تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

پنجگور ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 3 جوان شهيد ۽ 8 زخمي ٿي پيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽر) پاڪ فوج جي ترجماني اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ٿيل بيان موجب پنجگور جي علائقي گِچَڪِ وادي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي. دهشتگردن جي فائرنگ ۾ سڪيورٽي فروسز جا 3 جوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته 8 جوان زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب زخمي ٿيل پاڪ فوج جي 8 جوانن مان 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.