تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پنهنجن جون چٺيون

صحت جي بنيادي سهولتن کان وانجهيل سجاول جو عوام!‎
سجاول ضلعي جي ٽنهي تعلقي اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻهوند، اسٽاف جي غير موجودگي، دوائن جي کوٽ ۽ غير معياري انتظام هئڻ سبب ضلعي جو عوام صحت جي سهولتن کان وانجهيل آهي، ان سلسلي ۾ صحت کاتي پاران ضلعي سجاول جي تعلقي هيڊڪوارٽر ميرپور بٺورو، سجاول ۽ جاتي ۾ تعلقي اسپتالن جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ ڪروڙين رپيا سالياني بجيٽ خرچ ڪندڙ اسپتالون اڄ به عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهن، سنڌ حڪومت پاران هر تعلقي هيڊ ڪوارٽر ۾ اسپتال جي فعالي واسطي اسپتال جي عمارتن، عملي جي مقرري، مشينري ۽ دوائن جي موجودگي جو بندوبست ڪرڻ سميت اسپتالن جي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ هر اسپتال کي مختلف ڪمن جي مد ۾ ساليانو ڪروڙين رپيا جاري ڪيا وڃن ٿا پر هر تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن سميت عملي، دوائن ۽ مشينري جي کوٽ ۽ غيرفعال هجڻ وڏا چيلنج آهن، سنڌ حڪومت پاران اسپتالن جي غير مطمئن ڪندڙ ڪارڪردگي بعد ضلعي سجاول جي ٽن تعلقي اسپتالن سميت ٻن رورل هيلٿ سينٽرن جو انتظام پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اين جي او حوالي ڪيو ويو آهي. صحت انساني بنيادي حق آهي جنهن کان هتي جي عوام کي مڪمل محروم رکيو ويو آهي، جنهن سبب غريب عوام وٽ علاج لاءِ به خانگي اسپتالن جو آپشن ئي موجود آهي جيڪو آپشن مهانگائي جي هن دور ۾ غريب ماڻهن لاءِ محال آهي. لاڙ پٽيءَ ۾ تازين برساتن ۽ سم نالن جي گھارن سبب جتي ٻهراڙي وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن اتي بيمارين جي منهن ڪڍڻ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي جن ۾ مليريا، گيسٽرو، ڊائريا ۾ ماڻهن جي مبتلا ٿيڻ جو سلسلو شروع آهي، جنهن سبب جيڪڏهن ويجهين سرڪاري صحت مرڪزن ۾ بنيادي سهولتون به اڻلڀ هونديون ۽ صحت کاتي اڃا به ڪن لاٽار کان ڪم ورتو ته پوءِ هتان جو عوام جيڪو اڳي ئي مختلف وبائن جهڙوڪ ڪورونا ۽ قدرتي آفتن، برسات ۽ گهارن جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهي ان وٽ وڃائڻ جي لاءِ ڪجهه به نه بچندو.
شوڪت علي سومرو/ ميرپور بٺورو 
ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي وڃي!
سڳيون ايس ايم بچاءَ بند جتان 2015ع ۾ روڻ پئي هئي، ان ساڳئي جڳھ تان درياهه پائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، درياهه جي تيز لهرن اڌ کان وڌيڪ پٿر لوڙهي ڇڏيا آهن، ان خطرناڪ صورتحال ۾ سڳيون لڳ امن جي ڇهي ڀرسان زميندارن پاران هٿرادو بند ٽوڙڻ کان پوءِ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو تيز وهڪرو ايس ايم بچاءَ بند سڳيون سان ٽڪرائجڻ ڪري بند ۾ جتان 2015ع ۾ خطرناڪ روڻيون لڳيون هيون، ائين نه ٿئي جو وري روڻيون پون ۽ ڪو وڏو نقصان ٿئي. علائقي واسين ۾ وڏو خوف پکڙجي ويو آهي، پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ سبب بچاءَ بند تي پاڻيءَ جو زور وڌي ويو آهي زميندارن پاران لڳل هٿرادو بند ٽٽڻ کان پوءِ سوين ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ سڳيون جي ڪچي ۾ ڦاٿل ماروئڙا بي يارو مددگار ويٺل آھن، ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻھو وڏين تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن، ٻوڏ سندن گھر به لوڙھي ڇڏيا آھن، گھرن ۾ رکيل اناج توڙي ٻيو سامان لڙھي ويو آهي، علائقي جا ماڻهو رڳو پنھنجا سر بچائي ڏکيائيءَ سان پڪي طرف نڪري رھيا آھن، انھيءَ مصيب جي گھڙين ۾ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن جي ڪابه واهر نه ڪئي وئي آهي، ھن مھل تائين ڪچي جي علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن شروع ٿي نه سگھيو آھي نه ئي ڪٿي ٻوڏ متاثرن جي رھائش لاءِ ڪا ڪئمپ قائم ڪئي وئي نه ئي ڪٿي متاثرن جي کاڌي پيتي جو انتظام ڪيو ويو آهي، ٻوڏ سٽيل ويچارا گھرن کان بي گھر آھن، انھن جو ڇا ٿيندو، هو ويچارا کاڌي پيتي جو ڪٿان بندوبست ڪندا ھوندا ضلعي انتظاميا کي گھرجي ته متاثرن جي ھرممڪن مدد ڪئي وڃي.
وحيد علي ڄامڙو/ راڻيپور
صحافين سان ٿيندڙ ناجائزيون بند ٿيڻ کپن!
صحافي ملڪ جو چوٿون ٿنڀ هجڻ باوجود تڪليفن مان گذري رهيو آهي، صحافت هڪ ديانتداريءَ وارو پيشو آهي، صحافي پنهنجي ملڪ قوم لاءِ پنهنجي وِت وس آهر سڄو ڏينهن سردي گرمي ۾ خبرن جي پٺيان ڊوڙ ڊڪ ڪري خبر کي ادارن ۾ موڪلي مظلوم ماڻهن جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائي ٿو، پر بدلي ۾ ان کي دشمنيون ناراضگيون، ڌمڪيون، ڪوڙا ڪيس، يا شهيد ڪيو وڃي ٿو پر پوءِ به صحافي پنهنجي ايمانداري ديانتداري کي سامهون رکي ڏينهن رات پنهنجي قلم کي جنبش ڏيندو آهي ته جيئن ڪنهن مظلوم جو آواز رڪجي نه سگهي، صحافت قوم لاءِ هڪ مورچو آهي، صحافي اهو سپاهي آهي جيڪو اڳئين مورچن تي بيٺو هوندو آهي، ملڪ جي چوٿين ٿنڀ هجڻ باوجود صحافي تڪليفن مان گذري رهيو آهي، سنڌ جي صحافين سان ڏينهون ڏينهن ناجائزيون ونڌنديون پيون وڃن. هو جاگيرداري، بيروڪيٽ ۽ وڏيرن جي عذاب هيٺ آهي، صحافي لاءِ تمام وڏيون ڏکيايون پيش اچن ٿيون، صحافي پنهنجي قلم ۽ قوم سان سچائي ڪندي وڙهي رهيو آهي، صحافي صفيد پوش هجڻ ڪري هو پنهنجي پيٽ تي پٿر ٻڌي اڃ بک تي لکي رهيو آهي،پر بدلي ۾ ان کي سواءِ سورن جي ڪجهه به نٿو ملي، صحافين تي پوليس جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي ۽ صحافين تي تشدد ڪري کين ڌمڪايو پيو وڃي. اسان جي حڪومت کي گذارش آهي ته صحافين جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجھه قدم کنيا وڃن.
آزاد منظور خاصخيلي/هالاڻي
ملٽي نيشنل ڪمپنين کان ڪاڇو وسري ويو!‎
ملٽي نيشنل ڪمپنين کان وسري ويل ڪاڇي ۾ تازو ئي آيل ٻوڏ ڪاڇي کي تمام گهڻو متاثر ڪري ڇڏيو آھي، اتي ڪاڇي جي علائقي ڪارو ڪوٽ واهي پانڌي ۾ پولش ڪمپني به ڪم ڪري رهيو آھي، ڪاڇي جي مختلف علائقن مان روزانو گئس ۽ تيل نڪري رهيو آھي پر هن ڏکئي وقت ۾ ڪاڇي واسين لاءِ همدردي طور ڪمپنيءَ جو ڪو به اعليٰ توڙي ادنيٰ آفيسر لڙي ناهي آيو، پولش ڪمپني هر دفعي ڊي سي او دادو توڙي چند واٺن جي اڳيان مفلوج بڻيل آهي. ڪاڇي واسي هن ڏکئي وقت ۾ چونڊيل نمائندن توڙي ملٽي نيشنل ڪمپنين ڏانهن نهاري رهيا آهن، ڪاڇي واهي پانڌي واسين مطالبو ٿا ڪن ته هتان جا چونڊيل نمائندا، سنڌ سرڪار ۽ پولش ڪمپني ڪاڇي واسين جي هن ڏکئي وقت ۾ سندن سار لهي کين کاڌي پيتي، راشن سميت سندسن مالي سهائتا ڪئي وڃي.
ارشاد علي رستماڻي/واهي پانڌي
ڪاڇي جا ٻوڏ متاثر راشن جي انتظار ۾‎!
ڪاڇي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙي ٻوڏ آئي آهي جنهن سموري ڪاڇي کي مڪمل تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ڪاڇي ۾نئين گاج، نئين نلي جي تيز پاڻي واهي پانڌي جوهي روڊ کي مڪمل تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ڪاڇي جا ڪيترائي ڳوٺ ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، ڪاڇي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ تازي آيل ٻوڏ ڪاڇي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي، اسان جي وڏن موجب ته هنن 40 سالن دوران اهڙو پاڻي ناهي ڏٺو. جنهن هن ڀيري پوري ڪاڇي کي تباهه ڪيو آهي، ٻوڏ سبب واهي پانڌي جي ڳوٺ پريو جمالي مسو جمالي، فضل جمالي، محمد علي جمالي، غلام علي رستماڻي، عرس لغاري، صاحب خان لغاري، محمد خان لغاري، غلام محمد لاشاري، دودو برهماڻي، پير بخش لاشاري، غلام علي جمالي، فتع خان رستماڻي، لعل خان جمالي ۽ مٺو خان رستماڻي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، انهن سمورن ڳوٺن ۾ ڪو به گهر بچي نه سگهيو آهي، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، سرڪار ۽ چونڊيل نمائندا غائب آهن، ڪيترائي ماڻهو نئين نلي جي تيز پاڻي ۾لڙهي ويا آهن، انهن جي ڳولا جاري آهي، آئون وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿو ڪيان ته واهي پانڌي جي ڳوٺ پريو جمالي ۾ متاتر خاندانن تائين راشن، کاڌ خوراڪ پهچائي وڃي، هنن وٽ هاڻي ڪجهه به ناهي رهيو، سرڪار سڳوري تڪ جا چونڊيل نمائندا هن ڏکئي وقت ۾ به ڪاڇي جي عوام وٽ لڙي ناهن آيا، جنهن لاءِ آئون وس وارين اعليٰ اختيارين، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي حڪومت، چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿو ڪريان ته واهي پانڌي جي ڳوٺ پريو جمالي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي، ٻوڏ متاثرن تائين راشن، کاڌ خوراڪ جون شيون، ٽينٽ ۽ خيما پهچايا وڃن.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو
بنيادي سهولتن کان وانجھيل مانجھند!
مانجهند هيڊڪواٽر کي ڪافي ٽائيم ٿي چڪو آهي پر مانجهند شهر اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي ۽ ڪير به ڪڇڻ وارو نه آهي، هتان جي چونڊيل نمائندن جي به ڪن تي جونءِ نٿي سري، آخرڪار مانجهند جا ماڻهو ڪنهن در دانهن ڏين؟ هتان جا ماڻهو اڄ به بجلي ۽ اسٽريٽ لائيٽس کان محروم آهن، صفائي جو نظام به صحيح نموني سان نه پيو هلي نه وري ڊرينج سسٽم آهي، هڪ ته مڇرن جو آزار ان کان پوءِ نه وري مانجهند ۾ اسپري ٿو ڪرايو وڃي نه وري نالين جي مٿان چن ڇٽرايو ٿو وڃي، ان کان پوءِ مانجهند ۾ بينظير نالي سان هڪ پارڪ ٺهيو هو پر هن وقت اهو اوهان کي زبون حالت ۾ نظر ڏيندو پر اڄ تائين ان پارڪ جي به ڪا مرمت نه ڪئي وئي آهي، ائين ئي سڄو مانجهند جو سسٽم تباھ ٿي چڪو آهي پر مانجهند ۾ چونڊيل نمائمدن کان وٺي ڪو به آفيسر اسان وٽ لڙي ناهي آيو، نه ئي انهن پڇا ڪئي آهي ته آخر هتان جي ماڻهن جا ڪهڙا مسئلا آهن، اسان سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارن کان اپيل ٿا ڪريون ته خدارا مانجهند جي عوام کي سهولتون ڏنيون وڃن ته جيئن هتان جا ماڻهو ڪجهه سک جو ساھ کڻي سگهن.
محرم خاصخيلي/مانجهند
ٿر ۾ وسڪاري جي مند واريون ڀاڄيون ۽ انهن جا اگھه!
ٿرپارڪر ۾ وسڪارو ايندي ئي مختلف ميوا برسات وسڻ سان ئي وڪري لاءِ بازار ۾ اچڻ شروع ٿي ويندا آھن. جنهن ۾ کنڀي، مريڙو شروعاتي ڀاڄيون هونديون آھن. انهيءَ کان پوءَ ٻنين ۾ ڇانهيون، چڀڙ، ميها ۽ ٻيون ڀاڄيون ٿينديون آھن. اهو وسڪارو صرف 4 کان 5 مهينا هلندو آھي پر جيئن ئي ٿر جون ڀاڄيون مارڪيٽ ۾ اينديون آھن ته انهن جا اگھه صرف پنج کان 10 رپيا ڪلو تائين محدود ٿي ويندا آھن پر جيڪا شھرن مان ايندڙ ڀاڄي آهي اها وري اسان کي 50 کان سو رپيا ڪلو ۾ ملندي آهي. انهن گهٽ اگھن جي ڪري ٿر جو هاري ان مان اهو پئسو ڪمائي نه سگهندو آهي، جڏھن ته اها خالص ٿَر جي وارياسي زمين جي خالص ڀاڄي هوندي آھي جنهن ۾ نه يوريا ڀاڻ نه ٻيو ڪو ڪيميڪل استعمال ٿيندو آھي، پوءِ به انهن جو اگھه گهٽ هجڻ جو سبب اسان جا اهي مافيا واپاري آھن جيڪي اهي ڀاڄيون ٽڪي دام تي خريد ڪري ٿرين کي مهانگي اگھ تي وڪڻندا آھن، هتي نه ته ڪو اهڙو مڪينزم ٺھيل جنهن سان اسان اهي ڀاڄيون ٻين شھرن ڏانهن موڪلي ان مان ڪمائي سگهون. انهيءَ لاءِ سينيٽر ڪرشنا ڪماري پاران ڪيل پوسٽ پڙھي خوشي ٿي ته ان اها ڳالهه نوٽ ڪئي آھي، ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته هن معاملي تي ڌيان ڏئي جنهن سان ٿر جي غريب هارين جو ڀلو ٿي سگهي.
اعجاز جان بجير ڏيپلو/ٿرپارڪر
ٽلٽيءَ جي ڪچي ۾ مڇرمار ڦوھارو ڪرايو وڃي!‎
ڄامشوري ضلعي جي سيوھڻ تعلقي ۾ ڪچي جي علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ سيلاب متاثر ٽلٽي يوسي ھميشه نظرانداز ڪرڻ جي روايت ھن سال به ڪاميابي سان ورجائي پئي وڃي، برساتي ٻوڏن سبب متاثر عوام جي اھنجن کان اڻ واقف مقامي نمائندا جن کي نمائندا چوڻ ۾ به شرم ٿو اچي، اھي سرڪاري ڪامورن سان سرڪٽ ھائوسز ۾ ويھي فوٽو سيشن بعد بندن تي بيھي تفريحون ڪري عوام کي جانور کان گھٽ درجي جو سمجھي ڪو به رليف ته نه ڏئي سگھيا آھن پر ابتو ٻوڏ کي خوشحاليءَ جو نالو ڏئي ماڻھن کي موٽيويشن جا محلول نسن ۾ وجھي پنهنجن فرضن کان لنوائي پنهنجي لاءِ جھنم جا رستا صاف ڪرڻ ۾ پورا آھن، ھتان جو عوام ٻيو ڪجھ به نه ٿو گھري پر ٻوڏ اچڻ شرط مڇرن جي آزار ۾ جيڪو عوام گذاريندو آهي انھن اذيتن جو ذميوار ڪير ھوندو آهي؟ بحيثت سوشل ايڪٽوسٽ جي ڊي ايچ او ڄامشور ايم اي اي سڪندر راھپوٽو کي اسان جي صلاح آھي ته ڪچي جي علائقي ۾ جلد مڇر مار اثرائتي نموني ڦوھارو ڪرايو وڃي، ڇو ته گذريل 6 مھينن ۾ ٻن ڏينهن  اندر 70 ڳوٺن ۾ ڦوھارو غيرمعياري ڪم جي نشاندھي ڪري ٿو، صحتي اصولن موجب شام، سانجھي کان سواءِ ڦوھارو ڪرڻ جو مقصد به نٿو رھي، ان لاءِ گذارش آھي ته جلد ڦوھارو ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ پاڻي لھڻ شرط ھڪ مھيني تائين گپ سبب ڦوھارو نه ٿي سگھندو ۽ ان سان ٽلٽي   سان گڏ ڪچي جي 15 ڳوٺن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ مڇردانيون ۽ لوشن ڏنا وڃن.
منظور هاليپوٽو/ ٽلٽي
ڪراچي جي يونيورسٽين جا شاگرد ھاسٽلن کان محروم ڇو؟
سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي ۾ اڪثر تعليمي ادارن جا شاگرد ھاسٽلن کان محروم آھن، ڪراچي ۾ قائم ملڪ جا ناليوارا تعليمي ادارا جن ۾ ڪراچي يونيورسٽي، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي، ايس ايم لا ڪاليج، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي ۽ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري سميت ٻين ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن لاءِ ھاسٽلز نه آھن، جنھن ڪري مختلف شھرن توڙي ڳوٺن کان روشن مستقبل جا خواب کڻي آيل شاگردن ڏکيائين جو شڪار آھن. گذريل ڪجھ ڏينھن کان ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جا دوست ڪراچي پريس ڪلب تي ھاسٽلن جي مسئلي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آھن. بکن تي پاھ ٿي 4 شاگردن جي طبيعت به خراب ٿي، کين سول اسپتال پھچايو ويو، ھاسٽلن جو مسئلو رڳو ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جو نه پر ڪراچيءَ جي سمورين يونيورسٽين جو آھي، جيڪا انتظامي ۽ سرڪار طرفان شاگردن سان ناانصافي آھي. يونيورسٽين ۾ ھاسٽلز نه ھجڻ ڪري شاگرد مختلف علائقن ۾ خانگي گھرن ۽ فليٽن ۾ ڳرين مسواڙن تي رھن ٿا، جتي پڙھائي جي فيس سان گڏ بجلي گيس ۽ پاڻي جا بل پڻ کين ڀرڻا پون ٿا، ان کان سواءِ ھوٽلن تان مھانگي اگھن تي ملندڙ غير معياري کاتو کائين ٿا. ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ شاگردن لاءِ ٽرانسپورٽ جو به بندوبست ناهي جنھن ڪري ھو وقت سر ڪلاسز تي پهچڻ توڙِ گھر وڃڻ ۾ ڏکيائين کي منھن ڏئي رهيا آهن، سياسي پارٽين حقيقي تنظيمون ختم ڪري يونيورسٽين اندر پنھنجون سياسي تنظيمون جوڙي ڇڏيون آهن جيڪي متاثر شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ نالي ماتر 2 ڏينھن احتجاج ۾ گڏ ويھي انتظاميا سان ڳجھي ڊيل ڪري احتجاج ختم ڪرائيندا آھن. ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ھاسٽلن توڙي ٻين سھولتن جي فراھمي لاءِ ڊائو ميڊيڪل سميت سمورين يونيورسٽيز جي شاگردن کي ھڪ ٿي احتجاجي تحريڪ ھلائڻ گھرجي، اوھان جا ايترا ڪيل احتجاج بک ھڙتالون شايد سنڌ حڪومت کي ننڊ مان جاڳائي نه سگھيا آھن، اوھان جا نعرا ٻڌي ڪنن تي ھٿ ۽ احتجاج ڏسي اکين تي پٽيون ٻڌي ڇڏن ٿا، ائين پيا محسوس ڪرائين ڄڻ حڪومت گونگي ۽ ٻوڙي ھجي، خدارا جيڪي جائز مطالبن لاءِ روڊن تي آيا آھن تن شاگردن ڏانھن به ٿورو نھاريو ۽ ڪن کولي سندن دانھن ٻڌو.
مسرور کھڙو/ڪراچي
ٻارن کي روڪيو!
هن وقت هڪ اهم مسئلو اهو آهي جيڪو هر ڪنهن جي نظر ۾ آهي، اڳ غريبن وٽ سواري جي لاءِ سائيڪل نه هوندي هئي، جيڪا هاڻي موٽر سائيڪل جاءِ والاري ڇڏي آهي، موٽر سائيڪل لڳل چنگچيون ۽ پٺا گاڏيون نڪري پيون آهن، جيڪي روڊن تي هلي رهيون آهن، اڪثر حادثا به انهن جا ٿيندا آهن ڪنهن نه ڪنهن ماڳ تي ڪونه ڪو حادثو ٿيندو رهندو آهي، جيڪو به گاڏي ڪهڙي به هلائي ٿو ان جي عمر 18 سال هئڻ لازمي آهي، اهو قانون آهي پر اسان هڪ نظر پنهنجي سماج تي وجھنداسين ته جن ٻارن جي عمر 10 يا 11 سال آهي اهي به چنگچي يا پٺا گاڏيون موٽر سائيڪلون هلائي رهيا آهن، مون هڪ هڪ نينگر ڏٺو جنهن جي عمر 11 سال مس هئي جيڪو لوڊر چنگچي هلائي رهيو هو، ان جي پيءُ کي ان مسئلي جي نشاهدگي ڪئي وئي ته ان به ان تي ڪو ڌيان نه ڏنو. پنهنجي اولاد کي نٿو روڪيو وڃي، هوگاڏيون هلائيندا رهن ٿا ان ڪري مائٽن کي تڏهن قدر پوندو جڏهن خدا نه ڪري انهن سان ڪو حادثو پيش اچي، جيڪڏهن انهن سان حادثو پيش آيو ته پوءِ انهن جا مائٽ ويهي مٿو ڪٽيندا، پر هن وقت ان غلط عمل بابت والدين نه پيا سوچين، اهڙا سون جي تعداد ۾ معصوم ٻارڙا آهن، جيڪي اهي گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون هلائي رهيا آهن، ڪرڻ ته ائين گھرجي ته جيڪي ننڍا ٻار گاڏيون هلائين ٿا قانون جا رکوالا اهي گاڏيون ضبط ڪري انهن جي مائٽن تي ڏنڊ وجھن ته جيئن انهن کي قدر ٿئي ته ننڍن ٻارن کي ڊرائيو ڪرڻ جي منع آهي، اهي ننڍا ٻار پنهنجو ته نقصان ڪندا پر ان سان گڏ ٻين جو به نقصان ڪندا، اسان هر ضلعي جي ايس ايس پي کان گھر ٿا ڪريون ته معصوم ٻارن جي ڊرائيو کي روڪيو وڃي جيئن انهن گلڙن جي جان بچي سگھي ۽ هو ڪنهن حادثي جو شڪار نه ٿين.
خادم گھراڻو/نصرپور

Bookmark the permalink.