تازا ترين
  • *تنگواڻي ۾ باگڙي برادري جي گهرن کي باهه، چوپايو مال ۽ٻيو سامان سڙي رک*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران زرعي دوائن جي دڪانن سميت گڊز ٽرانسپورٽ کي کولڻ جي اجازت*
  • *غوثپور ۾ 2 مغوي بازياب: پوليس پاران مقابلي بعد هڪ هٿياربند کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ * غوثپور/ڪرمپور: 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل زوهيب ۽ فردوس پٺاڻ کي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو *
  • *ڪراچي: وڏي وزير پاران عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار کير جا دڪان رات 8 وڳي تائين کولڻ جو حڪم*
  • *اسلام آباد: وزيراعظم جو ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان * اسلام آباد:ڪورونا وائرس بزرگن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي:عمران خان * اسلام آباد: ڪهڙي قسم جو لاڪ ڊائون ڪامياب نٿو ٿي سگهي: عمران خان * اسلام آباد:قوم متحد ٿي ڪورونا وائرس سان وڙهي سگهي ٿي: وزيراعظم * اسلام آباد: 5 کان 7 ڏينهن تائين ڪورونا جي صورتحال واضح ٿي ويندي:وزيراعظم * اسلام آباد: قوم کي چوان ٿو ته هيءَ جنگ اسان کي گڏجي وڙهڻي آهي:عمران خان * اسلام آباد: ماڻهن جي بُکن تي پئسا ٺاهيندڙ منافعي خورن کي بخش نه ڪبو:وزيراعظم * اسلام آباد: منافعي خورن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: عمران خان *
  • *ڪراچي: هاڻي مون کي ڪورونا وائرس ناهي: صوبائي وزير سعيد غني جو وڊيو بيان*
  • *ڪراچي: ڪورونا وائرس: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تبليغين کي روڪيو ويو، مرڪزن کي پوليس جو ڪڙو، چرپر تي پابندي * ڪراچي: لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڄامشورو سميت ٻين شهرن ۾ پوليس تبليغين کي روڪي ورتو *
  • *ڪراچي: جمعي نماز دوران اجتماع ڪندڙن خلاف ڪيس ختم ڪريو: وڏي وزير جي آءِ جي سنڌ کي هدايت * ڪراچي: جن به ماڻهن ضمانتون ڪرايون آهن، انهن کي پنهنجا مچلڪا واپس ڪيا ويندا: وڏو وزير * ڪراچي: عالمن حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي: سيد مراد علي شاهه*
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 21 متاثر صحتياب: انگ 41 ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڊي ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون:اسلم لانگاهه وڏي عرصي بعد بدلي، سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر *حيدرآباد: مورو، جهول، کپرو، ٽنڊوالهيار، حسين آباد سميت اٺن تعلقن جا ڊي ايس پيز بدلي *حيدرآباد: انور شيخ جي جاءِ تي اسلم لانگاهه کي سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪيءَ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.*
  • *ڪريم بخش کوسو ڀرسان مينهن ٽَڪر هڻي ڇهن ٻارن جي پيءُ کي ماري ڇڏيو*
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*

پنجاب ۾ اناج منڊيون ۽ ڀاڻ دڪان کليل: سنڌ ۾ بندش: زراعت کي سياست جي ور نه چاڙهيو: ايوان زراعت

سنڌ جي آبادگارن جي اپيلن باوجود سرڪار اناج منڊين، ٻِج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي دڪانن کي کاڌ خوراڪ واري سيڪٽر ۾ شامل ڪري ڇوٽ نه ڏني

اناج منڊين جي بندش سبب ڀاڻ ، ٻج ۽ زرعي دوائون نه ملڻ ڪري خريف جي ناڻي وارن فصلن ڪمند، مرچ، سارين جي آڳاٽي پوکي نه ٿي سگھي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پنجاب ۾ لاڪ ڊائون باوجود ٻِج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا دڪان توڙي پيڍيون کليل، آبادگارن جي مطالبي باوجود سرڪار اناج منڊين، ٻِج، ڀاڻ کي کاڌ خوراڪ واري سيڪٽر ۾ شامل ڪري ڇوٽ نه ڏني، ڪڻڪ جي خريداري نه ٿيڻ ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اٽي جي بحران جو خدشو، تازين برساتن ۽ ڳڙي سبب کَرن ۾ پيل ڪڻڪ کي ڪاپاري نقصان رسيو، ميرپورخاص ۽ سکر ڊويزن ۾ ڪڻڪ جا لابارا رُڪيل، خريف جي ناڻي وارن فصلن ڪمند، مرچ، سارين جي آڳاٽي پوکي نه ٿي سگھي آهي. سنڌ ۾ اناج منڊيون، زرعي دوائن، ڀاڻ ۽ زرعي ٻِج جا دڪان بند هئڻ واري معاملي بابت “پنهنجي اخبار” ۾ خبر شايع ٿيڻ کانپوءِ زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي اڳواڻن سان رابطو ڪري کين خاطري ڪرائي آهي ته جلد زرعي شعبي سان لاڳاپيل دڪان کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. اهڙي خاطري باوجود ڪالهه تائين زراعت کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته زراعت کاتي جي اختيارين رابطو ڪري خاطري ته ضرور ڪرائي آهي پر اڃا تائين نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ جي زراعت کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، پنجاب حڪومت اناج منڊين کان وٺي پيسٽي سائيڊ ۽ ڀاڻ جي دڪانن کي کاڌ خوراڪ واري سيڪٽر ۾ شامل ڪري لاڪ ڊائون کان آجو قرار ڏنو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت اهڙي ڇوٽ ڏيڻ کان ڪيٻائي رهي آهي، اسان کي اهو چيو ويو آهي ته زراعت وارن معاملن بابت حتمي فيصلو وزيراعليٰ ڪندو، هن چيو ته گڊز ٽرانسپورٽ بند ٿيڻ ڪري بدين ۾ ٽماٽي جو اگھه گھٽجي 5 رپيا في ڪلو تي پهتو آهي، زرعي دوائون نه ملڻ ڪري ڀينڊيون ۽ ميها سڙي تباھ ٿي رهيا آهن، ڪڻڪ جي اوپن مارڪيٽ توڙي خوراڪ کاتي پاران خريداري نه ڪرڻ سبب هاري توڙي آبادگار روڪ رقم لاءِ واپارين کان اوڌر وٺڻ تي مجبور آهن. جيڪي پڻ موجوده صورتحال ۾ اوڌر ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ٻئي طرف سنڌ سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ گڏيل طور تي وزيراعليٰ سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته زرعي معيشت کي بچائڻ لاءِ زراعت سان لاڳاپيل ٻِج، ڀاڻ، زرعي دوائن، ٽريڪٽر ٽرالين،، لاباري جي مشينري جي سپلاءِ توڙي خريداري لاءِ لاڳاپيل دڪان کولڻ جي اجازت ڏني وڃي.

Bookmark the permalink.