تازا ترين
  • *جيڪب آباد: 8 سال اڳ اغوا ڪيس ۾ 5 سال سزا ٻڌايل جوابدار زبير جکراڻي ضمانت لاءِ عدالت پهتو *عدالت ضمانت جي درخواست رد ڪندي جوابدار زبير جکراڻي کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *جوابدار زبير جکراڻي سميت ٽن جوابدارن خلاف جيڪب آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو *عدالت 6 اپريل 2012 تي جوابدار زبير جکراڻي سميت ٻن کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي*
  • *صدر جي ڀٽيون ويجهو شادي شده عورت کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش *ڳوٺ مور جهٻر واسڻ ناهيدان شيخ کي جوابدارن پاران مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي *مڙس جي غير موجودگي ۾ نثار، هدايت ۽ شمن شيخ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: ناهيدان شيخ*
  • *نيب شهباز شريف خلاف صاف پاڻي ڪمپني انڪوائري بند نه ڪئي آهي: نيب ترجمان *نيب شهباز شريف جي بدعنوانين خلاف ثبوتن جي بيناد تي ريفرنس داخل ڪيا: ترجمان *نيب ڪيسن ۾ رنڊڪون پيدا ڪندڙن کي مشورو آهي ته اهي عدالتي فيصلن جو انتظار ڪن: ترجمان*
  • *االعزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس، نواز شريف جي لنڊن واري رهائشگاهه ٻاهران طلبي جا اشتهار لڳايا ويندا *رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو *طلبي جا اشتهار نواز شريف جي رهائشگاهه ٻاهران چورنگي تي لڳايا وڃن: خط *اشتهار پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران رهائشگاهه ٻاهران لڳايا وڃن: خط*
  • *لاڙڪاڻي ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻيل اي ايس آءِ اصغر مغيري جو يوٽرن *اصغر مغيري رٽائرمينٽ واري درخواست واپس وٺڻ بعد ڊيوٽي شروع ڪري ڇڏي *رٽائرمينٽ واري درخواست منظور نه ٿيڻ سبب ڊيوٽي شروع ڪئي آهي: اصغر مغيري *اصغر مغيري پاران رٽائرمينٽ بابت ڪا به درخواست ناهي ملي: ايس ايس پي جو پي آر او*
  • *هالاڻي ۾ هاءِ اسڪول جي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق *هاءِ اسڪول ھالاڻي جي110 شاگردن جي ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان ٻن جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڳوٺ الهڏنو جوڳي واسي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق بعد گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو*
  • *ٺل ويجهو مقتول احمد نوناري جي قتل خلاف هنيل ڌرڻي دوران چڪريون، 3 اهلڪار زخمي* ٺل: مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪرين دوران ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل *ٺل: پوليس جي مقتول احمد نوناري ۽ سعيد ڀٽي جي ڪيس ۾ گهربل 2جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *جوابدار عظمت گهڃو ۽ محمد بخش کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس *
  • * لاهور: احتساب عدالت ۾ رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *حمزه شهباز اوهان کي ڪورونا وائرس آهي؟: عدالت جو سوال *جي ها مونکي ڪورونا وائرس هو، هاڻي طبيعت بهتر آهي: حمزه شهباز جو جواب *عدالت وڪيلن جي هڙتال سبب ٻڌڻي 31 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي*
  • * سپريم ڪورٽ ۾ 25 هين آئيني ترميم خلاف درخواست تي ٻڌڻي *وفاق ۽ ڪي پي حڪومت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض واري ڇڏيا *درخواستگذار کي پهرين درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل ڏيڻا پوندا: ايڊيشنل اٽارني جنرل *آرٽيڪل 17 تحت سياسي حق ۽ بينادي حقن ۾ شمار ٿين ٿا: سپريم ڪورٽ *قبائلي علائقا پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿين، انهن جون قربانيون آهن: عدالت*
  • *بلدياتي چونڊن ۾ آزاد اميدوارن کي مخصوس سيٽون نه ڏيڻ وارو معاملو *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ذوالفقار مرزا جي درخواست تي ٻڌڻي *بدين اتحاد، 2015ع ۾آزاد حيثيت سان 4يوسيز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي: درخواستگذر جو وڪيل *مخصوس سيٽون نه ڏيڻ سان يوسيز چونڊيل نمائندن بدران بيوروڪريٽس هلائين پيا: وڪيل *ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اهو مسئلو ٻيهر سامهون ايندو: وڪيل *عدالت فوري ٻڌڻي لاءِ درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *عدالت ڌرين کي 18نومبر تائين جواب ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي *قانون موجب مخصوص سيٽون رڳو سياسي جماعت کي کي ڏئي سگهجن ٿيون: اليڪشن ڪميشن *
  • *مدئجي ۾ گذريل ڏينهن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو *مقتول صديق جلباڻي جي وارثن جلباڻي لاڙي وٽ لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهيون* پوليس صديق کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، هڪ نوجوان کي به گم ڪيو ويو آهي: وارث*
  • *لاڙڪاڻو: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران چانڊڪا اسپتال جو دورو *لاڙڪاڻو: سيشن جج اقبال حسين ميتلو کي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي پاران بريفنگ ڏني وئي *65بسترن واري ايڇ ڊي يو وارڊ ۾ پوسٽ ڪورونا مريضن لاءِ انتظام ڪيل آهن: ايم ايس چانڊڪا اسپتال *چانڊڪا اسپتال ۾ جديد سهولتون اطمينان بخش آهن، هڙتالون يا مظاهرا نه ٿيڻ گهرجن، سيشن جج *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس جي ٻڌڻي *نيب احسن اقبال خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت گهري ورتي *نيب جي جاچ آفيسر اڳڀرائي رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *پري ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ ريفرنس پيش ڪيو هو، اڃا منظوري رهيل آهي: جاچ آفيسر*
  • *حيدرآباد ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ، 24ڪلاڪن دوران 29نوان ڪيس ظاهر *حيدرآباد جي شهري تعلقي ۾ 6،لطيف آباد ۾11۽ قاسم آباد ۾ 12 نوان ڪيس ظاهر *221 ڄڻا گهرن ۾ آئيسوليٽ،7 ڄڻا سول اسپتال ۽ 5 ڄڻا ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل*

پنهنجن جون چٺيون

سنڌ جا وزير پنهنجا ڪيل واعدا نڀائين!
موجودہ سنڌ حڪومت جي وزيرن باقائدي پريس ڪلب ۽ بار ۾ اچي اعلان ڪيا هئا ته اسان صحافين ۽ وڪيل برادري کي ڪالونيون ٺهرائي ڏينداسين، جنهن تي سڀني کي سرهائي ٿي هئي ته سنڌ جا نمائنده قلم ڌڻين ۽ انصاف لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه سوچين ٿا پر انهي بيانن کي سال ٿي ويا آهن ۽ هن وقت تائين نه صحافين کي ڪا ڪالوني ملي آهي ۽ نه ئي وري وڪيلن کي، اڄ به ڪافي وڪيل ۽ صحافي ڪرائي جي گهرن ۾ ڪيترين ئي ڏکيائين سان زندگي جو گذاري رهيا آهن، منهنجي انهن منسٽرن کي گذارش آهي ته توهان پنھنجا واعدا پاڙين ۽ وڪيلن ۽ صحافين کي گهر ڏيو جيئن هو مستقبل ۾ سنڌ جو ڪيس بنا پريشاني جي وڙهي سگهن.
ايڊووڪيٽ محمد علي سومرو/ خيرپورميرس
ٿر ۾ چوپائي مال جي چورين جو وڌيل آزار!
ٿرپارڪر ضلعي ۾ ماڻهن جو روزگار اڪثر چوپايو مال تي آهي، ٿر ۾ ڪافي ڏينهن کان چورين جي آزار عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، مختلف قسم جي گاڏين ڪارن، ڊاٽسن، موٽرسائيڪل ۽ ان کان سواءِ ٿرڪول ڏانهن ڪرش ريتي کڻي ويندڙ ٽرالر ۽ ڊمپر ڊرائيور طرفان واپسي تي چوپايو مال رڍون ۽ ٻڪريون چوري ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، تازو پيلوڙو اسٽاف چيڪ پوسٽ تي ٻڪري چوري جي اطلاع تي پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ٽرالر ۾ ٻڪري  سميت ڊرائيور ۽ ڪلينڊر کي پڪڙي ورتو، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي. ڪجھ ڏينهن پهريان ڳوٺ ڀاڏور بجير مان چورن 17 ٻڪريون چوري ڪندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته چورن جي گاڏي 5 کان 7 ڪلوميٽر تي ڳوٺ سجآءِ وٽ ڪلٽي ٿي پئي، چور ٻڪريون گاڏي مان لاهي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، تعلقي ڪلوئي، ڏيپلي، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ سميت پوري ٿر جي ڪيترن ئي ڳوٺن مان رڍن ۽ ٻڪرين جون چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، مارو ماڻھو ڏينهن رات پنهنجي مال جي حفاظت لاءِ چوڪس رهن ٿا پر پوءِ به هنن مسڪين جون چوريون ٿين ٿيون. ڀاڳين جي هٿن مان چور ڏينهن ڏٺي بنا ڊپ ڊاهه جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان چوري نه پر ڌاڙو هنيو پيو وڃي، ظلم جي به ڪا انتھا ٿيندي آهي. مقامي ماڻهن ۽ مالوند ڀاڳين ڪيترائي ڀيرا چورن کي چوري ڪندي ۽ چورن جو پيڇو ڪندي پوليس جي مخلتف چيڪ پوسٽن تي اطلاع ڏنا پر پوليس هميشه جيان خاموش تماشآئي ۽ لاپرواهي ڪندي رهي ۽ چور سولائيءَ سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. ٿرين جي ڪير به مدد ڪرڻ وارو ناهي، جيڪي بي پهچ ۽ غريب هوندي ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ کان پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ گرمي يا سردي ۾ ڏينهن رات سخت محنت ڪن ٿا، غريبن جي وات مان گرھ کسيو پيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کان ٿر جي عوام جو مطالبو آهي ته روزانون وڌنڌڙ چورين تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ چورن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ جلد کان جلد قدم کڻي ٿر جي پوليس کي متحرڪ ڪيو وڃي.
راڻو خان چارو/ڀاڏارو، ٿرپارڪر
لاکيڻي لطيف جي ميلي جي اجازت ڏني وڃي!
23.09.2020 جي پنهنجي اخبار ۾ خبر پڙهڻ لاءِ ملي ته سنڌ حڪومت طرفان لاکيڻي لطيف جو ميلو نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ فقط هڪ ڏهاڙو ملهايو ويندو ۽ شاھ عبداللطيف ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب منعقد ڪئي ويندي، جڏهن ته سنڌ جي ثقافت کاتي جي سفارش هئي ته لطيف سرڪار جي ميلي لڳائڻ جي اجازت ڏني وڃي پر سنڌ حڪومت ان مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي عمل سان مون سميت لکين مريدن ۽ عقيدتمندن کي سخت مايوسي ٿي آهي رڳو مايوسي نه پر حيران به آهيون، هڪ ڏينهن اڳ نصرپور ۾ ڪافين جي بادشاھ مصري شاھ جي ميلي جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ به عوام جو وڏو تعداد گڏ ٿيو آهي، پوري ملڪ ۾ امام حسين پاڪ جي چاليهي جي تقريبن جي به اجازت ڏني وئي آهي، جنهن ۾ به عوام جو هڪ وڏو انگ گڏ ٿيندو ۽ ملڪ جي وڏن وڏن مارڪيٽڻ ۽ شاپنگ مالز جي کليل هجڻ جي به حڪومت طرفان اجازت آهي، جن ۾ به روزانون عوام جو وڏو انگ گڏ ٿئي ٿو، باقي اهڙي موقعي تي فقط لاکيڻي لطيف جي عرس جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جي اجازت نه ڏيڻ هڪ حيران ڪندڙ فيصلو آهي، منهنجي وزيراعلى سنڌ جناب مراد علي شاھ ۽ ٻين وس وارين اعلى اختيارين کي نماڻي گذارش آهي ته اهڙي فيصلي تي نظرثاني ڪري لطيف سرڪار جي ٽن ڏينهن واري ميلي جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن لکين مريدن ۽ عقيدتمندن مان بيچيني ختم ٿي سگھي.
اختر علي کوکر/ ٻانڌي
وبا ۽ سنڌ جي تعليم!
تعليم ئي اھڙو ھڪ ڏيئو آھي جنھن سان اونداهه هٽي ويندي آهي، اسان جي ھن پيڙيل ۽ آزاريل سماج کي وڌ کان وڌ ھن ڏيئي جي ضرورت آھي پر بايولاجيڪل وبائن اھو به اسان کان ڄڻ ته حق کسي ورتو آھي. اھڙي اڙانگي دور ۾ دنيا جا تقريبن ٻه سئو کان مٿي ملڪ ھن وبا جي لپيٽ ۾ آيا ھئا ۽ اھي پنهنجي تعليم کان محروم ٿيندا ويا، جتي ھڪ سال ۾ تبديليون آڻي تعليم جاري ڪئي وئي. ھن بايولاجيڪل وبا تعليم سان گڏوگڏ ماڻھن جي روزمرھ جي زندگي ۾ به  ٿرٿلو مچآءِ ڇڏيو ھو. اھا حقيقت آھي ته ھن وبا ڪارڻ ڪيئي جانيون اسان کان وڇڙي ويون، ڪيئي گھر اجڙي ويا پر تنهن ھوندي به ڪيترن ئي ملڪن ۾ الڳ الڳ خبرون ٻڌڻ ۾ آيون. ڪنهن چيو ته ھي افواھ آھي، ڪنهن ھن کي ھڪ ملڪي چال جو نالو ڏنو، ڪنهن ھن وبا تي جلدي ڪنٽرول ڪري ڇڏيو ۽ تعليمي سرگرمين کي ٻيھر بحال ڪيو ته ڪٿي اڃا به ڪورونا جي ڪيسز ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رھيو آھي. ڳالهه ڪجي اسان جي ملڪ جي ته ھتي لڳ ڀڳ ڪورونا ڪنٽرول ٿي چڪو ھو، تعليمي ادارن کي به کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو پر اڃا تآءِن تعليمي ادارا نه کوليا ويا آھن. جڏھن ته ٽرانسپورٽ توڙي بازارون، مارڪيٽ ۽ ميلا هلي رهيا آهن، پر افسوس ته تعليم اڃا به شايد ڪورونا کي وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رھي آھي، ان ڪارڻ وزيرن کي وري سوچي سمجھي قدم کڻڻا پيا آھن پر ٻين جگھن جا وزير شايد ايترو سوچ ويچار نٿا ڪن تڏھن ته ايتري ڇوٽ ۽ آزادي آھي پر افسوس ته تعليم ۾ ئي رڪاوٽون پيش اچي رھيون آھن. تعليم ئي ھڪ ذريعو آھي جنهن ڪارڻ انڌڪار کي مٽائي سگھجي ٿو، جيئن تعليمي ادارا بند ٿيا ته شاگرد واندا ٿي ويا ۽ پنهنجو قيمتي وقت زيان ڪرڻ لڳا. ٿورو غور فڪر ڪجي ته ھن ھڪ سال اسان کي ھڪ صدي پويان ڌڪي ڇڏيو آھي اھڙي ۾ تعليمي ادارن کي ٻيھر کولڻ جي سخت ضرورت آھي.
ونود ڪمار ميگھواڙ/ ڪنري
آءِ بي اي هيڊ ماسترن سان ٻٽو معيار ڇو؟
ساڍا 3 سال اڳ سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان 2 سالن جي ڪانٽريڪٽ تي پرائمري اسڪولن لاءِ 17 گريڊ ۾ آءِ بي اي سکر وسيلي ميرٽ تي ھيڊ ماستر ڀرٿي ڪيا هئا، جولاءِ 2017ع ۾ پرائمري ۽ ايليمينٽري اسڪولن ۾ کين پوسٽنگ ڏني وئي، انهن جي اسڪولن ۾ پهچڻ سان انهن ادارن جي مالڪي ڪئي، جتي انھن کي مشڪلاتون، روڪاوٽون ۽ فنڊن جي قلت ھوندي به ھيڊ ماسترن پنھنجا خرچ ڪري اسڪولن جي مالڪي ڪري کين پنهنجي گهرن جيان سينگاريو. ميرٽ جي اعليٰ معيار تي ڀرٿي ٿيندڙ هيڊ ماسترن پنھنجيون صلاحيتون استعمال ڪندي 2 سالن ۾ سنڌ جي تعليمي معيار کي بهتر بڻايو. سندن ڪارڪردگي جي هر طرف هاڪ هلي، ان سان سرڪاري اسڪولن تي عوام جو هڪ ڀيرو ٻيهر اعتماد بحال ٿيو. نتيجي ۾ سوين ٻار پرائيويٽ اسڪولن کان ڌڙا ڌڙ نڪري سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيا. ان سان سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ٻارن جي شرح به وڌي وئي. نتيجي ۾ سندن بھترين ڪارڪردگي کي ڏسندي سنڌ سرڪاري هڪ سال جي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ پڻ ڪئي ۽ انھن ھيڊ ماسترن کي پنھنجي ضلعي جي بالا آفيسرن پڻ مڃتا ايوارڊ ڏنا. پر انهن کي اڄ تائين پڪو ناهي ڪيو ويو، سنڌ حڪومت پنهنجي پارٽي چيئرمين جي حڪمن کي نظرانداز ڪيو، انهن کي پڪو ڪرڻ بجاءِ ٻيهر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٽيسٽ ۽ انٽرويو لاءِ ٽي ڀيرا ليٽر لکيو آھي. سنڌ حڪومت جي انهي فيصلي خلاف آءِ بي اي هيڊ ماسترن پاران ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج ڪرڻ تي مٿن لٺيون وسايون ويون، اسين پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزير تعليم سعيد غني صاحب کي گذارش ٿا ڪريون ته جهڙي ريت اڳ سنڌ اسيمبليءَ مان قانونسازي ڪري بل ذريعي مختلف ادارن جا هزارين ملازم ريگيولر ڪيا ويا آھن، اهڙي طرح آءِ بي اي پاس هيڊماسترن جي به ڪارڪردگي کي ڏسي سنڌ اسيمبلي مان بل ذريعي قانونسازي ڪري پڪو ڪيو وڃي.
جاويد احمد شيخ/ ڪنڌڪوٽ
آن لائين امتحانن جا ناڪاري اثر!
يونيورسٽيون نه رڳو نوجوانن جي علم جي اڃ اجهائين ٿيون پر ھڪ انساني بٺيءَ جو ڪردار به ادا ڪرن ٿيون، جتا نوجوان پچي ڪندن بڻجي نڪرن ٿا، ان پوري مرحلي ۾ اھم ڪردار يونيورسٽين جون ھاسٽلون ادا ڪنديون آھن، جتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مخلتف صوبن ۽ شھرن مان ڪھي آيل سوين مختلف سوچن، مزاج جي ماڻھن سان گڏ رهڻ، هڪ ڪمري ۾ ڪچهريون ڪرڻ، ھڪ ٻئي جا مزاج پرکڻ ۽ نفسيات جانچڻ سان ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ يونيورسٽيون ئي واحد ا ادارا آھن جتي تعليم جو معيار ڪافي بھتر ۽ ڪاپي ڪلچر نه ھجڻ برابر آھي. ۽ ان ڪاپي ڪلچر نه ٿيڻ ڪري شاگردن ۾ محنت جو لاڙو وڌي ٿو، پنھنجو پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ سان گڏوگڏ اھو ئي تجربو اڳتي ھلي کين مختلف چٽا ڀيٽي واري امتحانن ۾ به ڪم اچي ٿو. پر ان جي ابتڙ ھيئنر حالتون مختلف آھن، ھن وبائي صورتحال جي ڪري ڪجھ مھينا يونيورسٽي بند ھجڻ ڪري انتظاميا پاران آن لائن ڪلاس ۽ آن لائن امتحان شروع ڪرايا ويا، جيئن تعليمي سرگرميون بند نه ٿين. ان جو فائدو ته ڪو به نه ٿيو پر شاگردن کي شارٽ ڪٽ جو مزو ضرور اچي ويو آهي، آن لائن امتحانن ۾ “اوپن بوڪ پيپر” جي ڪري گھر ويٺي شاگردن جا پيپر پاس ٿيو وڃن ۽ ھو ان شيءِ کي ئي پنھنجي ڪاميابي سمجھن ٿا پر انھن کي خبر ناھي تہ ھو سڄي تجربي کان محروم رھندا پيا اچن ۽ ان جا ناڪاري اثر انهن جي ذاتي زندگي تي پڻ پوندا. جيئن ته وبائي دور پنھنجي پڄاڻي تي پھچي چڪو آهي، تقريبن تعليمي ادارا به کلي چڪا آهن، ان ڪري انتظاميا ۽ حڪومت کي گھرجي ته شاگردن جا امتحان آنلائين وٺڻ بجاءِ تعليمي ادارن ۾ ورتا وڃن ته جيئن هنن جي ميرٽ ۽ سليف اسٽڊي چڪاسي وڃي.
عمران چانڊيو/ ميهڙ
جان بچائيندڙ دوائون به مھانگيون ٿي ويون!
اڄڪلھ اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي دوائون مھانگيون ٿيڻ واري مسئلي تي بحث ھلي رھيو آهي، بلڪل زندگي ته خدا جي ھٿ ۾ آھي پر ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي ٽيڪ تي مريضن کي سھارو ۽ صحت کي صحيح ۽ خوش ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آھن، بلڪل جيئن تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي آھي ته دوائون به گھاٽي ٽوڙ مھانگيون ٿي ويون آھن، غريب ماڻھو ته مھانگو علاج ڪرائڻ لاءِ سوچي به نٿو سگھي، سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي ڊاڪٽر ٻاھر ميڊيڪل اسٽورن جي دوا لکي ٿا ڏين، جتي ڊاڪٽرن جا پنھنجا ميڊيڪل اسٽور آهن يا انهن سان ڪميشن تي ٺهيل آھن، جيڪو انساني جانين سان ڊاڪٽرن جي مذاق آهي، ھن وقت غريب طبقو پيٽ پالڻ لاءِ پريشان آھي، اھو علاج يا دوائون ڪٿان وٺي سگھندو؟ ان ڪري پاڪستان ۾ بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن، ھر ماڻھو پاڻ سان گڏ بيماريون کڻي ھلي ٿو، ان وٽ ايترا پئسا ناھن هوندا جو پنھنجون ٽيسٽون ڪرائي يا چڪاس ڪرائي. ھن وقت سنڌ ۾ ڪاري ڪامڻ جو مرض وڌي چڪو آھي، ان کان سواءِ ايڊز جھڙو خطرناڪ مرض به وڌي رھيو آھي، جنھن تي حڪومت ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي، پوليو پروگرام سالن کان ھلي رھيو آھي پر اڃا ڪيس ظاھر ٿي رهيا آهن، ان تي ضابطو نه اچي سگھيو آھي. ھن وقت دوائن جا اوچتو اڳھ وڌي وڃڻ يا کوٽ پيدا ٿي وڃڻ انساني جانينن سان کيڏڻ ۽ دشمني برابر آھن، ان جو ھڪ وڏو سبب 366 کان مٿي جعلي دوائون ٺاھيندڙن ڪمپنيون لاھور ۾ واقع آھن ۽ ڪجھ ڪراچي ۾ به آھن، اهي ڪمپنيون پنھنجون دوائون وڪرو ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر کي تحفا ڏئي اھي دوائون ڊاڪٽرن هٿان وڪرو ڪرائي مريضن کي ڦرين ٿا. چوڻ جو مقصد ته ان تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي ذميواري آھي. حڪومت کي گھرجي ته اھڙن ڪمپنين تي بندش ۽ انهن جو لائسنس رد ڪري.
شفيق حسين وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ 
راشن نه ڏيو پر روڊ ته ٺهرائي ڏيو!
سنڌ ۾ 13 ورهين کان عوام جي ترجمان پيپلز پارٽي رهي آهي، جنهن جي حڪومت ۾ ٻوڏ کان پهرين روڊن جي حوالي سان ڪارڪردگي ڪيتري قدر بهتر هئي، ڪيتريون ئي اسڪيمون جيڪي 8 سال رولڙي جو شڪار رهيون، ڪروڙين رپيا روڊن جا هضم ڪيا ويا، ماڻھن کي مٽي، ڌوڙ ۽ دز وارن رستن تي سفر ڪرڻو پيو پر روڊ نه ٺاهيا ويا، مسافرن ۽ علائقي واسين  جون آنهون دانهون ڪنهن نه ورنايون، ايتري تائين جو اچي ڪورونا ڦھلي، جنهن بهاني سنڌ جي روڊس کاتي جي دغدار بڻيل ڪارڪردگي کي داغن مٽائڻ جو موقعو مليو، وائرس اڃا ختم ئي نه ٿيو ته مٿان وري ڪاڇي ۾ آيل ٻوڏ ۽ برسات رهيل روڊن جي ٽڪرن کي به تباهه ڪري ڇڏيو. روڊن جي اڻ ھوند سبب متاثر علائقن ۾ جيڪي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن انهن ۾ متاثرن تائين امدادي سامان جي رسائي، علاج خاطر صحت کاتي جي ٽيمن جو وقت سر نه پهچڻ سبب بيمارين جو ڦھلجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، ڪاڇي جي مرڪزي ۽ تاريخي شهر ڊرگھ بالا سميت ٻين متاثر ٿيل روڊن کي اڃا تائين بحال ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري ماڻھن کي تڪليفون آهن. ڪيترا ئي مريض وقت سر علاج لاءِ نه پهچائڻ سبب ڪيتريون ئي عورتون ۽ معصوم ٻار موت جي ور چڙھي چڪا آهن، منٽن وارو سفر ڪلاڪن ۾ به طئي نٿو ٿئي. روڊن جي مرمت ۽ ٻوڏ متاثرن جي مالڪي نه ڪرڻ تي علائقي واسين پاران هلندڙ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، جيڪو سنڌ سرڪار لاءِ سوچڻ جو مسئلو آهي، سنڌ حڪومت ۽ پ پ جا چونڊيل نمائندا دعوائون به ڪن  ٿا ته اسان سنڌ جا حقيقي وارث آهيون ته وارثي اها نه چئبي ته هن وقت تائين مسڪينن جي مالڪي نه ٿي سگهي آهي، جيڪي ماني ڳڀي ۽ اجهي لاءِ پريشان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن پر انهن سڀني امدادي سرگرمين کان هٽي ڪاڇي جي ٻوڏ متاثر علائقن جي هزارين رهواسين سنڌ سرڪار ۽ دادو جي چونڊيل نمائندن کان احتجاجن اهو مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي راشن کان پهرين روڊ ٺھرائي ڏنا وڃن نه ته پوليو جو هڪ به ڦڙو پنهنجي ٻارن کي پيارڻ نه ڏينداسين.
محمد اسماعيل لانگاهه/ ڊرگهه بالا، ڪاڇو 
موٽروي واقعو ۽ حيران انسانيت!
ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور لڳ گجرپورا موٽروي تي وحشي صفت يزيدن قهر ڪري هڪ بيوس ۽ مجبور عورت سان زنا ڪري ۽ پنهنجن ئي معصوم ٻچڙن جي سامهون اها ڪريل حرڪت ڪري انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيو آهي، واقعي جو جوابدار اڄ ڏينهن تائين گرفتار ناهي ٿي سگھيو، جڏهن ته سي سي پي او لاهور جي بيان هر ذهن کي لوڏي ڇڏيو آهي، جنهن تي پاڪستان سميت دنيا جي هر عورت ناراض آهي ۽ معاملو وڏو ٿي چڪو آهي، اهڙا اڳ ۾ به ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن پر اهي ڪي بااثر هجڻ ڪري اڄ به اهي سرگرميون جاري رکيو ويٺا آهن ۽ ڪن کي گهرجون پوريون ڪري في الحال ٽاريو وڃي ٿو ۽ عوام جي مٿان وري ڪو نئون اشو مڙهي پوئين معاملي کي ٿڌو ڪيو ٿو وڃي. اسان جي ملڪ ۾ جوابدار کي رليف وڌيڪ ملڻ ڪري اهڙن يزيدي ڪاررواين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ متاثرن کي انصاف نٿو ملي، آخر اهي ڪاريون رڍون ڪيترا ڏينهن هن ملڪ تي هاوي رهنديون، هنن روح کي ڪانڊاريندڙ سانحن تي سختي سان فيصلا ڪرڻ لاءِ اسان جي جج صاحبان کي آزاد ٿيڻو پوندو، اسان جي پوليس کي صفون درست ڪرڻيون پونديون، اسان جي حڪومتن کي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي اهڙن مسئلن تي هڪڙي پليٽ فارم تي اچڻ کپي ته جيئن اهي بااثر جوابدار قانوني پڪڙ ۾ اچن ۽ جيڪي جوابدار معاملن ۾ ملوث هجن انهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ حڪومتي سطح تي ڪاميٽيون ٺاهي مڪمل جاچ ڪرائي لاهور موٽروي تي ٿيل بزدلاڻي حرڪت ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏئي متاثر عورت ۽ سندن خاندان کي حوصلو ڏئي اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪي اپاءَ ورتا وڃن، جڏهن ته سي سي پي او لاهور کي اهڙي ڪڌي بيان تي متاثر عورت ۽ ملڪ جي عوام کان معافي وٺڻ گھرجي.
عبدالغني “عبد “آريسر/ ڍورونارو
ڪرونڊيءَ جي نوجوانن کي سلام!
ڪافي عرصي کان ذاتي مصروفيتن سبب سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا کان پري رهيس، اوچتو دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه اڄ ڪرونڊي جي نوجوان اتحاد ۽ ان نوجوان جهانگير شمس راڄپر جي محنت کي ساراهجي جنهن ڪورونا جي موذي مرض جي ڏهاڙن ۾ پنهنجي ذهن اندر هڪ اهڙو خيال آندو جنهن سان مستقبل ۾ اڄ جا ٻار سڀاڻي جو مستقبل آهن انهن جي ڀلي لاءِ ۽ سٺي مستقبل لاءِ ان نوجوان اهڙو ته قدم کنيو جو فيض گنج تعلقي جي شهر ڪرونڊي ۽ آسپاس جي ماڻهن جا نسل ياد ڪندا، هن هڪ اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو حڪومت به نه ڪري سگهي آهي. ڪرونڊي جيڪو بظاهر هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ يا شهر چئي سگهجي ٿو، اتان جي نوجوان جهانگير شمس راڄپر پاڻ ته وڪالت جي شعبي سان تعلق رکي ٿو ۽ انتهائي نفيس طبيعت جو مالڪ آهي، منهنجي ساڻس سان اسلام آباد وڃڻ دوران ملاقات ٿي، جيڪو اڄ تائين هڪ سٺي دوست جيان نڀائيندو پيو اچي. اهو نوجوان ڪراچي جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج ۾ وڪالت جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، جهانگير شمس راڄپر لاڪ ڊائون دوران ڪافي ٿوري عرصي ۾ هڪ نوجوانن جي تنظيم ٺاهي، جنهن کي نوجوان اتحاد جو نالو ڏنو، ٿوري عرصي ۾ ان تنظيم وسيلي ڪرونڊي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ صفائي سٿرائي، راندين توڙي تعليم تي ڪم ڪيو ويو، جنهن جو مثال هر جمعي ڏينهن پاڙن ۾ نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت صفائي سٿرائي ۽ ڇڻڪار ڪندا آهن، تازو مثال هڪ هفتو اڳ نوجوانن پنهنجي مدد پاڻ تحت دوستن سان گڏجي سهڪار ڪري ڪرونڊي شهر ۾ هڪ عاليشان لائبريري جوڙائي آهي جنهن جو افتتاح پڻ تعليم دان ۽ علائقي جي معزز شخصيتن ۽  وائس چانسلر آءِ بي اي سکر ڪيو، لائبريري ۾ هتان جا ٻار پڙهندا، سڀاڻي ڪنهن سٺي منزل تي پهچندا. هن واقعي هڪ سٺو قدم کنيو آهي، جيڪو حڪومت کي کڻڻ کپندو هو. يقينا هتان جا ٻار هاڻي هوٽلن تي ويهڻ، باغن ۾ رلڻ بدران لائبريري ۾ تعليم پرائيندا ته ڪيترو نه سٺو ٿيندو، مان جس ٿو ڏيان سنڌ جي انهن باهمت نوجوان کي، جيڪڏهن سندن اهي ڪوششون ۽ ڪاوشو جاري رهيون ته سنڌ سدا سهڻي ٿي پوندي.
آصف علي ابڙو/ ڪولاب جيئل

Bookmark the permalink.