽ واري شادي ڪن ٿا اهي شاديون 90 سيڪڙو ناڪام ٿيون ٿين. توھان ته پيار جو نالو ڏئي گهر ڇڏي اڻڄاڻ راهن جا راھي ٿيو ٿا پر پوڙھن والدين جو ڪڏهن سوچيو اٿو ته انهن جي دل تان ڇا گذريو ھوندو؟ اھي دنيا کي منهن ڏيکارڻ جي قابل به رھيا آهن يا نه؟ ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ پٽ پنھنجي پيءُ کي ڳوٺ کان ٻاھر  وٺي ويو، پيءُ پڇيس ته پٽ مون کي ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃين؟ ته پٽ وراڻيو ته بابا توکي درياهه ۾ ٻوڙڻ! تنهن تي پيءُ وراڻيو ته پٽ ٿورو اڳيان وٺي ھل، ھتي مون تنھنجي ڏاڏي کي ٻوڙيو ھو، تنھن تي پٽ سوچيو ته بابا کي ٻوڙيندس ته سڀاڻي منهنجو پٽ به مون کي ٻوڙيندو.
امر کتري/ٽنڊو باگو
واھي پانڌي جا مسئلا!‎
واھي پانڌي تاريخي شهر ۽ زراعت جو مرڪز ھئڻ ڪري ملڪ جي وڏن شهرن مان ماڻھو هتي روزگار لاءِ ايندا آهن ۽ هتان جي ماڻهن ۾ شعور ۽ سجاڳي ھئڻ ڪري واھي پانڌي کي ترقي يافتا شهرن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، افسوس جو چونڊيل نمائندن واھي پانڌي کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ڀڳل رستا ۽ گهٽيون گندگي جي ور چڙهيل آهن، انتظاميا جي نااهلي سبب واھي پانڌي گندگي جو ڍير بڻيل آهي، برسات سبب شهر ۾ هرطرف گندي پاڻي جا تلاءَ لڳا پيا آهن، جنهن ڪري خطرناڪ بيماريون وڌي رهيون آهن، واھي پانڌي جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود هتي صفائي سميت ٻيا گھڻا مسئلا آهن، بجيٽ مان يوسي چيئرمين ٽڪو به خرچڻ لاءِ تيار ناهي، يوسي چيئرمين ڪرپشن جا رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، صفائي نه ٿيڻ جو سبب ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي سفارش تحت غير مسلم جي جاءِ تي ميونسپل ڪاميٽي ۾ وائيٽ ڪالر ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي بااثر ھجڻ ڪري گھر ويٺي پگهارون پيا کڻن، انتظامي لاپرواهي سبب واھي پانڌي جي سونهن کي نوٽن جي راند سان برباد ۽ تباهه ڪيو ويو آهي، شھرين عملدارن کان ازخود نوٽيس جو مطالبو ڪيو آهي.
منصور رستماڻي/واھي پانڌي

Bookmark the permalink.