تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

پنهنجن جون چٺيون

يوسي ڦل جو گندڪچرو کڻڻ لاءِ مليل رڪشو ڳولي ڏيو!
ڪجھ سال اڳ يوسي ڦل کي ضلعي ڪائونسل نوشھروفيروز طرفان شھر جو گند ڪچرو کڻڻ لاءِ هڪ رڪشو ڏنو ويو هو، رڪشو مليو ته اسان جي شھر جا رهواسي تمام گهڻا خوش ٿيا ته هاڻي شھر اندر ٿيندڙ گند ڪچرو اهو رڪشو کڻي ٻاهر اڇلائي ايندو ۽ شھر صاف سٿرو رهندو پر اسان جي اها خوشي تمام جلدي ڏک ۾ تبديل ٿي وئي. جو اهو رڪشو يوسي انتظاميه ڪنهن پرائيويٽ ماڻھوءَ کي ڏئي ڇڏيو ۽ پوءِ اهو رڪشو ايئن غائب ٿي ويو جيئن يوسي کي هر مهيني ملندڙ پنج لک رپيا بجيٽ غائب ٿيندي هئي، يوسي جو رڪشو ڪنهن وٽ آھي، ڪير ٿو هلائي ان جي ڪنهن کي ڪا به خبر ناهي، ڪجھ مهينا اڳ يوسي جي هڪ ڪائونسلر دانهون ڪيون ته اهو رڪشو گم ڪيو ويو آھي پر يوسي جي ڪرتا ڌرتائن کيس داٻا ڏئي خاموش ڪرائي ڇڏيو، هاڻي ته يوسي چيئرمين به پنهنجو مدو پورو ڪري ويا آھن پر اهو رڪشو اڃا تائين ظاهر ناھي، مون ذاتي طور ضلعي ڪائونسل نوشھروفيروز جي آفيس مان پڇا ڪئي، انهن ٻڌايو ته يوسي ڦل کي ضلعي ڪائونسل طرفان ٻه رڪشا ڏيڻا ڪيا ويا هئا جنهن مان هڪ رڪشو اهي وٺي ويا، باقي هڪ رڪشو ڪير به انهن مان وٺڻ ڪو نه آيو آھي، هاڻي اسان ڦل شھر واسين جو ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز، چيف آفيسر ضلعي ڪائونسل نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو آھي ته يوسي کي مليل رڪشو ڳولي ڏنو وڃي ۽ اهو رڪشو جنهن به گم ڪيو آھي جنهن جي چوڻ سان غائب ٿيو آھي ۽ جنهن به عوام جي ملڪيت رڪشو وڪڻيو آهي انهن سڀني کي پڪڙي انهن جو سخت احتساب ڪيو وڃي.
محمد خالد ميمڻ /ڦل شھر
سنڌ لاءِ نئون اعزاز!
ھي شڪارپور واسي نوجوان ﺳﺮﻓﺮاز ﻋﻠﻲ ميمڻ ۽ خيرپور واسي صدف سولنگي آهي، جن ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻣﺪد ﭘﺎڻ ﺗﺤﺖ لنڊن ﺟﻲ ﮔﻠﻮﺑﻞ پيس انسٽيٽيوٽ ﻣﺎن آن ﻻﺋﻴﻦ ڪﻼﺳﺰ ﺟﻲ مقابلي ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيا آھن. دنيا جي 50 ملڪن کان حصو وٺندڙ 400 شاگردن تي ٻڌل مقابلو جنهن ۾ 10 گولڊ ميڊل ورهايا ويا، تنهن مقابلي ۾ هي سنڌ واسي به شامل آھن، جن اهڙو اعزاز حاصل ڪري سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙن جي فهرست ۾ وڌيڪ ٻه ماڻهن جو اضافو ڪيو آھي. ٻئي صدف ۽ سرفراز، شاھ عبدالطيف يونيورسٽي جي انگريزي لٽريچر شعبي جي آخري سال جا شاگرد آھن جن پنهنجي لازوال محنت سان اهو ڪارنامو انجام ڏنو آھي. ياد رهي ته سرفراز جو والد پرائمري استاد آھي جڏهن ته صدف سولنگي رٽائرڊ سب انسپيڪٽر جي نياڻي آھي.
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهو کي، پر ايئن نه مرنداسين ساٿي،
ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين، ڪو رنگ رچائي وينداسين.
عبدالحئي/ رستم، شڪارپور
سنڌي اديبن سان تعزيت ڪجي ٿي!
سنڌي ادبي سنگت ايشيا جي وڏي سنڌي ادبي سنگت ليکي ويندڙ ادبي سنگت هئي، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي اديبن پنهنجي ڪلا کي سنواريو ۽ سڌاريو. پر هاڻي ادبي سنگت به قومي پارٽين جيان ٻن ڌڙن جي ور چڙهي وئي آهي. تنهن تي آئون سنڌ جي سڀني اديبن سان تعزيت ڪيان ٿو، ٻيو ڪجي به ڇا، جنگ ٻن طريقن سان کٽي ويندي آهي، هٿيار سان يا قلم سان، هٿيار کان وڌيڪ هن دور ۾ قلم مظبوط هٿيار آهي پر اسان وٽ ڌڙابندي سموري ڪم کي خراب ڪري ڇڏيو آهي، جتي سٺا لکڻ وارا ته آهن پر گروپ بندي ڪري اهي به دل هارائي ويٺا آهن ته ڪهڙي پاسي وڃجي؟ ڪير سندس لکڻين مٿان تنقيد اصلاح ڪندو. يا وري ڪهڙو ڌڙو کين عزت ۽ مانُ بخشيندو. منهنجي اڳ جيان سڀني سنڌ جي ساڃاهه وندن کي اها ئي التجا آهي ته خدارا گڏ ٿي هڪ پليٽ فارم تي سچائي سان ڪم ڪيو، هتي به عهدا عزيز نه رکو، پنهنجي سنڌ جي ٻولي جي عظمت کي عزيز رکو ته بهتر ٿيندو.
ايڊووڪيٽ محمد علي سومرو/ خيرپورميرس
اسان جي ڳوٺ جي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جو ڪم ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟
ضلعي ٽنڊي الھيار جي يوسي مسڻ وڏي جي ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري  ۾ 11 سال پھرين پ پ پ جي گذريل وفاقي حڪومت ۾  گورنمنٽ ھاءِ اسڪول جو اڏاوتي ڪم شروع ٿيو هو جنھن ڪري ڳوٺ جي ماڻھن ۾ ڏاڍي سرھائي ٿي هئي، ڇو ته ڳوٺ ۾ ھاءِ اسڪول نه ھئڻ ڪري ڳوٺ جا شاگرد ھاءِ اسڪول جي تعليم لاءِ پري جا پنڌ ڪرڻ تي مجبور ھئا، پر بدقسمتيءَ سان 11 سال گذرڻ باوجود به ھاءِ اسڪول جي تعمير مڪمل ناھي ٿي سگھي، جيتوڻيڪ مختلف وقتن تي ان اسڪول لاءِ فنڊ پڻ ايندا رھيا آھن پر اھي اڌ کان وڌيڪ ڪرپشن جي نظر ٿي ويا آھن ۽ اسڪول جي عمارت ايترو وقت گذرڻ باوجود اڃان تائين نامڪمل آھي. اسين ڳوٺاڻا تعليم واري وزير ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته مھرباني ڪري جلد کان جلد اسڪول جي تعمير مڪمل ڪرائي اتي استاد مقرر ڪيا وڃن ته جيئن  ڳوٺ جي سوين شاگردن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچي سگھي.
مجاھد لغاري/ يوسي مسڻ وڏي
مڇرستان بڻيل ڳوٺ ليٽڻ منڱريو!‎
تعلقي ڪنڊيارو، يوسي گھانگھرا جو قديمي ڳوٺ ليٽڻ منڱريو جيڪو اٽڪل ٻه سئو گھرن تي مشتمل ڳوٺ آهي پر ھن ڳوٺ ۾ گذريل تازين برساتن سبب ڳوٺ جي چؤطرف برسات جو گندو پاڻي اڄ تائين تلائن جي صورت ۾ بيٺل هئڻ ڪري ڳوٺ ۾ مڇرن، مکين ۽ زھريلن جيتن جو آزار وڌي ويو آهي، جنھن سبب ڳوٺ جا غريب رھواسي مليريا، گيسٽرو ۽ چمڙيءَ جي بيمارين سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن ۽ خاص ڪري رات جي وقت سيپڪو جي لاپرواهيءَ سبب بجلي نه هئڻ ڪري مڇرن جي آزار سبب ڳوٺاڻا ننڊون جاڳي گذاري رهيا آهن ۽ چوپايو مال پڻ مختلف بيمارين سبب مرڻ لڳو آهي. عطائي ڊاڪٽرن جا پڻ جاوا آهن، جڏھن ته ڳوٺ ۾ چؤطرف لوڙھا هئڻ ڪري مڇرن جو آزار ڏينھنون ڏينھن وڌندو پيو وڃي، جڏهن ته ڪيترن ئي سالن کان مليريا کاتي طرفان مڇرمار اسپري نه ڪرائڻ سبب مليريا ۾ تيزيءَ سان واڌ اچڻ ڪري ڳوٺ جا 80 سيڪڙو رھواسي مليريا ۾ وٺجي ويا آهن پر مليريا ۽ صحت کاتو ھر سال ملندڙ لکين رپين جي سالياني بجيٽ ھڙپ ڪرڻ ۽ ڪاغذي خانا پوري تائين محدود آھن، صحت کاتي جي صوبائي وزير، صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ مليريا کاتي ضلعي نوشهري فيروز جي انچارج کي التجا آهي ته خدارا تعلقي ڪنڊياري جي يوسي گھانگھرا جي ڳوٺ ليٽڻ منڱريو ۾ جلد مڇرمار اسپري ڪرائي ڳوٺ ۾ مفت دوائون ۽ مڇردانيون ڏئي ڳوٺاڻن کي مليريا کان نجات ڏياري وڃي.
غلام نبي منڱريو/ڪنڊيارو
ڪنب نوابشاهه مهراڻ انڊس هاءِ وي روڊ موتمار بڻجي ويو!
خيرپور ضلعي ۾ مهراڻ هاءِ وي موت جي ڪوڙڪي بڻجي ويو، حادثا روز جو معمول بڻجي ويا، وڏن وڏن حادثن کانپوءِ عوام ۾ خوف وڌي ويو آهي، گذريل سال وڏو حادثو پيش آيو، مهراڻ انڊس هاءِ وي سئي گئس اسٽاپ ڀرسان معصوم گلن جهڙا ٻار تعليم پرائڻ لاءِ اسڪول وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو جنهن ۾ ٻه معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا، پوءِ به انتظاميا کي اڃا ڪنهن وڏي حادثي جو انتظار آهي، هيوي ٽريفڪ جي اچ وڃ ۽ ٽول ٽئڪس بچائڻ لاءِ هيوي ٽريفڪ جي اچ وڃ موت جو سبب بڻجي وئي آهي. ڇا چند ٽڪن جي ڪري روڊ تي ڊيوٽي ڏيندڙ ٽريفڪ پوليس، ايڪسائيز پوليس وڏين گاڏين کي اجازت ڏيندا آهن، حادثن سان گڏ ٽريفڪ جام ٿي ويندي آهي پوءِ جتي هڪ ڪلاڪ جو سفر هوندو آهي اتي ماڻهن کي منزل تي پهچڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳي ويندا آهن ۽ ٽريفڪ جام هجڻ جي ڪري مريض ايمرجنسي واري صورتحال ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيندا آهن، ڏٺو وڃي ته  ڪراچي کان ڪشمور تائين باءِ پاس روڊ ٺهيل آهي ته پوءِ هيوي ٽريفڪ ڪنب کان نوابشاه طرف يا نوابشاه کان سکر تائين سفر لاءِ مهراڻ انڊس هاءِ وي طرف لاڙو ڇو ٿي ڪري؟ ڇا انهن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي؟ هر اسٽاپ تي ٽريفڪ پوليس موجود آهي پوءِ ڇا انتظاميا چند پئسن ڪري انساني جانين سان کيڏي انهن کي اجازت ڏئي ٿي، هي مهراڻ انڊس هاءِ وي آسپاس وارن علائقن جي ماڻهن لاءِ آهي ۽ سنگل روڊ آهي، انتظاميا ڪڏهن ايڪشن وٺندي جڏهن ڪو وڏو حادثو پيش ايندو؟ اسان جو ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايس پي بينظيرآباد کان مطالبو آهي ته هيوي ٽريفڪ جي اچ وڃ بند ڪرائي وڃي جيئن مقامي ماڻهو سولائيءَ سان سفر ڪري سگهن.
توفيق لنڊ/ ڪنب
يوسي ٽلٽي ڪچي جي دريدرو نئون واھڻ جي سار لهو!
ڳوٺ توڙي شھر جي ترقي جو دارومدار ماڻھن پاران مقرر ڪيل معيار تي ھوندو آھي پر اڪثر غريب حقن لاءِ وڙھندي  ڪنگال بڻجي ويندا آهن ۽ اتان جا ڪامورا پنھنجي نااھلي ۽ ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ماڻھن جي محرومين کي تقدير جون تھمتون ھڻي مٿان کان ڪم نه ٿيڻ جا جواز ڄاڻائي ھيٺان کان کڏ کوٽڻ جو سلسلو جاري رکندا آھن، اھڙو ئي حال سيوھڻ تعلقي جي يوسي ٽلٽي ڪچي جي دريدرو نئون واھڻ ۽ چئن ٻين ڳوٺن جو آھي، جتان جي سياستدانن ۽ ڪامورن جو مثال عوام لاءِ جنات مثل آھي، جن کي ڏسڻ لاءِ ڪي وڏا وظيفا ۽ چلا ڪڍڻا پوندا آهن. جڏھن ھڪ مذھبي سياسي جماعت پنهنجي حال آھر مسئلن کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي پر سندس ورڪرز سياسي طور نابالغ گھٽ عمر ھئڻ ڪري مونجھارن جو شڪار آھن، ڄاڻايل ڳوٺن ۾ صحت، تعليم، بجلي، گئس ۽ بنيادي سھولتن جو وجود ھجڻ ته پري جي ڳالھ پر ٻوڏ ۽ خطرناڪ برساتن دوران عوام جي نقصان جو ازالو ته الڳ ڳالھ پر ڪاٿو ئي نه لڳايو ويو، عوام کي جھنگلي جانوران جيان ايترو نظرانداز ڪيو ويو جو ڪالھ ڳوٺاڻن ايترو مجبور ٿي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان بعد عوامي نمائندن اتي پھچڻ بدران بنگلن ۾ ويهي فونون ڪرڻ شروع ڪيون، صرف ھڪ ڪوٽار موڪلي پراڻي نظام جيان ڪليڪٽر جي تار پڙھي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ھن ڳوٺن جي عوام جي نمائندن وٽ اھا حيثت رھي آھي جو وٽن ھلي اچڻ کان قاصر آھن، ايم اين کي ڄامشورو کي گذارش آھي ته انگريزن جي نظام جي پوئواري ڪندي ڳوٺ جي وڏيرن کي ھڪ طرف رکي عوام جو الڳ نمائندو مقرر ڪيو وڃي جيڪو گھٽ ۾ گھٽ اسان جا اھنج ايم اين تائين ته پھچائي سگھي.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
چونڊيل نمائندا ھيڏانھن به ڌيان ڏين!
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ جيڪو ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙھيل آهي، جنهن مان خاص طور تي ضلعي جا ھاءِ وي کان وٺي لنڪ روڊن تائين روڊ مڪمل تباهه آهن، جنهن ڪري مسافر ماڻهن کي اچ وڃ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي رهي، روڊن جو ڪم ھونئن ته ڪاغذي ڪاررواين ۾ مڪمل آهي پر ظاهري طور تي ٽڪي جو به ڪم ناهي ٿيو. ضلعي جي وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺن خاص ڪري ڳوٺ احمد خان بروھي، فدا حسين بروھي، محمد عثمان شاهاڻي، سھراب خان، حسن علي خان ۽ نياز احمد کوسو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن کي پاڻ ۾ ملائيندڙ روڊ وڏي عرصي کان کنڊرن جو ڏيک ڏئي رھيا آهن، ھي روڊ ھزارين ماڻهن کي پاڻ ۾ ملائڻ ۽ گذر سفر جو ذريعو آهن پر بدقسمتيءَ سان روڊن جي مرمت نه ھجڻ ڪري علائقي واسين کي صحت، تعليم ۽ روزگار حاصل ڪرڻ ۾ ڪاپاري ڌڪ رسي ٿو. علائقي واسين روڊ جي مرمت لاءِ وقتن به وقتن احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايا ۽ واسطيدار عملدارن کي درخواستون پڻ ڏنيون پر ان جو ھن وقت تائين ڪو به کڙتيل ناهي نڪري سگھيو، آخر ھن روڊ جي ڪڏهن مرمت ٿيندي؟ اھو ھڪ سوال ۽ عوام جو خواب آهي. عوام کي بنيادي سھولتون ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر حڪومتي ڌريون اگھور ننڊ ستل آهن، حڪومت ھر دفعي عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام رھي آهي. آخر عوام جي ووٽ ڏيڻ جو ڪھڙو فائدو؟ ھر دفعي چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ وقت ترقياتي ڪمن ۽ نوڪرين جا آسرا ڏئي ڪامياب ته ٿي ويندا آهن پر چونڊ کٽڻ کان پوءِ جوڳي نه ڪنهن جا مٽ واري محاوري تي عمل ڪندي نظر ايندا آهن، ھاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته چونڊيل نمائندن سميت حڪومت وقت کي گھرجي ته ڄاڻايل مسئلن کي پنهنجو فرض سمجهي حل ڪيو وڃي ته جيئن ھتان جو عوام سٺي نموني زندگي جو ڪارووھنوار ھلائي سگهي .
علي محمد کوسو/ شھدادڪوٽ  
اسان جي ڳوٺ جو ٽرانسفارمر ٺھرائي ڏيو! ‎
جيئن ته اسان جي ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار جي رحمت ڪالوني وارو ٽرانسفارمر گذريل 10 ڏينهن کان خراب پيل آهي، جنهن کي ڪو به ھٿ وجھڻ يا ٺھرائي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي، واپڊا وارا ھونئن ته بل وٺڻ وقت درن تي ڄڃ وٺي ايندا آهن پر ھن معاملي جي ڄاڻ ھوندي به اسان جي ڳوٺ اچڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن سبب رحمت ڪالوني جي رھواسين لاءِ جيئڻ جنجال ٿيو پيو آهي، سڄو سڄو ڏينهن ٻار ٻچا وقت ڳڻيندي ڏينهن پيا گذارين جڏهن ته رات ان کان وڌيڪ تڪليف ۾ گذري ٿي. پاڻيءَ جي کوٽ جو سخت مسئلو پيدا ٿي پيو آهي، جڏهن ته ڳوٺ وارا جڏهن واپڊا وارن سان رابطو ڪن ٿا ته اھي ريڪوري نه ھئڻ جو بھانو ڄاڻائي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽرانسفارمر ٺھرائڻ جو حڪم جاري ڪن ٿا، جڏھن ته حيسڪو چيف جا واضع حڪم آيل آهن ته بجلي جو ڪو به اوزار سڙي يا خراب ٿي وڃي ته واپڊا ان کي ٺھرائڻ جي ذميوار آهي، ڳوٺاڻا ڪنهن به قسم جو چندو يا ڦوڙي واپڊا وارن کي نه ڏين پر ھتي وري گنگا ابتي پئي وھي، واپڊا پنهنجي چيف جي حڪمن جي بلڪل ابتڙ اگھور ننڊ آهي، ڪو به نمائندو ناھي آيو، جو علائقي واسين کي ڪو آسرو ٿئي. نيٺ ھاڻي ڳوٺ وارن مجبور ٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت چندو وٺڻ شروع ڪيو آهي پر جيئن ته خرچ وڌيڪ ھئڻ ڪري معاملو حل نه پيو ٿئي ان ڪري پنهنجي اخبار وسيلي واپڊا وارن کي عرض آهي ته رحمت ڪالوني ڌڱاڻو بوزدار جو ٽرانسفارمر ٺھرائي عوامي آزار جو تدارڪ ڪيو وڃي.
سليم اختر لغاري/ڌڱاڻو بوزدار، ٽنڊوالهيار
چوري جي وارداتن ۾گھريل اسان جو ڳوٺ!‎
تعلقي تنگواڻي جو يوسي لاشاري امن جو مرڪز رھيو آھي، جتي ڪجھ مھينن کان چورين جون وارداتون وڌي ويون آهن ۽ ھن وقت به ڪا رات خالي ناھي جنھن رات چور نه آيا ھجن، چور رات جو چوري ڪري وڃن ٿا، مزاحمت ڪرڻ تي ڀاڳين کي گاريون ۽ فائرنگ ڪن ٿا، چورن جي ڪري ڀاڳين جي زندگي کي خطرو آھي. ڪو ڏينھن خالي ناھي جو ڳوٺ ۾ چور نه آيا ھجن، ڏينھن جو جڏھن ڪو شخص پنھنجن جانورن کي چارڻ وڃي ٿو ته چور اڳ وٺي جانورن کي ڪاھي وڃن ٿا ۽ ان جانوري جي واپسيءَ ڳرو ڀنگ گھرن ٿا، جيڪي غريب ماڻھو ڏيڻ کا قاصر آھن سي ناحق ظلم برداشت ڪري رهيا آهن، افسوس جو اڳ جيڪي به ايس ايس پي ٿي گذريا آهن يا موجود آهن اهي هن علائقي ۾ چورين کي روڪڻ ۾ ناڪام ويا آهن، اسان جو حڪومت کي عرض آهي ته ان مسئلي کي سنجيدگي سان ڏسي فوري طور حل ڪيو وڃي، اسان جي يوسي لاشاري کي ھڪڙي پوليس چوڪي به ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جو حق رکون ٿا.
عبدالصمد کوسو/ تنگواڻي
محبت جو پاڪيزه رشتو!
محبت اھڙو پاڪيزھ رشتو آهي جنهن جو اندازو تاريخ جا پيرا کڻڻ سان پوي ٿو، جتي عمر مارئي، سسئي پنھون ۽ ھير رانجھا جا قصا سندس تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا پر جيڪڏهن ڳالهه اچي ٿي محبت جي ته سندس مٿي بيان ڪيل قصن جو تعلق روحاني محبت سان پوي ٿو ۽ اھوئي سبب آهي جو صدي گذرڻ سان به اھي مٽجي ناهن سگھيا ۽ اڄ به ڪير محبت جو چنگ چوري ٿو ته ان قصن جو حوالو لازمي ايندو آهي. ھاڻي جيڪڏهن اڄ جي ھن دور ۾ محبت جي تصور کي موجود نسل جي محبت سان ڀيٽ ڪجي ته يقينن اھڙو قصو ملڻ ڏکيو آهي، جنهن جو مثال ڏئي سگهجي، ڪهڙو ڪارڻ آهي جو اڄ جي دور ۾ اھڙو ڪو قصو نٿو ملي، ڇا اڄ ڪلھ ڪير محبت نٿو ڪري؟ يا وري محبت ڪرڻ جي ھي سماج اجازت نٿو ڏي؟ پر محبت ته پاڪ رشتو آهي انهي جو انڪاري ھي سماج ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اڄ ڪلھ محبت ڪندڙ آهن ۽ روحاني محبت ڪندڙ به آهن، ھي سماج محبت ڪرڻ جي به اجازت ڏي ٿو ۽ محبت پاڪيزھ به آهي پر اھي سڀ ڳالهيون تڏهن ناڪام ٿيو وڃن جڏهن محبت ڪندڙ جوڙا روحاني محبت کان جسماني محبت طرف وڌندا آهن، نتيجن اھي مڪمل طرح حيوانيت جي ور چڙهي ويندا آهن ۽ پنهنجي اختيار کان ھٿ کڻي ويھندا آهن، جيڪڏهن اڄ جو انسان اھا ڳالهه سوچي محبت نٿو ڪري ته ھي سماج وحشي آهي، ٻن پريمين کي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندو ته اھو ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته پريم جا دشمن اول کان رھيا آهن، ڪٿي سھڻي ميھار جي قصي ۾  ڀاڄائيءَ جي روپ ۾ ھئا ته ڪٿي وري سسئي پنھون جي قصي ۾ ڏيرن جي روپ ۾ ٻن محبت ڪندڙن جي وچ ديوار بڻيا آهن. جيڪڏهن اڄ جو انسان سماج جي ڊپ کان محبت کان ڊنل آهي ته اھا جسماني محبت آهي جيڪا خوف جي ور چڙهي ٿي. روحاني محبت ڪڏهن به ڪنهن جي پرواهه ناهي ڪندي ڇو ته روحاني محبت ھڪ پاڪ خيال آهي، جيڪا جنس کان پاڪ آهي، اھو محبت ڪنهن کان به ٿي سگهي ٿي، اھا ڳالهه به اسان کي ڀلي ڀت ذھن نشين ڪرڻ کپي ته محبت جو تعلق عورت سان آهي.
پرڪاش روپچند ميگھواڙ/ عمرڪوٽ

Bookmark the permalink.