تازا ترين
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

پنهنجن جون چٺيون

برساتون ۽ مسمار ٿيندڙ موهن جي دڙي جا آثار!
جتي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ برسات مجموعي طور تي ضلعي کي نقصان پهچايو آهي، اتي سڀ کان وڏو نقصان موهن جي دڙي جي قديم آثارن جو به ٿيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ پيل برسات سبب ميوزيم جي پوئين حصي واري ڀت جي ڀرسان لاڳيتو پاڻي بيهڻ ڪري ڀت ڊهڻ ۽ قيمتي نواردات ضايع ٿيڻ جو پڻ خدشو آهي، برسات سبب قديم کنڊرن جون ڀتيون ڳرڻ لڳيون آهن، کنڊرن اندر پاڻي بيهي وڃي ٿو ۽ ڪافي نقصان رسيو آهي، آرڪيالاجي کاتو برسات جي صورت ۾ موهن جي دڙي کي بچائڻ جو خاص منصوبو جوڙي نه سگهيو آهي، ان ڏس ۾ ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آهي. چوندا آهن ته جڏهن گهر کي باهه لڳندي آهي ته سڀ کان اڳ قيمتي شيون بچائبيون آهن، اهو غير سنجيده ۽ لاتعلق ئي آهي جنهن موهن جي دڙي جهڙي عالمي ورثي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، 5 هزار سال پراڻي موهن جي دڙي جي تهذيب جو تقدس پائمال ڪرڻ سنڌي قوم جي زخمن تي لوٽ ٻرڪڻ برابر آهي. موهن جو دڙو ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي، آرڪيالاجي کاتو ان قومي اثاثي کي بچائڻ لاءِ ڪنهن به ريت سنجيده ناهي موهن جي دڙي کي برسات کان بچائڻ لاءِ ڪو سگهارو منصوبو نه ٺاهيو ويندو تيستائين برساتون ايئن ئي وسنديون رهنديون ۽ ائين ئي موهن جو کنڊر ڳرندو رهندو ۽ ان کنڊر اندر پاڻي بيهي ڀتين جون پاڙون ڪمزور ڪندو رهندو. سو موهن جي دڙي کي بچائڻ لاءِ جنهن غير معمولي ساڃاهه ۽ دلچسپي ۽ ڊيوٽي جي ضرورت آهي سا موجود ناهي ان ڪري لڳي ٿو ته صرف رت جا ڳوڙها ئي وهائڻا پوندا.
ارشاد شيخ/ مينهنل آباد موهن جو دڙو
لائبريري وقت جي ضرورت آهي!
اسان جي هن سماج ۾ اسان کي اهڙا انسان به ملندا جيڪي ادبي ذوق رکڻ وارا هوندا آهن، جيڪي ادب جو مطالعو ڪندا رهندا آهن، ڪي قلمڪار هوندا آهن جيڪي پنهنجون تخليقون تخليق ڪندا رهندا آهن. انهن جو شوق اهو هوندو آهي ته اسان پنهنجون لائبرريون ٺاهيون، جيڪي اسان کي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي ڪم اچن. لائبريري هرڪو نٿو ٺاهي سگهي، ڇاڪاڻ ته لائبريري جي لاءِ ڪتابن جي سخت ضرورت هوندي آهي، جنهن ڪري ڪتابن وٺڻ جي لاءِ پئسن جي گھرج پوندي آهي، هرڪو پئسي وارو نه هوندو آهي، جو پنهنجن پئسن سان ڪتان وٺي لائبريري ٺاهي سگھي. ان ڪري جن ماڻهن کي مطالعي جو شوق هوندو آهي، اهي پبلڪ لائبريرين جو پاسو وٺندو آهن جتان معلومات حاصل ڪندا آهن پر اسان جيڪڏهن هڪ نظر پنهنجي آسپاس تي وجھون ته اسان کي پبلڪ لائبرريون گھٽ ملنديون جنهن ڪري مطالعي وارا پريشان رهندا آهن. اصل ٿيڻ ته ائين گھرجي ته جيڪي ننڍا يا وڏا شهر آهن اتي لائبرريون قائم ڪيون وڃن، انهن ۾ هر موضوع جا ڪتاب رکيا وڃن جتان شاگرد سولائيءَ سان ڪتاب حاصل ڪري پنهنجي علم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ڪري سگھن. اسان روز اخبارن ۾ مختلف شهرن مان اهي خبرون پڙهندا آهيون ته اسان کي لائبريري قائم ڪري ڏني وڃي، اهي مطالبا ان ڪري ٿين ٿا جو اتي لائبرريون نه آهن، جي هجن ها ته ڪير به مطالبو نه ڪري ها، اسان سدائين پنهنجي شهر جي لاءِ لائبريري جي لاءِ مطالبو ڪندا رهيا آهيون پر هتي لائبرري قائم نه ٿي آهي، جڏهن ته هتي هزارن جي تعداد ۾ شاگرد آهن جيڪي اڳتي وڌڻ جي لاءِ ڪوشان آهن انڪري بهتر اهو ٿيندو ته هر شهر ۾ لائبريري قائم ڪئي وڃي، جيڪي اسڪول ۽ ڪاليج آهن انهن ۾ اڳ وانگر لائبريري قائم ڪئي وڃي جيئن اتي شاگرد ويهي مشاهدو ڪن، نيون نيون شيون حاصل ڪن اسان عوامي حڪومت کان گھر ڪريون ٿا ته هر شهر ۾ پبلڪ لائبريري قائم ڪئي وڃي.
خادم گھراڻو/نصرپور
“وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر!”
ٿر سونهاري سنڌ جو وارياسو علائقو آهي، جنهن جي لاءِ هڪ چوڻي مشهور آهي ته وسي ته ٿر، نه ته بر ئي بر، هيلوڪي وسڪاري کان پوءِ ٿر بَر مان بدلجي سائو ويس ڍڪي ڇڏيو آھي، اوڀر کان اولھ ۾ پکڙيل ڊگھي ايراضيءَ تي پکريل وارياسيون ڀٽون ساوڪ  سان سينگارجي روح کي راحت بخشي رهيون آھن، ٿر ۾ چئني پاسي چڙن جي چونگار ٿي ٻڌجي رهي آهي، مارو مال چاري رهيا آھن، ڀٽن تي پاساڙن ۾ مال کي سائو گاهه چاريندڙ ڌنارن جون چانهيون چڙھيون آھن، ڪچهريون وريون آھن، ترايون پلر سان پار ٿيون آھن، ٿر جي اهڙي دلفريب منظر من کي موهي ٿو ڇڏي. ساوڻ رت ۾ مور جهومي ٿو، سائي ڌرتي تي پنهنجا پر پکيڙي خوشي جو اظهار ٿو ڪري ۽ مٺيون ٻوليون ٿو ٻولي، پکي پکڻ ڌڻ ڌنار سڀ  خوش ٿا ڏسجن، واقعي مارئي جو ملير ٻھڪي پيو آھي، همرچي جي هونگار سان ٻنين ۾ ليڏاڻ ڪڍندڙ هارين جو من سرهو ٿيو آھي، ٻاجهر، گوار، تِر منڱ ۽ موٺ ٻنين کي سونهن بخشي رهيا آھن، ڌڻي در دعا آھي ته هي مارئي جو اباڻو ديس سدا سائو ستابو رهي.
جيتمال سنگهه سوڍو/ٿرپارڪر‎
راڻيپور ۾ معمول بڻيل موٽر سائيڪلن جون چوريون!
راڻيپور ۾ ڏينهن ڏٺي موٽر سائيڪلون چوري روز جو معمول بڻيل آهن، اين سي داخل ڪرڻ باوجود پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، راڻيپور ۾ موٽر سائيڪلون چوري ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، جنهن سلسلي ۾ گذريل ڏينهن تي ڳوٺ علي آباد ڀرسان هوٽل جي هڪ بورچي پيرل وساڻ جي نئين موٽر سائيڪل نامعلوم چاٻي چور ڏينهن ڏٺي ڪاهي فرار ٿي ويا ته ٿوري دير کان پوءِ پير وسڻ کان آيل مال جي واپاري نسيم ڦل جي به هونڊا موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي، اهڙي واقعي جي اين سي به داخل ڪرائي وئي آهي. جڏهن ته پوليس جي نااهلي سبب ڪجھ ڏينهن ۾ لاتعداد موٽر سائيڪلون چوري ٿي ويون آهن ۽ پوليس خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي متاثرن جي مالڪي نه هئڻ سبب مالڪ سخت پريشان آهن، هنن جو چوڻ هو ته پوليس شهر کي چورن ۽ ڦورن حوالي ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن تحرڪ نه ورتو ويو ته پوءِ ڪيترا ٻيا شريف شهري به ڦرجي ويندا جنهن لاءِ ايس ايس پي خيرپور واقعي جو جلد نوٽيس وٺي متاثرن کي گاڏيون واپس ڪرايون وڃن ٻئي صورت ۾ هن وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا جنهن جي ذميوار حد جي پوليس هوندي.
وحيد علي ڄامڙو/ راڻيپور 
بلاول ڀٽو جا دورا۽ امداد جي اوسيڙي ۾ ويٺل عوام!
سنڌ ۾ 3 ڏينهن جي دوري تي آيل پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميرپورخاص پهتو. 50 کان مٿي گاڏين جي  قافلي ۽ پروٽوڪول ۾ ڊگهڙي، جهڏو، نئوڪوٽ، عمرڪوٽ، ڪنري سميت ٻين مختلف شهرن ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملي همدرديءَ جو اظهار ڪيو، اسان کي وفاق طرفان سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد ناهي ملي جو توهان کي ڏئي سگهون. گذريل 2011 واري ٻوڏ ۾ وفاق مدد ڪئي هئي. اسان سنڌ جي عوام کي وطن ڪارڊ جاري ڪيا. هن وقت اسان عوام  جي ڏکن ۾ شريڪ  ٿي سندن سهارو ٿيڻ آيا آھيون. نئوڪوٽ جي دوري دوران روڊ جي پاسن کان ويٺل ٻوڏ متاثرن کي ضلعي انتظاميا طرفان خيما ڏنا ته ويا پر جيئن ئي بلاول صاحب واپس ٿيو ته خيما واپس ورتا ويا. بلاول جي اچڻ سان ٻوڏ متاثرن جو دانهون ۽ ڪوڪون اسان کي  راشن، خيما، پاڻي ۽ علاج وغيره جون سهولتون ناهن مليون، انتظاميا طرفان ڪابه مدد ناهي ڪئي. ٻوڏ متاثر پهريان ئي امداد جي اوسيئڙي ۾ کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽڻ تي مجبور هئا بلاول ڀٽو ايندو ته واهر ٿيندي، پر بلاول جي واپسي کان پوءِ ٻوڏ متاثرن جا ويتر سور ٻيڻا ٿي، ويا انتظاميا صرف فوٽو سيشن ڪري هلي ٿي وڃي، بلاول ڀٽو صاحب توهان جي دوري دوران جيڪو خرچ آيو اهو خرچ هنن ٻوڏ متاثرن جي لاءِ راشن ۽ خيمن جو بندوبست ڪيو ها ته ڏاڍو سٺو ٿئي ها. ڪنهن غريب جي رهڻ لاءِ ڇپر ڇانو ٿئي ها، ڪنهن مسڪين جي وساميل چلھ ٻري پوي ها. عوام جون اميدون توهان ئي آهيو، جنهن به عوام کي مايوس ڪري ڇڏيو، هن وقت به سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ ۽ چاڙھ واري صورتحال آهي، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير کي گذارش آهي ته اڃان به وقت ناهي ويو، سنڌ جي آبياشي عملدارن تي نظر رکي بندن جا دورا ڪيا وڃن. جتي به سستي يا غفلت نظر اچي انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن عوام جي جان ۽ مال بچي سگهي. سنڌ اڳ ئي ٻڏي چڪي آهي ماڻهن جا گهر، مال ۽ فصل لڙهي ويا آهن. انهن جي نقصانن جو ڪاٿو لڳائي سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين مٿان جيڪي زرعي قرض ڍل ۽ آبيانو معاف ڪيا وڃن. سنڌ جو عوام لاءِ رليف پئڪيج منظور ڪري سندن مدد ڪئي وڃي.
راڻو خان چارو/ڀاڏارو، ٿرپارڪر
اميدن کي گهارو!
اميدن تي دنيا قائم آهي، هي اهڙو جملو آهي جيڪو مايوس دل کي به آسرو ڏئي ٿو، پوري سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو 17 آگسٽ کان شروع ٿيون هيون، اڄ ان کي مهينو ٿيڻ وارو آهي، تڏهن کان کاهي شاخ کي لڳل گهارو اڄ به جيئن جو تيئن برقرار آهي، شروع ۾ ڪامورا سکڻا دلاسا ڏئي هليا ويا پر اڃا تائين ايريگيشن کاتي ڪا سهار نه لڌي آهي، کاهي شاخ کي لڳل 17 آگسٽ جي گهاري جي ڪري 20 کان مٿي ڳوٺ ۽ فصلن ۾ پاڻي بيٺل هجڻ ڪري ڪتي جو فصل تباهه ٿي چڪو آهي، جانور به مرندا پيا وڃن، مٿان وري ڳوٺن جي چوڌاري پاڻي هجڻ ڪري ڪيترا ڳوٺاڻا پنهنجا اجھا ڇڏي ٿر ڏنا روانا ٿي ويا آهن، بچيل ڳوٺن ۾ ماڻهو برساتي پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري ڳوٺاڻا گيسٽرو، ڊائريا، مليريا جهڙيون بيماريون ۾ وٺجي ويا آهن، وري اڳتي لاءِ ٻني ٻارو ڪرڻ کان محروم آهن، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد تحت پاڻ گهارا ٻڌي رهيا آهن، پر هن ڏکي حالت ۾ ايريگيشن وارن کي ڳوٺاڻاجي مدد لاءِ اچڻ لاءِ تيار ناهن، کاهي شاخ جي 28 واٽر کي لڳل کاٻي پاسي وارو گهارو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي غفلت ڪري پوري شاخ کي نقصان پهتو آهي، 28 واٽر جي ٻنهي پاسن ۾ 3-6 انچن جو مفاصلو لڳو پيو آهي، جنهن جي ڪري شاخ اوور ٽاپ ڪري وهي رهي آهي، جيڪا انجئير جي نالائقي آهي. ان ڪري ڳوٺاڻا پريشان آهن، مٿان وري کاهي شاخ ۾ ڇنڊڻ شاخ جو پاڻي ڇڏڻ ڪري ڪمزور شاخ جا گهارا وڌندا پيا وڃن، ڀلارا ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جا ملازم پنهنجن گھرن کان نڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن. وري موسميات کاتي 13 سپٽمبر کان برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، زميندار، هارين ڪتي جو فصل تان هٿ کنيو پر هن غفلت جي ڪري چيٽ جو فصل ٿيڻ جي به ڪا اميد نظر نٿي اچي، هاري جن جو جياپو فصلن ته هوندو آهي ايس ڊي او جي نااهلي جي ڪري مايوس آهن، اسين سنڌ حڪومت ۽ ايريگيشن کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي اپيل ٿا ڪيون ته کاهي شاخ جو مستقل حل ڪڍي ڳوٺاڻن کي معاشي قتل کان بچايو وڃي.
جوڳي سنديپ/پٿور 
سنڌ حڪومت کي ڪورونا ڪٽس جي به جاچ ڪرڻ گهرجي!
سنڌ صوبي ۾ سرڪاري سطع تي ٿيندڙ ڪورونا جي ٽيسٽ تقريبن متضاد رهي آهي، جنهن جي ڪري ماڻھو حڪومت کان ٽيسٽ ڪرائڻ کان ڊڄن ٿا،  جيئن تازو ئي اختر مينگل جو ڪيس ڪجھ ڏينهن اڳ ميڊيا تي آيو هو جنهن جو چوڻ ھو ته ڪراچي جي سرڪاري ليبارٽري جي ٽيسٽ پازيٽو آئي، جڏھن ته پرائيويٽ مان ڪرايل ٽيسٽ نيگيٽو آئي، ان قسم جا ٻيا به ڪيترائي ڪيس ميڊيا تي پهريان به ڪوڙا ڪيس رپورٽ  ٿيندا رهيا آهن پر افسوس جي ڳالھ اِها آھي ته سنڌ حڪومت طرفان ان جي روڪٿام لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، الائي ڪيترا غريب ماڻھو انهي سرڪاري سطع تي ٿيندڙ ڪوڙي رزلٽ جي وڙ چڙھي وڃن ٿا، ڇو ته ڪورونا جو خوف ئي ماڻھن کي تمام گھڻو پريشان ڪري ڇڏيندو آھي. تنهنڪري وزيراعليٰ سنڌ کي گذارش ٿي ڪجي ته انهن ڪٽس کي شفاف بڻائي ته جيئن ماڻھن جي  شفاف رزلٽ حاصل ٿئي ڇو ته  اڄڪلھ سرڪاري ليب واري رزلٽ مان چڱا ڀلا به آئيسوليٽ ۾ وڃي ڪري خوف ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا.
نياز حسين چنا/ ميرپورماٿيلو
ڇا اسين واقعي به اشرف المخلوق آھيون؟
ڇا اسين واقعي اشرف المخلوق آهيون؟ جي ھا ته پوءِ ڇا اسان اھڙا ڪم ڪيون ٿا جي نه ته پوءِ اسان ڇا حيوان آهيون؟ جي اشرف المخلوق آھيون ته ضرور اسان ۾ انسانيت ھوندي ۽ اسين انساني قدرن جي ڪا ڄاڻ رکندا ھونداسين، جيڪڏهن اھي شيون اسان نٿا ڄاڻون ته اسين ضرور حيوان آھيون. سوچڻ جي ڳالھه اها آھي ته جنهن انسان کي ابليس سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته بيدخل ڪيو ويو، ابليس موجب ته انسان فسادي ٿيندو، ان جي نسبت ۾ ھي انساني صورت رکندڙ حيوان ڪيترو خراب ھوندو؟ منهنجي سمجهه موجب ابليس به اھڙي حيوان کان پناهه گهري ھوندي، موجوده دور ۾ ھلندڙ ۽ وڌندڙ جنسي ڏاڍاين جي واقعن کي ٻڌڻ سان نه رڳو جسم جا وار اڀا ٿيو وڃن ٿا پر ان سان گڏ روح به ڪنبي وڃي ٿو، ڇا اھڙن ماڻهن کي اسين انسان چئون؟ جيڪي ڪنهن 5 سالن جي نياڻي سان زيادتي ڪري ماري رستي تي فٽو ڪري ڇڏين ٿا ته ڪٿي زارا منگي جو لاش ملي، ڪٿي مڙس ۽ ٽيڪسي ڊرائيور سامهون ھٿيارن جي زور تي زيادتي جو نشانو بڻايو وڃي، ته ڪٿي معصوم ٻارن اڳيان سندن امڙ جي عزت لٽي وڃي، ڪيڏي نه تڪليف جي گھڙي ھوندي جڏهن اوھان جي سامهون اوھان جي پنهنجن جون آھون ٻڌڻ باوجود اوھان ڪجهه نه ڪري سگھو. پڇڻو اھو آھي ته ڇا انهن حيوان صفت انسانن جي گهرن ۾ ٻار، نياڻيون يا عورتون ناھن؟ جي آھن ته ڇا اھي انهن جي ھٿن کان محفوظ آهن؟ انهن سان ڪھڙيون وارداتون ٿينديون ھونديون؟ آخر انھن حيوانن جو حل ڪھڙو آھي، جيڪڏهن ڪو اھڙو حيوان ڪٿي سوشل ميڍيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڍيا جي زور بعد گرفتار به ٿئي ٿو ته ڪجهه ڏينهن بعد وڏيرن، پيرن يا سياستدانن جي سپورٽ سان جلد آزاد ٿي وڃي ٿو، اھڙا واقعا ھر ڏينهن نه صرف سنڌ ۾ پر پوري پاڪستان ۾ سون جي انگ ۾ ٿين ٿا، جن جي نه ته رپورٽ ٿي داخل ٿئي نه ڪو ڪيس ٿو داخل ٿئي. اهڙن کي صرف عمر قيد ئي ملي ٿي ۽ اھي حيوان عوام جي ڀريل ٽيڪس جي پئسن تي جيل ۾ پلجي 20/30 سالن جو قيد پورو ڪري وري اسان جي وچ ۾ گھمي ٿو، سوچڻ جي ڳالهه آھي ته ڇا عمر قيد ئي ان مسئلي جو حل آھي، ته پوءِ اھڙيون وارڌاتون گھٽ ٿيڻ باوجود وڌن ڇو ٿيون؟ ڇا ان کي ٻي ڪا سزا نٿي ملي سگھي؟ جڏهن ته ٻئي پاسي حڪومتي عملدارن جي اها روايت رهي آهي ته جيستائين وڏي سرڪار پاران معاملي تي ڏنڊي ۾ هٿ نه وڌو وڃي تيستائين ڪيس ڪندڙن ماڻهن ۽ عوام کي ڪوڙا دلاسا ۽ آسرا ڏئي ٽڙڪايو وڃي ٿو، ادارن جي اهڙِي حالت جي ڪري ماڻهن جو انصاف تان ويساهه کڄندو پيو وڃي، ان ڏس ۾ سي سي پي او لاهور جو بيان به مذمت جوڳو آهي جنهن لاهور موٽر وي واقعي تي عورت کي ئي ان ڏوهه جو ذميوار قرار ڏيندي بيان ڏنو ته عورت کي رات جو گھران نڪرڻ نه گھرجي ها، افسوس صد افسوس آ اهڙن ڪامورن ۽ انصاف جي رکوالن جي ڳالهين تي.
عبدالرحيم ڪوري/ نئون ديرو
نوان خيال ۽ اسان اڄ جا نوجوان!
خيال غير متحرڪ نٿا ٿي سگهن، خيالن ۾ ته سمنڊن ۽ درياهن جهڙي رواني هوندي آهي، هونئن به آئن اسٽائن جي ٿيوري موجب “ڪائنات جي هر شيءِ حرڪت ۾ آهي” تنهنڪري ڪائنات جي ڪابه شيءِ ساڪن نٿي ٿي سگهي. تنهن ڪري اسان جي سماج،  معاشري ۽ خاص ڪري اسان جي نوجوانن کي گهرجي ته هو نون خيالن ۽ افڪارن جو کليءَ دل سان آڌرڀاءُ ڪن، پر اسان جو الميو اهو آهي ته اسان جا نوجوان مطالعي ۽ ڪتابي سنگت کان صفا ڪٽجي ويا آهن، اهي هر ڪم ۾ سولو رستو (شارٽ ڪٽ) ڳولڻ جا عادي ٿي پيا آهن، اهي جيڪڏهن مطالعو ڪن به ٿا ته اهڙو مٿاڇرو جو انهي جي گهرائي ۾ وڃڻ جي انهن ۾ دلچسپي ڪا نه آهي ۽ نه وري اسان جا نوجوان جيڪي اعليٰ تعليم سان وابستا آهن اهي پنهنجي فيلڊ کان هٽي ڪري 50 صفن وارو ڪتاب به پڙهڻ گوارا نٿا ڪن. ته هاڻي ٻڌايو ته اهڙي حالت ۾ اسان جي نوجوانن ۾ نوان خيال ڪيئن پيدا ٿيندا؟ يا هو ڪهڙي حال ۾ انهن جو آڌرڀاءُ ڪندا؟ هن نازڪ حالت ۾ ته اسان جي سنڌي نوجوانن کي اھڙن خيالن ۽ افڪارن جي اشد ضرورت آهي ڇو ته اهي نوجوان ئي هوندا آهن جيڪي مستقبل ۾ پنهبجي وطن جا گهڻ رخا ليڊر بڻبا آهن، جيڪڏهن اهي نون خيالن ۽ آزاد خيالن جا مالڪ هوندا ته پنهنجي وطن جا مثالي اڳواڻ بڻجي سگهن ٿا، تنهنڪري اسان جو سنڌ جي نوجوانن کي هٿ ٻڌي عرض آهي ته پنهنجي دل نون خيالن ۽ آزاد سوچ لاءِ کوليو ۽ ڪٽر پڻي کان بچو، ڪتابن سان سنگت رکو ته ڪاميابي اوهان کي ڳلي لڳائي .
غلام الله گاڏهي/نصيرآباد 

Bookmark the permalink.