تازا ترين
  • ڪراچي پوليس جو سربراهه غلام نبي ميمڻ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو*ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ ڪورونا جي تصديق بعد گهر ۾ آئسوليٽ ٿي ويو*
  • ڪراچي ۾ لاپتا ٿيل علي عمران 22 ڪلاڪن کانپوءِ ظاهر، گهرڀاتين سان فون تي رابطو*
  • *راڌڻ: پوليس اھلڪار نديم لاشاري جي ڪيس جو مک جوابدار گرفتار *سيھڙ پوليس ڳوٺ گھارو ۾ ڇاپو هڻي جوابدار جوابدار طالب سرگاڻي کي گرفتار ڪري ورتو*
  • *ٽنڊو محمد خان ويجهو رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر،4ڄڻا زخمي *مير غلام علي پارڪ سامهون رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو *حادثي ۾ شاهه رخ ڀٽي، اڪبر پرهياڙ، قربان بروهي ۽ فاروق گنمڀير زخمي*
  • *دادو: ڇاڻو شاهه آباد پاڙي ۾ ذهني توازن ٺيڪ نه هجڻ ڪري ناري پنجن سالن کان گهر اندر زنجيرن سان ٻڌل *ڌيءُ جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، غربت سبب علاج نه ڪرائي سگهيا آهيون: پيءُ گل محمد سهارڻ *ڌيءُ جا زنجير کوليون ٿا ته ماڻهن سان وڙهي ٿي، ڌيءُ جي علاج ۾ مدد ڪئي وڃي: ماءُ *
  • *بلاول ڀٽو زرداري جو لاهور ۾ احتجاج تي ويٺل بلوچستان جي شاگردن واري معاملي تي بيان *پٺ تي پيل علائقن جي شاگردن کي ننڍيون مراعتون به نه ڏيڻ ذهني طور پوئتي ڌڪڻ برابر آهي: بلاول *هڪ شاگرد جي ٻئي صوبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ثقافتي تبديلي جو سبب بڻجندو آهي: بلاول*
  • *مدئجي ويجهو اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت *مگسي لاڙي ڀرسان اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار غلام شبير ڌاريجو زخمي ٿي پيو *زخمي غلام شبير ڌاريجو کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *گهوٽڪي ۾ ميونسپل ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف زرعي دوائون هٿن ۾ کڻي انوکو احتجاج *ملازمن پگهارون جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ آپگهات ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو *جيڪڏهن پگهارون جاري نه ٿيون ته آپگهات ڪنداسين، ذميوار چونڊيل نمائندا ۽ لاڳاپيل آفيسر هوندا: ملازم*
  • *سنڌ جي ٻيٽن بابت جاري ڪيل آرڊيننس خلاف حيدرآباد ۾ عوامي پورهيت تحريڪ طرفان احتجاج *سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، ٻيٽن تي ڪنهن به قسم جي تعمير جي اجازت نه ڏينداسين: اڳواڻ *وفاقي حڪومت سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪري: اڳواڻ *وفاق سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهي: اڳواڻ *
  • *فيض گنج: صادق آباد مان مبينا اغوا بعد قيد ڪيل ناري ڳوٺ نور آباد ۾ پهچي وئي، تحفظ جي اپيل *عطا محمد اغوا ڪري زبردستي نڪاح ڪري گهر ۾ رسن سان ٻڌي ڇڏيو: بشرا خاتون *بس تي هوسٽ طور ڪم ڪندي هيس، هڪ عورت نوڪري ڏيارڻ بهاني گهرائي عطا محمد حوالي ڪيو: دانهون *جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪرايو وڃي: بشرا خاتون *بشرا سان شادي ڪئي آهي، الزام ڪوڙا آهن: اغوا جي الزام هيٺ آيل عطاءَ محمد*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيئرمين نيب جي رمضان شگر مل جو قرض رجسٽرڊ ڪرائڻ خلاف اپيل رد *عدالت ايس اي سي پي کي شگر مل جو قرض رجسٽرڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو: فيصلو *هاءِ ڪورٽ جي قرض رجسٽرڊ ڪرڻ خلاف نيب چيئرمين اپيل داخل ڪرائي هئي: فيصلو *چيئرمين نيب جي اپيل ٻڌڻي جوڳي ناهي، ان ڪري رد ڪئي وئي: فيصلو*
  • *چوھڙجمالي ڀرسان پورهيت جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *35سالن جو لال چندر واپاريءَ وٽ بورچي طور ڪم ڪندو هو*
  • *ڪراچي: پوليو جي عالمي ڏينهن تي ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن مان سائيڪل ريلي *ڪراچي: سائيڪل ريلي ۾ مردن توڙي عورتن جو وڏو انگ شامل *ريلي 2 تلوار کان سمنڊ ڪناري ويندي, جتان واپس 2 تلوار پهچي ختم ٿيندي*
  • *خيرپورناٿن شاھه ويجهو ڪڪڙ شاخ کي30فوٽ گهارو پئجي ويو *ڳوٺ مصري چانڊيو وٽان ڪڪڙ شاخ کي 30فوٽ گهارو پوڻ سبب ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملدار گهاري واري هنڌ نه پهتا، ڳوٺاڻا گهارو ٻڌڻ ۾ مصروف*
  • *رائونتي: قتل ٿيل ناري شبيران شر جو لاش پوليس پاران حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي ڳولڻ کان انڪار *گذريل رات جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ ناري کي قتل ڪرڻ بعد لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو: چو ٻول*

پنهنجن جون چٺيون

تعصب رڳو سنڌ سان!
هر پارٽي جو اليڪشن مهم دوران ڪو نه ڪو منشور هوندو آهي، جنهن جا قائدين جلسن جلوسن ۾ عوام کي اهو ٻڌائيندا آهن ته اسان هي ڪم ڪنداسين، اسان هنن شعبن ۾ ترقي ۽ نواڻ آڻينداسين وغيره، پر پي ٽي آءِ جو سڄو منشور سنڌ سان ساڙ تي ٻڌل هو، جنهن جو ظهور پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺھڻ بعد ٿيو. پي ٽي آءِ حڪومت کي 2 سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي پر هنن ايڏي وقت ۾ سنڌ ڌرتي جي ڀلائي وارو ڪم ته پري پر هنن سنڌ لاءِ نيڪ خواهشن تي ٻڌل هڪ بيان به ناهي ڏنو، هنن ته اچڻ سان ئي سنڌ سان تعصب روان رکيو، جنهن جي شروعات ڪراچي ۾ غير قانوني رهندڙ جن ۾ افغانين، پٺاڻن ۽ بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ سان ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ واسين ان تي ردعمل ڏنو ته انهن عمل ۾ ڪجهه وقت ٺاپر ٿي پر هنن حربا ۽ چالون هلائڻ بند نه ڪيون، جنهن ۾ سنڌ جا ادارا خانگائڻ، اسٽيل مل جي ورڪرن کي زوري فارغ ڪرڻ، هاڻي هنن کي 18هين ترميم جو پيٽ ۾ سور آهي، وفاق ۽ ان جا نمائندا ائين ٿا سمجهن ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو سبب ئي 18هين ترميم جي خاتمي ۾ آهي ۽ جڏهن هنن کان 18هين ترميم جو خاتمو به ممڪن نه ٿيو ته هنن طرح طرح جا حربا هلائڻ شروع ڪيا، ڪڏهن هنن “نفيس ماڻهن” کي الڳ صوبي جي راڳ سان لڳائي ڇڏيو ته ڪڏهن ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ، ته ڪڏهن ڪراچي ڪاميٽي جهڙيون نابالغ حرڪتون ڪرڻ ۾ مصروف رهيا. مطلب ته هنن ٻن ورهين ۾ ڪو ڏينهن خالي نه هو جو وفاق جو بيان سنڌ جي تعصب کان خالي هجي. هينئر جيڪا وفاق جي ڏاڍ مڙسي آهي سا سنڌ جي ٻيٽن تي زوري قبضا، ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽ تي وفاق شهر اڏڻ جي سوچ آهي ۽ هنن سيڙپڪارن کي به اجازت ڏئي ڇڏي آهي، وفاق کي اهڙي قبضاگيري جي اجازت پاڪستان جو آئين ته ڇا پر دنيا جو ڪو به قانون نه ڏيندو ته وفاق وڃي صوبن جي ٻيٽن يا زمينن تي قبضا ڪري. تنهنڪري اسان وفاق کي اهو باور ڪرائڻ ٿا چاهيون ته توهان اختيارن ۽ وسيلن کي ڪنهن به صورت ۾ يرغمال بڻائي نٿا سگهو، اهي هڪ ڏينهن ضرور اصل مالڪ وٽ پهچندا، ان لاءِ اسان وفاق کي خيرخواهي واري صلاح ٿا ڏيون ته آئين جي پاسداري ڪئي وڃي ۽ غير فطري عملن کان پاسو ڪيو وڃي. فطرت سان مطابقت رکي اوهان کي قدم کڻڻا آهن، تڏهن توهان جي بقاءَ ممڪن آهي، نت ڊائناسور وانگر اوهان به زمين تان مٽجي ويندا ۽ پوءِ پنڊپهڻن مان خبر پوندي ته هتي به ڪو وفاق هئو.
غلام الله گاڏهي/ نصيرآباد
يوسي ڀيٽور جي عوام کي اسپتال جي سهولت ڏني وڃي!
امير ضلعي جا غريب ماڻهو جديد دور ۾ به پٿر واري دور واري زندگي گذاري رھيا آهن مسئلن جي ور چڙهيل ھي ضلعو آخر ڪڏهن مسئلن جي ڌٻڻ مان نڪرندو، اھو عوام جو خواب آهي، گھوٽڪي ضلعي جي تعلقي خانڳڙھ جي يوسي ڀيٽور جيڪا بنيادي سھولتن کان محروم آهي، ٻيو ته ٺھيو پر تقريبن 37000 جي آبادي رکندڙ ھي يوسي صحت جي سھولت لاءِ بنيادي صحت مرڪز کان به قاصر آهي، جتي حڪومت جي ذميواري آهي ته غريب عوام کي بنيادي سھولتن سميت جان مال عزت آبرو جو تحفظ فراھم ڪري پر بدقسمتيءَ سان سھولتون ۽ حفاظت ڏيڻ ته پنهنجي جڳهه تي پر اٻوجھ عوام کان جيئڻ جو به حق کسيو ٿو وڃي، يوسي ڀيٽور جي عوام جو آخر ڏوھ ڪھڙو آهي؟ ھتان جي عوام ته ووٽ جو حق به ادا ڪرڻ سميت  ٽئڪس به ادا ڪري ٿو پر ان باوجود به ڪا بنيادي سھولت ميسر ناهي آخر ڪنهن در ڏجي دانهڙي. ھتان جي عوام لاءِ بنيادي صحت مرڪز نه ھجڻ سبب ڏورانھين پنڌ تائين وڃي پنهنجو علاج ڪرائين ٿا ۽ عطائي ڊاڪٽـرن جي ورچڙھن ٿا، صحيح علاج نه ٿيڻ سبب ويتر بيماريـن جي ورچڙھن ٿا .اسين ھتان جي چونڊيل نمائندن صحت جي وزير سميت وزيراعليٰ سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته يوسي ڀيٽور جي عوام کي بنيادي سھولتون خاص طور بنيادي صحت مرڪز قائم ڪري ڏنو وڃي ته جيئن ھتان جو عوام ڪو سک جو ساھ کڻي سگهي نه ته اسين باقاعدي تحريڪ جو اعلان ڪنداسين ۽ جيڪڏهن اسان کي اسپتال جي سھولت نه ڏني وئي ته اوھان کي اڳواٽ آگاھ ٿا ڪريون ته ھيڏانھن ووٽ وٺڻ لاءِ اچڻ جي زحمت نه ڪجو .
بشير رضا مھر/ گھوٽڪي  
لائبريري جو ڪم مڪمل ڪير ڪرائيندو؟
بوزدار وڏا ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين جو مدو پورو ٿي ويو پر ان دوران نااهل ڪرپٽ چيئرمين امداد رند خيرپور ڀرڳڙي پل جي آسپاس پنهنجو بنگلو ته تيار ڪرائي ورتو پر افسوس شهر جي لائبريري جو ڪم مڪمل نه ڪرائي سگهيو، ڇا نيب يا اعليٰ آفيسر هن کان بجيٽ بابت پڇندا ڪند؟ ته ڪٿي ڪٿي خرچ ڪئي؟ ڪهڙا ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا؟ بجيٽ ڦٻائي ويندڙ نااهل چيئرمين نه ئي ڊرينج سسٽم ۾ سڌارو آندو نه ئي وري ڪو شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايو، گھٽيون پڪيون ڪرايون ويون ته اهي به اتي جتي سندس واٺا ۽ من پسند ماڻهو هئا، باقي ڪٿي به نه گھٽيون پڪيون نه ٿيون، محرم الحرام ۾ نالين جا ڪراس بند ڪرائڻ وقت به ڪرپشن ڪئي وئي، ڪٿي ڪٿي ڪراسن اندر پلاسٽڪ جا پائپ هڻي فرشبندي ڪئي وئي آهي، جيڪي ڪجھ ئي ڏينهن ۾ ٽٽي پيا، آئون هڪ شهري هجڻ جي ناتي نيب چيئرمين ۽ اقتدار ۾ ويٺل اعليٰ ليڊرن کي پرزور اپيل ٿو ڪيان ته خدارا شهر جي حالت ڏسي وڃو ته خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي ڪرپشن ٿي آهي ۽ ڪرپشن ڪئين ڪبي آهي. ماهوار 20 لکن کان مٿي بجيٽ کڻندڙ ٽائون ڪاميٽي بوزدار وڏا جي حالت پراڻي کنڊرات جهڙي آهي، سمجھ ۾ نٿو اچي ته ايتري ڪرپشن ٿيڻ باوجود به شهري خاموش آهن، تڪ جا چونڊيل نمائندا غائب ۽ نيب خاموش آهي؟ آخر هن رولڙي جو شڪار لائبريري جو ڪم ڪير مڪمل ڪرائيندو؟ هي تازو لٿل ڪرپٽ چيئرمين يا وري ٻئي ڪنهن چيئرمين جو انتظار ڪيون، جن نااهلن کان ايترا به ڪم نٿا ٿي سگهن ته انهن کي چونڊڻ جو ڪهڙو فائدو؟ ڪٿي ائين ته ڪونهي ته جيڪو تڪ جي چونڊيل نمائندن جون سڀئي شرط مڃي ته اهو چيئرمين پڪو هوندو، بيشڪ ڪم ڪرڻ جو لڇڻ ئي نه هجيس، وزير اعليٰ سنڌ، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ نيب چيئرمين کي هڪ ڀيرو ٻيهر هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪجي ته خدارا اسان جي لاوارث شهر بوزدار وڏا جي مالڪي ڪريو، رولڙي جو شڪار لائبريري جو ڪم مڪمل ڪرائي شهر جي لکئي پڙهي طبقي جي پريشاني دور ڪيو.
مظفر شبير بوزدار / بوزداروڏا
ڪورونا جي وبا اڃا ختم ناهي ٿي!
ڪورونا جو قهر پوري دنيا ۾ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي، ايتري قدر جو جنهن به ملڪن ۾ ڪورونا ختم ٿيڻ تي هو يا ختم ٿي ويو هو، انهن ملڪن ۾ وري ڪورونا جا ڪيس وڌڻ لڳا آهن، جنهن ۾ اسان جو ملڪ به شامل آهي، جتي ڪورونا ختم ٿيڻ تي هو ته ۽ هاڻي وري روز جي بنياد تي نوان ڪيس وڌي رهيا آهن، ان صورتحال ۾ وزيراعظم پاران سمورا اسڪول ۽ ڪاليج کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ايتري قدر جو ماڻهن مان ڪورونا جو ڊپ به ختم ٿي ويو آهي، تنهن ڪري اڄ وري ڪورونا جو قهر اسان تي وڌي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اسڪول کوليا ويا ۽ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌيا ته ڇا ٿيندو؟ ڪورونا هڪ اهڙي موتمار بيماري آهي جيڪا اسان جي ڦڦڙن کي مڪمل طور ختم ڪري ٿي ڇڏي، جنهن جو ڪو به علاج ناهي، اسان جي ملڪ جا ماڻهو ان موذي مرض کي مذاق سمجهي رهيا آهن، جنهن ٿورو گهڻو ڪورونا کي سچ سمجهيو پي تنهن پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي سڀني فردن لاءِ ماسڪ ۽ سينيٽرائيزر ۾ بار بار هٿ ڌوتا ۽ اڄ به اهي سمجهي رهيا آهن ته ڪورونا ڪجهه به ناهي، تنهن ڪري انهن حفاظتي اپاءُ استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن، اڄ تقريبن سڀ هڪ ٻي سان هٿ ملائي رهيا آهن، ڪو به مفاصلو نه پيو رکيو وڃي، فيس ماسڪ، سينيٽائيزر، سڀ اڇلائي ڇڏيا آهن، تنهن ڪري اڄ اسان جي ملڪ ۾ ڪيس ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، خدارا پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن جي حفاظت ڪريو، ڪورونا ختم ناهي ٿيو، ڪورونا جهڙي موتمار بيماري اڄ به اسان جي ملڪ ۾ موجود آهي، جنهن جو ڪو علاج ناهي، بس هڪ ٻئي سان مفاصلو رکو، هٿ نه ملائڻ ۽ بار بار هٿ ڌوئڻ آهي، آئون هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته وڌ کان وڌ حڪومت ۽ ڊاڪٽرن جي حفاظتي اُپائن کي زندگي ۾ شامل ڪيو ۽ ڪورونا جهڙي موتمار بيماري کان بچو، حڪومت پاڪستان کي به اپيل ٿو ڪيان ته اسڪول نه کوليا وڃن، جيستائين ملڪ ڪورونا کان پاڪ نه ٿي وڃي.
منيش ڪمار جسواڻي/ پٿورو
اچو ته بيواهه امڙ جي مدد ڪريون!
بيواهه بيوس جيجل ماءُ جو پٽ ۽ ڀيڻ جو اڪيلو ننڍڙو ڀاءُ سجاد علي ڏهراج گذريل ڊيڊ مهيني کان نوابشاهه جي پرائيويٽ اسپتال ۾ موت ۽ زندگيءَ سان جنگ وڙهي رهيو آهي، سندس علاج لاءِ هر روز هزارين رپيا خرچ اچن ٿا، جيڪو هن جي بيواهه امڙ ۽ نوجوان ڀيڻ هِتان هُتان هٿ ڪري پنهنجي معصوم جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رھيون آهن، سندن چوڻ آهي ته اسان جو ڪو به والي وارث ناهي، نه وري ڪو مائٽ آهي، يقينن اڄ جڏهن آئون پنهنجي هڪ ٻن دوستن سان گڏجي پرائيويٽ اسپتال ۾ هنن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پهتس ته سجاد علي ڏهراج جي جيجل ماءُ ۽ ان جي نوجوان ڀيڻ کي هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو ڏسي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، هنن ٻڌايو ته اسان ٺاروشاهه لڳ ڪريم ڏنو ڏهراج ڳوٺ جا رهواسي آهيون، ڏيڍ مهينو اڳ ٺاروشاھ ڀرسان موٽرسائيڪل تي سوار سجاد علي ۽ ان جي وڏي ڀاءُ 18 سالن جو نوجوان صدام علي ڏهراج سان پنهنجي ئي برداري جي بااثر نوجوان سان روڊ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ سجاد جو وڏو ڀاءُ صدام علي ڏهراج موقعي تي ئي فوت ٿي ويو هو جڏهن ته ڏيڍ مهيني کان سجاد علي ڏهراج ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ بيهوش پيل آهي، جنهن کي نوابشاهه جي هن پرائيوٽ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن کي هن وقت ڏيڍ مهينو گذري ويو آهي پر کيس هن وقت تائين هوش ناهي آيو، مٿس لکين رپيا خرچ ٿي چڪو آهي، هاڻي ته ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن سنڌ حڪومت سميت ضلعي شهيد بينظير آباد جي انتظاميا ۽ سمورن وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي ته خدارا سندن مدد ڪري سجاد علي ڏهراج جي زندگيءَ بچائي وڃي جيئن هو به پنهنجي بيواهه ماءُ ۽ نوجوان ڀيڻ جو ڀرجهلو بڻجي سگهي، حڪومت سميت سڀني کي گهرجي ته سندن مدد ڪن.
بابر علي وساڻ/ دوڙ
سجاول ضلعي مان منشيات ۽ فحاشي جا اڏا بند ڪرايا وڃن!
سجاول ضلعي اندر ڪافي وقت کان معاشري کي گندو ڪندڙ ۽ انساني زندگي کي جوکي ۾ وجھندڙ منشيات ۽ فحاشي ضلعي جي مختلف ننڍن توڙِ وڏن شهرن ۽ ڳوٺن يعني سجاول، چوهڙ جمالي، بٺورو، دڙو، جاتي، ننڍن ڳوٺن ڇحڇ جهان خان، لاڏيون، قادر ڏنو شاهه ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪافي عرصي کان هلندڙ آهي، جنهن ڪري خاص طور تي نوجوان طبقو ڏينهون ڏينهن تباهيءَ طرف وڃي رهيو آهي. اسان جي پوليس ته الائي ڪهڙِ درد جي دوا آهي، ڄاڻ هوندي به اڻ ڄاڻ ۽ خاموش تماشائي بڻيل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته پوليس جون منٿليون ٻڌل آهن، اهو ئي سبب آهي جو ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي ايندي. اڳئين وقت ۾ ايئن هوندو هو جو پوليس آفيسرن جون بدليون انتظامي لحاظ کان ڪيون وينديون هيون پر هاڻ ايئن ناهي. بدلي ڪرائڻ لاءِ جھڙا پئسا اهڙو ٿاڻو. هڪ يا ٻه ڪروڙ ڏئي بدلي ڪرائي ايندڙ ايس ايس پي پنهنجي پسدن جا ضلعا وٺن ٿا. اهڙا ضلعا جتي، چرس، هيروئن، ٺرو، شراب، جوئا ۽ فحاشي جا اڏا هلندڙ هجن ۽ چوريون به ٿينديون هجن، جتي ڪرائيم وڌيڪ هجي اتان اهي پوليس آفيسر ايس ايس پي يا ايس ايڇ او جون منٿليون ٻڌل هجن ٿيون، جنهن ڪري منشيات ۽ فحاشي جا اڏا کلي عام هلي رهيا آهن. پوليس جو ڪم ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ سميت ڏوهن خلاف قدم کڻن آهي پر افسوس جو مال ميڙڻ جي چڪر ۾ سنڌ جي مڙني شهرن جي مختلف چوڪن چوراهن ۽ گھٽين ۾ چرسي، هيروئني، ٺرائي، شرابي، جوئاري ۽ لوفر نظر ايندا جتان عورتن کي گھٽي پار ڪرڻ ۾ دشواري ٿي ٿئي. تازو ڪي پي ۾ پوليس اهلڪار سينٽرل جيل ۾ منشيات سپلاءِ ڪندي پڪڙجي پيو آهي، قانون جا رکوالا پاڻ قانون جا بکيا اڊيڙي رهيا آهن، ڪرمن سوچ وارن پوليس آفيسرن جي سوچ ايستائين محدود هوندي آهي ته ٻه ڪروڙ مان 10 ڪروڙ ڪيئن ڪمائجن، انهن جي حد جي ايم پي اي يا ايم اين اي سان ملي ڀڳت هوندي آهي ۽ پوءِ بدامني جي فضا قائم ٿي ويندي آهي. عوام مختلف طريقن سان مصيبتن جي ور چڙهي ويندو آهي، پوليس پنهنجو وقار پاڻ وڃائي ويٺي آهي، اهڙن پوليس آفيسرن کي قبلو درست ڪرڻو پوندو، نه ته کين تاريخ ڪڏهن معاف نه ڪندي.
عبدالڪريم کٽي/چوهڙ جمالي
ايندڙ بلدياتي نظام ۽ تبديلي!
جيئن ته مڪاني ادارن جو مدو پورو ٿيو ۽ چيئرمين پنهنجي گهر وڃي ويٺا، ڪجھ ڪم ٿيا ۽ گهڻي ڀاڱي جتي ڪٿي ڪرپشن ٿي ۽ اها ئي هر هنڌ راڙو راڙ آھي ته اسان جي يوسي جو مال ڪيڏانهن ويو؟ حقيقت اها آھي ته ان ۾ انهن چيئرمينن جو ڪو ڏوھ ناھي، اسان جون پنهنجون غلطيون پڻ آھن، اسان پاڻ ئي انهن اڻ پڙھيل وڏيرن جا غلام بڻجي ويا آھيون ۽ پنهنجو قيمتي ووٽ انهن کي ڏئي ڇڏيندا آھيون جيڪي ان وقت ته وڏيون تقريرون ڪندا آھن پر پوءِ وقت تي پيا دانهون ڪيون ته اسان جي يوسي ۾ ڪرپشن ٿي وئي. اسان کي سولر پليٽ نه ٿي ملي، پر ساٿيو اهڙو موقعو به مال کائڻ جو انهن کي اسان ڏيندا آھيون، اسان پنهنجي قيمتي ووٽ جو استعمال صحيح ناهيون ڪندا ۽ اهو نتيجو اسان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، ٻيو ته اسان جا پڙھيل لکيل نوجوان اڳتي اچن ۽ اليڪشن ۾ هر وڏيري جي اڳيان بيهن ته جيئن ووٽ جو قدر پوي. اسان وٽ اجتماعي سوچ جي اڻاٺ آهي، ان ڪري اسان هر واري ڌڪ کائي ويندا آهيون، ترقي يافتا قومون ته سڄي ملڪ جو سوچي پوءِ چونڊون ڪرائينديون آهن پر اسان جي سوچ اسان جي گهر کان به ٻاهر جي ناهي، اسان کوهه جي ڏيڏرن جيان پنهجي ئي چوڌاري چڪر ڪٽي پاڻ کي وڏا سمجهندا رهندا آهيون. هن بلدياتي مدي جي پڄاڻيءَ تي ڪيترا ئي سوال جتي حڪومتي نظام تي ڇڏيا آهن اتي ڪيترا ئي ابهام اسان جي ضمير تي پڻ رقم ڪيا آهن مثال طور جنهن کي ذاتي ڪم جيئن سولر پلانٽ وغيره مليو ان سوشل ميڊيا تي چيئرمينن جا قيدا لکيا جو انهن کير ماکي جون نديون وهايون هجن ۽ وري چمچاگيري ۾ ايترا اڳتي جو ڪنهن اجتماعي فائدي تحت تنقيد به ڪئي ٿي وڃي ته ان کي گارين تائين گهليو ٿو وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهجن اهڙن لائق جوانن کي سليڪٽ ڪري پوءِ اليڪٽ ڪرايون. اليڪشن جي وقت اسان پنهنجون عورتون وٺي پولنگ اسٽيشن تي وڃي جيترا پريشان ٿيندا آھيون ان جو اسان کي ڇا ٿو ملي، سواءِ رکن چانورن جي وري چار سال روڊ، بجلي، صحت، تعليم ۽ پاڻي لاءِ روئڻ ئي پلئه پوندو آهي، ته ان لاءِ ڇو نه اڳ ئي اسان پنهنجي تياري ڪري وٺون.
لقمان رند/ مبارڪ رند، ٿر
ٽلٽي ۾ چورين جو ايس ايس پي ڄامشورو نوٽيس وٺي!‎
سيوھڻ  تعلقي جي ٽلٽي ڳوٺ جيڪو يونين ڪائونسل ھئڻ سان گڏ دادو سيوھڻ لنڪ روڊ ۽ 50 ڳوٺن جي رابطي جو مرڪز پڻ آھي، ڏوھن جي فرنچائيز بڻجي چڪو آھي، جنھن جون شڪايتون “پنهنجي اخبار” جي ذريعي ايس ايس پي ڄامشورو کي ڪري چڪا آھيون پر افسوس جو ڪڏھن حد جي ايس ايڇ او به نوٽس نه ورتو آھي. گذريل ٽن چن ڏينھن اندر ٽلٽيءَ مان رات جي وقت دڪانن ۽ ڪيبن جا تالا ٽوڙي ٻچن جي پيٽ جي اڌ بک گھٽائڻ جو ذريعو پڻ کسيو ويو آھي، ان کان اڳ حج جي رات واپاري جي گھر مان سون ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا، جڏھن ته ھن ڳوٺ جي ماڻهن جي مال ملڪيت ۽ چادر چوديواري به محفوظ ناھي. ٻن ڏھاڪن جي تاريخ ۾ ٿيل چوريون عزت خاطر ٻيڻين ڀنگ عيوض واپس ڪرايون ويون آھن. ڳوٺ ۾ سماجي برايون جھڙوڪ چرس، جوئا، وياج خوري، مذھبي انتھاپسندي ۽ خونريزي جا قصا ڪنھن کان لڪل ناهي. ڳوٺ جي نالي تي صحافت ۽ سياست ڪندڙ فرد ٽلٽيءَ جي عوام جي اھنجن کان اڻ واقف آھن، ايس ايس پي ڄامشورو کي صلاح آھي ته ٽلٽي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي سرگرم ڪرڻ گھرجي ته جيئن عوام جي جان، مال، عزتون محفوظ رھي سگھي ۽ ڪجھه سک جو ساهه کڻن.
منظور ھاليپو/ ٽلٽي

بلاول ڀٽو جو عمرڪوٽ دورو ۽ ٻوڏ متاثرين!
پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪجھ ڏينهن کان پنهنجي سنڌ ڪابينا سميت ميرپورخاص ڊويزن جي دوري تي نڪتل آھي، جتي ميرپورخاص ڊويزن ۾ آيل ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل سنڌ حڪومت پاران مختلف هنڌن تي ٽينٽ سٽي جو دورو پڻ ڪيو ويو، جن علائقن جو دورو ڪيو ويو انهن مان جهڏو، نئون ڪوٽ، کپرو، عمرڪوٽ ۽ پنڳريو جا ٻوڏ متاثر علائقا شامل آھن. هو ٻوڏ متاثرن سان ملڻ لاءِ جڏھن عمرڪوٽ پي ايس 52 پ پ اميدوار سيد امير علي شاهه پاران کاروڙي سيد ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ پروڳرام رکيو ويو جتي ٻوڏ جا متاثرن گهٽ پارٽي ورڪر ۽ ووٽر گهڻا نظر آيا، سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ متاثرين کي ڪو خاص پيڪيج يا امداد نه مليو، برسات کان پوءِ مڇرن جي آزار سبب متاثرين مليريا جهڙي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، انهن کي نه پيئڻ جو صاف پاڻي ٿو ملي نه ئي وقت تي کاڌو، جيئن بلاول ڀٽو زرداري عمرڪوٽ پنهنجو دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿيو ته صبح کان آسري ۾ ويٺل ٻوڏ متاثر روڊن تي نڪري آيا، جن شڪايت ڪئي ته اسان کي ٺلهن آسرن دلاسن ۾ ويهاريو ويو ته بلاول اچي ٿو توهان کي امداد ڏيندو، اسان ته بلاول ڏٺو به ڪونه، اسان کي صبح کان نه پاڻي مليو آ نه ئي مانيءَ ڳڀو، ڪالهه بلاول ڀٽو بدين جو دورو پڻ ڪيو، اتي به خاص پيڪيج يا امداد جي اعلان کان وڌيڪ وفاقي حڪومت تي ڇوھ ڇنڊيا ويا، پيپلزپارٽي جي مخالفن کان اهو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن سان ملڻ نه پر ايندڙ بلدياتي اليڪشن جي ورڪ تي لٿل آھي، ڪنهن به ٻوڏ متاثر کي امداد يا پيڪيج نه مليو، ڪنهن به قسم جو ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ ٺلهو آسرو به ناهي ڏنو ويوم هو ٻوڏ متاثرن کي اهو ٻڌائڻ آيو هو ته مان توهان کي ڇا ڏيان؟ وفاق پئسا نٿو ڏئي، ٻوڏ متاثرن اڄ به ويچارا بي يارو مددگار آھن، جن جا گهر ڊهي پيا، زمينون ٻڏي ويون، سندن مال مري ويو، گهرن کان بي گهر ٿي اڄ به ان آسري ۾ آھن ته حڪومت سندن لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ضرور ڪندي.
راجا رجب علي/نيوڇور 

Bookmark the permalink.