تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

پنهنجن جون چٺيون

ناڪام حڪمران ۽ ادارا!
اسان جي ملڪ ۾ وڏي وقت کان وحشت عام ٿيندي ٿي وئي آهي، اسان تيزيءَ سان انسان کان جانور ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃون، شايد جانور سڏائڻ جي قابل به ناھيون رھيا. ڪجھه ڏينهن اڳ لاھور وارو واقعو انتھائي اذيتناڪ هو، موٽروي تي گاڏيءَ جو پيٽرول کٽڻ تي موٽروي تي بيٺل گاڏي تي رولاڪ بگھڙن ڇتن ڪتن جيان اچي بند پيل گاڏي ۾ ويٺل ٻن معصومن ٻارن جي سامهون سندن ماءُ کي وحشت جو نشانو بڻايو. انهن ٻارن جي دل تان ڇا گذريو ھوندو؟ مطلب اسان جي ملڪ ۾ ھاڻي روڊ تي گاڏي بيهارڻ لاءِ به اسان کي سيڪيورٽي گارڊ رکڻا پوندا، ھاڻي ھر پاڪستاني کي گھر کان نڪرڻ وقت ھڪ عدد “پسٽل” رکڻو پوندو. اسان جي ڏنل ووٽ جي بدلي ۾ اسان کي سڪون ته ٺهيو پر رهيل آرام به ڦٽي ويو آهي، عزت و امن به کسيو ويو آهي، مطلب اسان ووٽ ڪجھ حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر رھيل ڪسر پوري ڪرڻ جي لاءِ ڏنو آهي. هيءَ رياست مدينه مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي، ھتي نه ماءُ، نه ڀيڻ نه ننڍن نينگرين جي عزت محفوظ آھي، روز اهڙا واقعا عام ٿيڻ لڳا آهن. رياست مدينه ۾ حق گھرڻ واري کي يا ته کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي يا حيات بلوچ، شاھين بلوچ جيان بيدرديءَ سان قتل ڪيو ٿو وڃي. چورن، رشوت خورن ۽ لٽيرن، ڦورن ۽ ڪرپٽن جو ڪو نالو نشان به ناهي ملندو، شايد انھن جي تحفظ لاءِ ملڪي آئين ۾ ڪا ترميم ٿيل آھي، جو انھن کي ڪڏھن ڪجھ نه ٿيو آھي، جيڪو ڪجھ ڏوھارين سان ٿيڻ کپي، اھو حق گھرڻ وارن سان پيو ٿئي، تحفظ وري به ظالمن کي مليل آهي. ھاڻي اھو وقت آھي ته سڀ پاڪستاني اٿي پنھنجي عزت ۽ تحفظ جي پاڻ سنڀال ڪريون، حڪمرانن ۽ آفيسرن جي رويي ۾ اهو واضح آهي ته هاڻي اسان پاڻ پنهنجي عزتن جا ذميوار ۽ رکوالا آهيون، رياست جو ڪو نالو نشان ناهي، بس هي هڪ اهڙو ملڪ آهي جتان جا حڪمران لنڊن، پئرس، آمريڪا جا رهاڪو آهن، جيڪي هن ملڪ ۾ صرف حڪمراني ڪرڻ ۽ مال ميڙڻ ايندا آهن، ھاڻ ھر شھري جو سياست ۾ پڻ پير رکڻ لازمي آھي، ھي آمريڪي وڏيرا اسان جي ملڪ کي ڪڏھن به پرامن نٿا رکي سگھن.
سجاد آلکاڻي/حيدرآباد
شهر هئيرو خان کي يوسي جو درجو ڏيو!
شهر هئيرو خان تعلقي جوهي جو هڪ تاريخي شهر آهي، هن شهر جي آبادي 10 هزار کان مٿي آهي ۽ شهر جي آسپاس 10 ننڍا وڏا ڳوٺ آهن پر افسوس جو هن جديد دور ۾ به هئيرو خان شهر سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهي. شهر ۾ اسپتال نه هجڻ سبب ڪيتريون ئي قيمتي جانيون موت جي منهن ۾ هليون وڃن ٿيون ۽ حڪمرانن جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري، ايڏي وڏي آبادي لاءِ تعليم صرف پرائمري تائين آهي، جنهن سبب ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي. ان کان سواءِ گرلز اسڪو گذريل 20 سالن کان بند پيل آهي، جڏھن ته اڄ تائين اتي عملو به مقرر ٿيل آهي، جيڪو گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيو آهي. اسڪول لاءِ ايندڙ بجيٽ ڪامورا کائي ويندا آهن، حيرت جي ڳالھ اها ته ايڏي وڏي ۽ اهم شهر ۾ اڄ تائين صفائي جو عملو به مقرر ناهي ٿيل ۽ شهر جون گهٽيون گند ڪچري جون ڍير بڻيل آهن. دڪاندار پنهنجي مدد پاڻ تحت بازارون ۽ گهٽيون ٻهاري گند ڪچرو ڍوئيندا آھن. شروع کان وٺي هڪ وڏي ناانصافي هن شهر سان جيڪا ڪئي پئي وڃي سا اها ته 10 هزار کان مٿي آبادي رکندڙ ھن شهر کي 2 هزار آبادي رکندڙ ڳوٺ ۾ ضم ڪري ان ڳوٺ کي يوسي جو درجو ڏئي هئيرو خان شهر کي احساس محرومي ۾ رکيو ويو آهي، جڏھن ته يوسي جو حق هميشه وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر جو هوندو آهي، هاڻي رهواسين طرفان شهر هئيرو خان کي يوسي جو درجو ڏيارڻ لاءِ تحريڪ جي شروعات ڪئي وئي آهي. اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته شهر هئيرو خان کي جلد کان يوسي جو درجو ڏئي شهرين کي احساس محرومي کان نجات ڏياري وڃي ۽ شهر کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري شهرين جا اهنج گهٽايا وڃن.
فدا لغاري/هئيرو خان
سنڌ جي وڏي وزير کي مودباڻي گذارش!
سال 2020ع ۾ تعلقي ٽنڊي باگي جي هزارين غريب ۽ مسڪين ماڻهن پنهنجي گهرن جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۽ پنهنجي نياڻين جا فرض لاهڻ لاءِ تعلقي ٽنڊي باگي ۾ قرض ڏيندڙ بئنڪن کان قرض کنيو هو، غريب اهي پنهنجي ڪم آندا جيڪي کين فصل ۽ مزدوري بعد قرض واپس ڪرڻا هئا پر انهن کي ڪهڙي خبر ته ڪورونا وبا سبب 4، 5 مهينا لاڪ ڊائون ٿي ويندو، جنهن ڪري هو کنيل قرض جون قسطون وقت سر ادا نه ڪري سگهيا، لاڪ ڊائون دوران اهي بيروزگار، مسڪين ويتر سيٺن جا کاڌي پيتي جي سامان سبب قرضي ٿي ويا، وري اڃا ڪجهه چيلھ سڌي ڪيائون ته مٿان وري برساتن ۽ ٻوڏ سبب اهي مسڪين نه گهر جا رهيا نه گهاٽ جا. برساتن سبب ڪن جا گهر ڊهي پيا ۽ ڪن جا گھر ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، اهڙي ڏکئي وقت ۾ به ان قرض ڏيندڙ ادارن جا قرض اوڳاڙڻ وارا ايجنٽ انهن غريب هارين ۽ مزدورن کي قسطون ادا ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان تنگ ڪري رهيا آھن. اهڙين حالتن ۾ اهي غريب ماڻهو پنهنجن ٻچن کي ماني ڳڀو کارائڻ لاءِ پريشان آھن. قرض اوڳاڙڻ وارا ورڪر انهن کي قسطن لاءِ تنگ ڪري رهيا آھن. ٻوڏ جي ڪري زرعي بئنڪن ۾ زميندارن جا قرض معاف ٿي سگهن ٿا ته ڇا ٻوڏ متاثرن جا قرض معاف نٿا ٿي سگهن؟ اهڙين ڏکين حالتن ۾ غريب ماڻهو پنهنجا ٻچا پاليندا ۽ گهر ٺاهيندا يا کنيل قرض واپس ڪندا؟! منهنجي وزيراعليٰ سنڌ کي گذارش آھي ته جن هارين ۽ مزدورن ٿرديپ يا وري ڪنهن ٻي خانگي اداري مان مجبورين تحت قرض کنيا آهن تن غريبن جو کنيل قرض معاف ڪرائي يا احساس پروگرام يا بينظير انڪم سپورٽ يا وطن ڪارڊ پروگرام وسيلي ٻوڏ سٽيل تعلقي ٽنڊي باگي جي عوام جي مالي مدد ڪئي وڃي، جيئن هتان جو عوام سک جو ساهه کڻي سگهي ۽ پنهنجا گهرڙا اڏي سگهي، نه ته هتان جو عوام قرضين کان بيزار ٿي آپگھات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو.
ٽابو ميگهواڙ/ملڪاڻي شريف، بدين
ٻُڏي ويل سنڌ، مڇر ۽ پ پ پ جي قيادت!
جيتوڻيڪ هن ڀيري گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ شايد سڀ کان وڌيڪ برساتون پيون آهن ۽ هن ڀيري جيترو سنڌ جي عوام جو خاص طور تي سنڌڙي، سانگهڙ، کپرو، ميرپورخاص، پٿورو، صوفي فقير، عمرڪوٽ روڊ، ڍورونارو، ڇور سميت ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊن جي ٻنهي پاسن کان پنهنجا اجها ۽ ننگ کڻي پنهنجون کٽون اڀيون ڪري گرمي ۽ برسات جي پاڻي کان بچڻ لاءِ کٽن مٿان پلاسٽڪ اوڍي ستل آهن، سنڌ جا ماڻهو فصلن جو آسرو پلي پاڻ ۽ پنهنجي مال کي موتمار مڇرن کان بچائڻ لاءِ مڇردانيون هڻي ڏينهن رات جاکوي پاڻ ۽ پنهنجي مال کي بچائڻ لاءِ ڪوشان آهن، انهن برسات متاثرن وٽ ڪو به حال اورڻ ناهي پهتو، صرف ڏيکاءَ خاطر شهرن ۽ ڳوٺن جي مختلف چوڪن تي وڏا وڏا پينافليڪس لڳل ڪئمپن تي لائوڊ اسپيڪرن تي هلندڙ سياسي ڪلامن سان سنڌ واسين جي بک نٿي پوري ٿي سگھي. وي آءِ پي پروٽوڪول لاءِ روڊن تان تڙيل سنڌي وڃن ته آخر ڪيڏانهن. هو پنهنجن گهرن کان به تڙيا ويا، اباڻا اجها ڊهي پيا، مال مري ويو ۽ قرضدار بڻل سنڌ واسين کي انهن پرائيويٽ بئنڪن ۽ مختلف اين جي اوز جي بالا آفيسرن پاران قرض جي اوڳاڙي لاءِ هر روز پريشان ٿيندو ڏسي اڄ سموري سنڌ حيران آهي. ان ضمير جي فيصلي تي جنهن پنهنجي شهيد پارٽي ڳواڻن جي منشور تي اٽي لٽي ۽ اجهي جي آسري پ پ پ قيادت کي ووٽ ڏنا. غريب جا معصوم ٻار ۽ اٿڻ سان ماني ماني ڪري وري سمهي پون ٿا. هيءَ بددعا آهي جيڪا انهن وڏن ٽائرن وارين گاڏين جي شيشي ۽ ايئرڪنڊيشنر رومز جي ڪنڊن مان داخل ضرور ٿيندي، اڄ پي ايس 51 جو ايم پي اي هاڻوڪو صوبائي وزير ڪٿي آهي؟ ڍورونارو کان ڇور تائين ملڪ هڪ آهي ۽ توهان جي آشيرواد هيٺ ڪم ڪندڙ مفاد پرست ڪامريڊ جيڪي صرف ڦوٽو سيشن ۾ پورا آهن ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکي هڪڙي دوا جي بوتل ڏئي سنڌ کي صحتيابي جون دعائون ڏيندڙ اهي ڪامريڊ اڄ ڪٿي آهن؟ سنڌ جي دعويدار پ پ پ قيادت ۽ عمرڪوٽ جي واڳ ڌڻين کي عوام جي سار لهڻ کپي، نه ته سندن رهيل ساک به متاثر ٿيندي.
عبدالغني “عبد” آريسر/ ڍورونارو
يوسي ڦل جي نمائندن ۽ سرڪاري آفيسرن جو احتساب ڪيو وڃي!
يوسي ڦل هاڻي صرف ٽن ديهن ڦل، پريا ۽ جسڪاڻي تي ٻڌل آھي، 4 سال اڳ يوسي جي عوام جيڪي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلر چونڊيا هئا انهن جي 4 سالن ۾ ڪارڪردگي زيرو رهي، يوسي ۾ وڏي ۾ وڏي ديھ ڦل آھي جنهن ۾ ڦل کان سواءِ ٻھراڙي جو به حصو اچي وڃي ٿو، يوسي جا اهم مسئلا جر جو کارو پاڻي، بجلي جي لوڊشيڊنگ، ڊرينيج، صفائي، ترقياتي ڪم، ناليون، روڊ، اسپتال ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ، مستحقن کي زڪوات نه ملڻ، شھر ۽ ڳوٺن ۾ مڇرن جو آزار، مڇر مار اسپري نه ٿيڻ، سم ۽ ڪلر سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمينون تباهه، ناجائز مڇي جا تلاءَ، پبلڪ هيلٿ جا ناڪارهه ٿيل ڊسپوزل وغيره هيا ۽ اهي ئي مسئلا حل ڪرائڻ جا واعدا ڪري اهي نمائندا عوام کان ووٽ وٺي اقتدار جي ڪرسين تي پهتا پر افسوس جو انهن چونڊيل عوامي نمائندن يوسي جي مقرر آفيسرن، سيڪريٽري، ڪلارڪن سان ملي ڀڳت ڪري يوسي کي مليل فنڊ هڙپ ڪيا ۽ عوام سان ڪيل هڪ به واعدو وفا نه ڪيائون. ڦل جي عوام جو هڪ به مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي به ٻيڻون نه ڪيائون، باقي ضلعي ڪائونسل نوشھروفيروز طرفان مليل نالين ۽ فرشبندي جون ڪجھ اسڪيمون مليون، جيڪي به يوسي اڳواڻن پنهنجي من پسندن کي ڏئي ڇڏيون، ڦل اندر قبرستان، عيدگاهه ڏانهن ويندڙ اهم رستو ٺھرائڻ جو عوامي مطالبو به نه مڃيائون، عوام جو چونڊيل چيئرمين سڄا سارا 4 سال يوسي آفيس ۾ صرف چند ڏهاڙا ئي ويٺو، باقي وائيس چيئرمين آفيس کي خوب ٽائيم ڏنو، يوسي آفيس جي زبون حال چوديواري کي به نه ٺھرايو ويو، يوسي آفيس جي پارڪن تي به ڌيان نه ڏنو ويو، جنهن ڪري اهي ويران آهن، هاڻي يوسي ڦل جي عوام جو هڪ ئي مطالبو آھي ته يوسي کي هر مهيني ملندڙ 5 لک رپيا ۽ دڪانن جي مسواڙ جا پيسا انهن جو حساب ڪتاب ڪيو وڃي ان لاءِ هتان جي عوام جو نيب، اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي کان مطالبو آھي ته يوسي جي رڪارڊ جي انڪوائري ڪرائي فنڊ هڙپ ڪندڙن عوامي نمائندن ۽ يوسي سيڪريٽري کي قانون جي دائري ۾ آندو وڃي.
محمد خالد ميمڻ/ڦل، نوشهروفيروز
ڇا توهان کي خبر آهي؟‎
سنڌ ۾ 15 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ نئون تعليمي سال 154 ڏينهن جو هوندو، 15 اپريل 2021ع تائين نصاب مان اهم سبجيڪٽ 40 سيڪڙو مڪمل ڪرائڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي پاران هلندڙ تعليمي سال 154 ڏينهن جو ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن موجب نائين ۽ ڏهين ڪلاس ۾ سائنس، ميٿميٽڪس ۽ ٻولين جا سبجيڪٽ 40 سيڪڙو، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا ساڳيا سبجيڪٽ 30 سيڪڙو، 6 کان اٺين درجي تائين جا ساڳيا سبجيڪٽ 50 سيڪڙو پڙهائڻ لازمي هوندا، اهڙي ريت پهرين کان پنجين ڪلاس تائين لاءِ انگي حسابن سميت سموري جنرل ناليج جو 30 سيڪڙو نصاب مڪمل ڪرڻ لازمي هوندو. جڏهن ته نئين تعليمي سال جي امتحانن واري شيڊيول موجب چوٿين کان 8 ڪلاس جي شاگردن جا امتحان 12 کان 16 اپريل تائين وٺي نتيجا 19 اپريل 2021ع تي جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته پهرين کان ٽئين درجي تائين جي شاگردن کي مٿئين درجي ۾ ٽپايو ويندو، نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان 7 کان 17 اپريل تائين ٿيندا، جن جا نتيجا 19 جولاءِ 2021ع تي ايندا، جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين درجي جا امتحان 18 کان 29 مئي تائين ٿيندا، جولاءِ مهيني کان ويڪيشن ٿيندي، جڏهن ته 6 سيپٽمبر 2021ع تي يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا نتيجا پڌرا ڪيا ويندا، ايندڙ تعليمي سال پرائمري کان اٺين درجي تائين 3 مئي کان شروع ٿيندو، جڏهن ته نائين کان وٺي ٻارهين درجي جا ڪلاس 2 آگسٽ کان شروع ٿيندا.
عبدالصمد کوسو، ڳوٺ مولوي سراج الدين کوسو، تنگواڻي
سرڪاري اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪير ڪرائيندو؟
ڪورونا جي وبا کان بچڻ لاءِ سنڌ حڪومت ٻارن جي حفاظتي خاطر اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي لڳ ڀڳ 7 مهينا گذري چڪا آهن. هن وقت حڪومت 15 سيپٽمبر کان مرحليوار سختي سان ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت تي اسڪولن کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. تعليمي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن گڏجي ڪجهه وقت اڳ اسڪولن لاءِ ايس او پيز تيار ڪري سڀني سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ڏانهن اماڻيا آهن. هن وقت حڪومت جي پاران 15 سيپٽمبر تي اسڪولن کولڻ واري اعلان کان پوءِ سنڌ جا خانگي اسڪول سختيءَ سان ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ واريون پاليسيون ٺاهڻ ۾ مصروف عمل آهن ۽ انهن وٽ پڻ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جا ذريعا موجود آهن. خانگي اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگرد ايس او پيز موجب اسڪول وڃي پڙهندا؟ ڇا سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن جا والدين ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي سگهه رکن ٿا؟ ڇاڪاڻ ته هن وقت سرڪاري اسڪولن ۾ڏيهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت جو اولاد ئي پڙهي رهيو آهي ته پوءِ جيڪي والدين غربت ۽ تنگدستي سبب ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا اهي ڪهڙيءَ ريت ايس او پيز لاءِ ماسڪ، سينيٽائيزر ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪري سگهندا، جيڪڏهن سرڪاري اسڪولن جي ڳالهه ڪجي ته ڪافي سالن کان سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن کي مفت ڪتاب به مڪمل طور ناهن ملندا، شاگردن لاءِ جيڪو ساليانو وظيفو ايندو آهي اهو به سمورن شاگردن کي ناهي ملندو ته پوءِ هاڻي ته شاگردن جي زندگي ۽ صحت جو سوال آهي؟ جيڪڏهن حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرايو ۽ سامان شاگردن کي نه ڏنو ويو ته پوءِ شاگردن جي صحت ۽ زندگي جو سوال پيدا ٿيندو. حڪومت کي گھرجي ته سرڪاري اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۽ شاگردن کي ايس او پيز واريون سهوليتون ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي سختي سان عمل ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪري، سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ غريب ٻارڙن جي صحت جو خيال رکي کين سامان جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، جيڪو حڪومتي فرض پڻ آهي.
گل محمد سومرو /گلستان جوهر، ڪراچي
منهن زور برساتون ۽ ميسارجندڙ موهن جو دڙو!
جتي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ برسات مجموعي طور تي ضلعي کي نقصان پهچايو آهي، اتي سڀ کان وڏو نقصان موهن جي دڙي جي قديم آثارن جو به ٿيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ پيل برسات سبب ميوزيم جي پوئين حصي واري ڀت جي ڀرسان لاڳيتو پاڻي بيهڻ ڪري ڀت ڊهڻ ۽ قيمتي نواردات ضايع ٿيڻ جو پڻ خدشو آهي، برسات سبب قديم کنڊرن جون ڀتيون ڳرڻ لڳيون آهن، کنڊرن اندر پاڻي بيهي وڃي ٿو ۽ ڪافي نقصان رسيو آهي، آرڪيالاجي کاتو برسات جي صورت ۾ موهن جي دڙي کي بچائڻ جو خاص منصوبو جوڙي نه سگهيو آهي، ان ڏس ۾ ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آهي. چوندا آهن ته جڏهن گهر کي باهه لڳندي آهي ته سڀ کان اڳ قيمتي شيون بچائبيون آهن، اهو غير سنجيده ۽ لاتعلق ئي آهي جنهن موهن جي دڙي جهڙي عالمي ورثي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، 5 هزار سال پراڻي موهن جي دڙي جي تهذيب جو تقدس پائمال ڪرڻ سنڌي قوم جي زخمن تي لوٽ ٻرڪڻ برابر آهي. موهن جو دڙو ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي، آرڪيالاجي کاتو ان قومي اثاثي کي بچائڻ لاءِ ڪنهن به ريت سنجيده ناهي موهن جي دڙي کي برسات کان بچائڻ لاءِ ڪو سگهارو منصوبو نه ٺاهيو ويندو تيستائين برساتون ايئن ئي وسنديون رهنديون ۽ ائين ئي موهن جو کنڊر ڳرندو رهندو ۽ ان کنڊر اندر پاڻي بيهي ڀتين جون پاڙون ڪمزور ڪندو رهندو. سو موهن جي دڙي کي بچائڻ لاءِ جنهن غير معمولي ساڃاهه ۽ دلچسپي ۽ ڊيوٽي جي ضرورت آهي سا موجود ناهي ان ڪري لڳي ٿو ته صرف رت جا ڳوڙها ئي وهائڻا پوندا.
ارشاد شيخ/ مينهنل آباد موهن جو دڙو
ڏکن جي وارتا!
قدرت جو ڪرشمو آهي ته پاڻ مسلمان ڪوٺيان ٿا وڃو. اسلام جهڙي معتبر دين جي ڪري انسان مسلمانن يا اسلامي جهموريت تي يقين ڪن ٿا. پر ڪجهه دل کي ڌوڏڻ وارا واقعا اهو ثابت ٿا ڪن ته هن دور جو انسان ان قوم کان به ڪريل آهي، جنهن قوم تي الله تعاليٰ جو قهر نازل ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته انهن جا عمل اڃا به هن دور جي انسان کان شايد گھٽ هئا. انسان جي تذليل ڪرڻ ۾ ڪنهن کي ڪا تڪليف به نٿي ٿئي، نه ئي ڪو انهن جي دل ۾ ڪو رحم جو ڏيئو ٿو ٻري، نه ئي انهن کي پنهنجي ماءُ، ڀيڻ يا پنهنجي ڌيءُ به ياد ٿي اچي. ڳالھه سنڌي يا پنجابي جي ناهي. غور لائق ڳالهه اها آهي ته انسان ئي انسان جي تذليل ڪري رهيو آهي. تازو ئي لاهور ۾ گجر پورا موٽروي تي پيش ايندر واقعي انساني کي شرمائي ڇڏيو آهي. ان وحشياڻي واقعي سان دل ڏڪي وئي، ثنا نالي عورت پنهنجي ٻن ٻارن سان گڏ رات جو گوجرانوالا کان لاهور وڃي رهي هئ،. رنگ روڊ کان ٿي موٽروي ويجهو پهتي ته، سندس ڪار جو پيٽرول پورو ٿي ويو. جنهن تي هن پنهنجي گهر وارن کي اطلاع ڏنو پر، گوجرانوالا ۽ لاهور جي وچ ۾ تقريبن 70، 80 ڪلوميٽر جو فاصلو آهي، جنهن تي ثنا جي گهر وارن هن کي صلاح ڏني ته تون 130 موٽر وي هيلپ لائين تي ڪال ڪري مدد گھر، جيئن موٽروي پوليس توهان کي تحفظ ڏئي. ان موٽروي جي آسپاس ويراني ۽ جهنگ آهي. ان عورت جا گهر وارا واقعي واري جاءِ تي پهتا ته ڪار جي ڊرائيونگ سائڊ وارو شيشو ڀڳل هو ۽ رت جا نشان به هئا. جڏهن گهر وارن عورت جي ڳولا ۽ ڳولا بعد هنن کي ٻار نظر آيا جيڪي انتهائي ڊنل هئا ۽ کين عورت روئيندي ملي، جنهن اهو ٻڌايو ته ٻه وحشي هن جي ڪار جي ويجهو آيا. پنهنجي حفاظت جي ڪري ڪار جو شيشو ڏنل هو. هنن فرلٽ جي ڪوشش سان ڪار جو شيشو ڀڳو ۽ کيس ٻارن جي سامهون وحشت جو نشانو بڻايو، حڪومت کي پرزور اپيل ٿي ڪجي ته هنن ماسخور وحشين کي سرعام ڦاسي جي سزا ڏني وڃي يا ڪو قانون کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.
نقاش علي قمبراڻي/ هالا
حوس پرست ماڻهن کي لغام ڏيو!
هي ڇا پيو ٿئي، حوس پرست ماڻهن ڌرتي ٽامو بڻائي ڇڏي آهي، هرطرف فرعونيت راغب آهي، ظلم جي انتها ٿي وئي آهي، انسانيت ڳولي نٿي لڀي، هرطرف وحشت ۽ دهشت ڇانيل آهن، فحاشي ماڻهن جي ذهنن ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهي آهي. ماڻهن جون نظرون ٿڃ پياڪ ٻارن کي به تڪڻ لڳيون آهن، جيڪي اڃا گگدام گلڙا ۽ معصوم آهن،  جن کي  ڌاريو به پنهنجو لڳندو آهي، جن کي پرائي ۽ پنهنجي کي پرکڻ جي به سڌ ناهي هوندي، جيڪي نيڪ نيت ۽ بدنيت کي به سڃاڻي نٿا سگهن، اهڙن گلڙن کي مرجھايو پيو وڃي، گذريل ڏينهن اڳ ڪراچي جي پير بخاري ڪالوني واسڻ 5 ورهين جي نياڻي مروا سان ٿيندڙ ظلم جو داستان به انسانيت جو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آهي. آئون ته 4 ڏينهن گذرڻ بعد به ان صدمي مان نڪري ناهيان سگهيو، 5 ورهين جي پتڪڙي جان کي وحشين ڪيئن قتل ڪيو هوندو ۽ قتل ڪرڻ کان پوءِ لاش جي تذليل ڪرڻ، ان کي ساڙي ڪچري تي اڇلائڻ يقين ڪنهن وڏي شيطان جو ئي ڪم آهي، جنهن کي مروا جي مرڪندڙ معصوم چهري کي ڏسي به  رحم نه آيو، ڇا ان وحشي وٽ ٻار ناهن، ڇا هو بي اولاد آهي؟ ڇا ان کي نياڻيون ناهن؟ ڇا ان جو گهر ٻارن کان ويران آهي؟ جي نه ته ان کي معصوم نياڻي تي رحم ڇو نه آيو؟ ڊاڪٽرن اهو شڪ ظاهر ڪيو آهي ته نياڻي کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو آهي، حد ٿي وئي 5 سالن جي معصوم نياڻي سان زيادتي! افسوس صد افسوس، يقينن ان وقت ڪائنات به ضرور شرمسار ٿي هوندي. ڌرتي به پنهنجو توازن وڃائي ويٺي هوندي، آسمان جون اکيون به آليون ٿيون هونديون، تارا رڙيون ڪري رنا هوندا، چنڊ کان چانڊوڪي وکيرڻ وسري وئي هوندي ۽ سج ڪنهن اونهي کاهي ۾ ڪري پيو هوندو. تازو لاهور موٽروي تي بيوس عورت کي ڪار مان لاهي پنهنجن ٻارن سامهون  اجتمائي زيادتي وارو واقعو به هانءُ ڏاريندڙ آهي. سچ پچ ته اهڙا ماڻهو انسان جي روپ ۾ بگھڙ آهن، اهڙن کي سزائون ڏيڻ گهرجن، انهن کي سري عام ڦاهي ڏني وڃي، اسان کي حوس پرست ماڻهن کي لغام ڏيڻ گهرجي، انهن کي روڪڻ گهرجي جيئن اڳتي اهڙا واقعا پيش نه اچن، نياڻون سک جو ساهه کڻن.
داس ساگر گيدوراني/مٺي

Bookmark the permalink.